سمرقند
قسط اوڻهين
ترجمو: زاهده ابڙو
الاموت سلجوقي سلطنت ۾، ان وقت جڏهن اها دنيا جي سڀ کان وڌيڪ طاقتور سلطنت هئي، هڪ عورت پنهنجن اگهاڙن هٿن سان حڪومت تي قبضي ڪرڻ جي جرئت ڪئي هئي. پنهنجي خيمي اندر ويهي هن ايشيا جي هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين فوجن جون قطارون بيهاري ڇڏيون هيون، حڪمران ۽ وزير، والي ۽ قاضي مقرر ڪيا هئا، خليفي کي پيغام جي صورتخطي ڪرائي هئائين ۽ الاموت جي صاحب کي قاصد موڪليا هئا. انهن اميرن کي جيڪي کيس فوجن کي حڪم ڏيندو ٻڌي، ناگواري محسوس ڪندا هئا، هن اهو جواب ڏنو هو: ”هتي مرد جنگ وڙهندا آهن، پر عورتون ئي آهن جيڪي انهن کي ٻڌائنديون آهن ته جنگ ڪنهن جي خلاف وڙهڻي آهي،“
سلطان جي حرم ۾ کيس ”چيني عورت“ چئي سڏيو ويندو هو. هوءَ سمرقند ۾ پيدا ٿي هئي، اهو گهراڻو جيڪو اصل ۾ ڪاشغر کان آيو هو ۽ پنهنجي رتبي واري ڀاءُ نصرخان وانگر ان جي چهري تي به خدوخالن جا آثار نمايان نه هئا، نه عربن وانگر سامي نقش، نه ايرانين جهڙا آريائي نڪ نقشا.
هيءَ مَلڪ شاهه جي زالن مان عمر جي لحاظ کان سڀني کان وڏي هئي. جڏهن سندس شادي ٿي هئي ته ان وقت مَلڪ شاهه صرف نون سالن جو هو ۽ هوءَ يارهن سالن جي. هوءَ ڏاڍي صبر سان سندس بلوغت تائين پهچڻ جو انتظار ڪندي رهي. هن سندس مڇن جي شروعاتي ساوڪ کي اُڀرندي محسوس ڪيو هو، سندس جسم ۾ خواهش جي غير متوقع اُڀرڻ کي محسوس ڪيو هو ۽ سندس جسماني عضون کي وڌندي ويجهندي ڏٺو هو، تان جو هو هڪ عظيم الشان بڪواسي بڻجي ويو، جنهن کي هن جلد ئي پنهنجو اطاعت گذار بنائڻ سکي ورتو هو، سندس پسنديده زال جي حيثيت ۾ ڪڏهن به ڪا گهٽتائي نه آئي، جنهن جي هميشه تعريف ڪئي ٿي ويئي، محبت جو اظهار ٿي ڪيو ويو، عزت ۽ احترام ڪيو ٿي ويو ۽ سڀ کان وڌيڪ سندس ڳالهه ٻڌي ۽ ان جي تعميل ڪئي ٿي وئي. ڏينهن جي اختتام تي، يا شينهن جي شڪار، راندين جي مقابلي، ڪنهن خوني جهڙپ، اميرن جي پرشور مجلس يا بدتر…. نظام جي ڪنهن به ڪاروباري معاملي کان بيزار ڪندڙ ويهڪ کان واپسيءَ تي، اها ترڪين ئي هئي جنهن جي ٻانهن ۾ مَلڪ شاهه کي راحت ٿي ملي. هن سندس نيم شفاف ريشمي غلاف لاهي ڦٽو ٿي ڪيو ۽ سندس برهنه جلد سان گڏ چنبڙي ليٽي ٿي پيو، ڇيڙڇاڙ ٿي ڪيائين ۽ پنهنجي ڪارنامن جو ذڪر ٿي ڪيائين ۽ کيس ٻڌايائين ٿي ته ڪهڙيون ڳالهيون کيس ڳڻتيءَ ۾ مبتلا ڪري رهيون آهن. چيني عورت جوش ۾ ايندڙ شينهن جي چوڌاري پنهنجون ٻانهون پکيڙي ٿي ڇڏيون، کيس ڍڪي ٿي ڇڏيو، ۽ پنهنجي جسم جي گهنجن ۾ ڪنهن سورمي وانگر سندس ڀليڪار ٿي ڪئي ۽ دير تائين کيس مضبوطيءَ سان ڀڪوڙي ٿي رکيائين ۽ جيڪڏهن کيس ڇڏيائين ٿي ته ٻيهر پنهنجي گرفت ۾ وٺڻ لاءِ، هو پنهنجي وزن سان پکڙجي ٿي ويو، فتح ڪندي، بي دم، متيع ۽ سحرزده. هوءَ کيس لذت جي انتها تائين وٺي وڃڻ چاهيندي هئي.
پوءِ، سندس سنهڙيون سنهڙيون آڱريون ڏاڍي نرميءَ سان هن جي ڀِرن تي ترڪڻ لڳنديون هيون، سندس پلڪن تي، هن جي چپن تي، بنا ڪجهه چوڻ جي ۽ سندس پُسيل ڳچيءَ مٿان، شينهن متيع ٿي چڪو هوندو هو، خرخر جا آواز ڪڍڻ لڳندو هو، چپ چاپ پيو هوندو هو، مسڪرائڻ لڳندو هو، ترڪين جا لفظ هاڻي هن جي روح جي خانن ۾ وهڻ لڳندا هئا. هو سندس ڳالهيون ڪندي، پنهنجيون ۽ پنهنجن ٻارن جون. هوءَ کيس حڪايتون ٻڌائندي هئي، سندس شعر پڙهندي، حڪمت ۽ نصيحت سان ڀرپور ڪهاڻيون سرگوشيءَ سان ٻڌائيندي هئي. هو سندس ٻانهن ۾ هڪ لمحي لاءِ به بيزاري يا اداسي محسوس نه ڪندو هو ۽ هر شام سندس قرب ۾ رهڻ جو عزم ڪندو هو. هو ساڻس پنهنجي مخصوص غير مهذب، ٻاراڻي ۽ حيواني انداز ۾ محبت ڪندو هو ۽ آخري ساهه تائين ڪرڻ ٿي چاهيائين. هن کي خبر هئي ته هو کانئس ڪنهن شيءَ لاءِ به انڪار نٿو ڪري سگهي ۽ هوءَ ئي هئي جيڪا سندس ڪنهن وقت جي فتحن، داشتائن يا صوبن جي منصوبه بندي ڪندي هئي. پوري مملڪت ۾ سواءِ نظام جي سندس ڪوبه مدِمقابل نه هو ۽ 1092 جي ان سال ۾ هوءَ کيس پاڙئون پٽڻ واري حد تي بيٺي هئي.
ڇا چيني عورت ان ڳالهه تي نازان ۽ خوش هئي؟ ڪيئن ٿي ٿي سگهي؟ جنهن لمحي تنها ٿي ٿي وئي يا پنهنجي رازدان جهان سان گڏ هئي، ته هن هڪ ماءُ، هڪ سلطانه وانگر ڳوڙها ٿي ڳاڙيا. هن پنهنجي تقدير جي ناانصافيءَ جي گِلا ٿي ڪئي ۽ ڪوبه سندس ان ڳالهه تي کيس ڏوهه ڏيڻ وارو نه هو. سندس سڀني کان وڏي پٽ کي مَلڪ شاهه پنهنجو وارث مقرر ڪيو هو ۽ کيس هر دوري ۽ هر تقريب ۾ گڏ گڏ وٺي ٿي ويو، پيءُ پنهنجي سپوت تي ايڏو ته نازان هو جو هر جاءِ تي سندس نمائش ٿي ڪيائين، کيس هڪ هڪ ڪري پنهنجا صوبا ٿي ڏيکاريائين ۽ ان ڏينهن جو ساڻس ذڪر ٿي ڪيائين، جڏهن هو ان جو وارث بڻبو. ”ڪنهن سلطان پنهنجي پٽ لاءِ ايڏي وڏي سلطنت ڇڏي آهي!“ هن کيس ٿي چيو اهڙي وقت ۾ ترڪين خوشيءَ کان باغ و بهار ٿي ٿي وئي ۽ ڪا ناخوشگواري به سندس مُرڪن ۾ حائل نٿي ٿي سگهي.
پوءِ اوچتو ئي اذيتناڪ ۽ موذي بخار وارث جي جان وٺي ويو. طبيب ڪجهه نه ڪري سگهيا، رڳن مان خراب خون ڪڍڻ ۽ لپري ٻڌڻ جا نسخا لکندا رهيا، ڇوڪرو ٻن راتن ۾ گذاري ويو. چيو وڃي ٿو ته اهو سڀ بدنظر جو نتيجو هو يا کيس سڀني جي اڳيان آڻڻ جو. ترڪين آخرڪار پنهنجي ڳوڙهن تي ضبط ڪيو ۽ پنهنجي حالت کي بحال ڪيو. جڏهن ماتم جا ڏينهن پورا ٿيا ته هن پنهنجي ٻئي پٽ کي تخت جو وارث نامزد ڪرايو. مَلڪ شاهه جلد ئي ان جو گرويده ٿي ويو ۽ کيس مسلسل لقب ڏيندو رهيو، جيڪو هڪ نون سالن جي نوجوان لاءِ عجب جهڙو هو، پر ظاهر آهي اهو وڏي جاه و حشم، شان و شوڪت ۽ رعب ۽ دٻدٻي جو دور هو: ”شهنشاهه، عماد الملڪ، محافظِ اميرالمومنين“…
بدنظر جي نحوست کي نئين وارث جو ڪم، تمام ڪرڻ ۾ ڪا دير نه لڳي. هو به پنهنجي ڀاءُ وانگر ائين ئي اچانڪ مري ويو ۽ ساڳئي مشڪوڪ بخار هٿان.
چيني عورت جو آخري پٽ بچيو هو، جنهن کي هن وارث مقرر ڪرڻ لاءِ سلطان کي چيو. هن ڀيرو معاملو ايترو آسان نه هو، ڇو ته ٻار صرف ڏيڍ سال جو هو، ۽ مَلڪ شاهه جا ٽي ٻيا پٽ به هئا، جيڪي ان ٻار جي عمر کان وڏا هئا. انهن مان هڪ ٻه ته غلام عورتن جي بطن مان هئا، پر سڀ کان وڏو برڪيارُق (امير و صاحب مقام) سندس چاچي جي ڌيءَ مان هو. انهن کان نظر چورائڻ لاءِ هو ڪهڙو حيلو استعمال ڪري ٿي سگهيو؟ ان شهزادي کان علاوه، جيڪو ماءُ ۽ پيءُ ٻنهي طرفن کان خالص سلجوق هو، ٻيو ڪير ٿي ٿي سگهيو، جنهن جي تخت جي وارث جي حيثيت سان رتبيٰ افزائي ڪري سگهجي ها؟ گهٽ ۾ گهٽ نظام جو ته اهو ئي خيال هو، جيڪو ترڪي جي جهڳڙي بازن ۾ ڪنهن قدر نظم و ضبط داخل ڪرڻ جو خواهشمند هو. جنهن کي هميشه اهو اشتياق رهيو ته ڪنهن قسم جي موروثي سلسلي جي بنياد وجهڻ کانسواءِ ۽ دنيا جي بهترين دليلن سان گڏ ان ڳالهه تي اصرار ڪيو وڃي ته مَلڪ شاهه جي سڀ کان وڏي پٽ کي ئي وارث مقرر ٿيڻ گهرجي، پر هو ان ۾ ناڪام رهيو.
مَلڪ شاهه جي همت ئي نٿي ٿي ته هو ترڪين جي مرضي خلاف وڃي ۽ جيئن ته هو سندس بطن مان پيدا ٿيندڙ ڇوڪري کي نامزد نٿي ڪري سگهيو، ان لاءِ هن ڪنهن کي به نامزد نه ڪيو ۽ هن بغير وارث مقرر ڪرڻ جي مرڻ جو خطرو کڻي ورتو، جيئن سندس پيءَ ڪيو هو ۽ جيئن سندس قبيلي جو رواج هو.
ترڪين کي تسلي نه ٿي هئي ۽ ان وقت تائين نه ٿيڻ واري هئي، جيستائين هن پنهنجي خانداني سلسلي جي تحفظ جو پورو اطمينان نه ٿي ڪيو. ٻين لفظن ۾ دنيا ۾ ڪنهن ٻي شيءِ کان وڌيڪ هوءَ نظام کي، جيڪو سندس ارادن جي اڳيان رڪاوٽ بڻيل هو. کيس انتهائي ذلت ۾ ڏسڻ جي خواهشمند هئي. سندس موت جو حڪم حاصل ڪرڻ لاءِ هوءَ، خفيه سازش ڪرڻ لاءِ تيار هئي، بلڪه ڌمڪيون ڏيڻ تائين تيار هئي، ۽ حشاشين سان ٿيندڙ روزاني ڳالهه ٻولهه متعلق پنهنجو پاڻ کي باخبر ٿي رکيائين. هوءَ سلطان ۽ وزير جي بغداد واري سفر ۾ ساڻن همراهه هئي ۽ نظام جي موت وقت اتي موجود هجڻ جي شدت سان خواهش ٿي ڪيائين.
هي نظام جو آخري طعام هو افطار جو دسترخوان. اها دعوت جيڪا رمضان جي ڏهين روزي کولڻ تي ڏني ويندي آهي. معزز، درٻاري ۽ فوجي آفيسر سڀ جا سڀ رمضان جي مهيني ۾ غيرمعمولي احترام ۽ پرهيزگاري ڏيکاري رهيا هئا، ماني هڪ وڏي ديوهيڪل خيمي ۾ لڳائي وئي. غلام مشعلون کڻي بيٺا رهيا ته جيئن مهمانن کي کاڌي جي چونڊ ڪرڻ ۾ ڪا ڏکيائي نه ٿئي. سٺ حوسناڪ هٿ چانديءَ جي وڏن وڏن ٿالهن طرف وڌندا رهيا، اُٺ ۽ رڍ جي بهترين ٽڪرن ۽ تتر جون بهترين ٽنگون گهاٽي شوربي مان کڻندا رهيا. انهن کاڌو ورهايو، چيريو ڦاڙيو ۽ هڙپ ڪيو. جيڪڏهن ڪا ذائقيدار شئي ڪنهن جي هٿ ٿي لڳي ته اهو پنهنجي ڀر ۾ ويٺل جنهن جي هو عزت افزائي ڪرڻ چاهي پيو. ان کي پيش ٿي ڪيو.
نظام تمام گهٽ کائي رهيو هو. اڄ سندس تڪليف غيرمعمولي طور وڌيل هئي. سندس سيني ۾ شديد تپش هئي ۽ سندس پيٽ ۾ قيامت جهڙي هلچل متل هئي. کيس ائين ٿي لڳو ته ڄڻ کيس ڪو ديو جيڏو اڻ ڏٺل هٿ ولوڙي رهيو هو، هو ڏاڍي مشڪل سان پنهنجو پاڻ کي سڌو رکيو ويٺو هو. مَلڪ شاهه سندس ڀر ۾ ويٺل هو. هو هر شئي چٻاڙي رهيو هو، جيڪا سندس ڀر ۾ ويٺل ماڻهو کيس پيش ڪري رهيا هئا. هر هر هن وزير کي آڏي اک سان ڏٺو ٿي، اهو سوچيندي ته هو ضرور خوفزده هوندو. اچانڪ هن پنهنجو هٿ هڪ ڪاري انجير جي پليٽ طرف وڌايو، ان مان هن هڪ تمام سٺو داڻو چونڊيو ۽ نظام کي پيش ڪيو، جو هن ڏاڍي شائستگي سان ورتو ۽ کائڻ لڳو. انجير کائڻ جو ڪهڙو مزو جڏهن ماڻهوءَ تي ٽن طرفن کان عتاب نازل ٿي رهيو هجي: خدا جي طرفان، سلطان ۽ حشاشين جي طرفان؟
افطار ختم ٿيندي ٿيندي گهڻي رات ٿي چڪي هئي. مَلڪ شاهه شوخيءَ مان اُڇل ڏئي اٿي بيٺو، ان خيال کان ته جلدئي چيني عورت وٽ وڃي پڄي ۽ ساڻس وزير جي موڊ جو ذڪر ڪري. نظام ٺونٺين تي زور وجهي ڪوشش ڪري پنهنجو پاڻ کي بلند ڪيو. سندس حرم جا خيما به ڪجهه گهڻو پري نه هئا، جتي سندس پوڙهي سئوٽ هريڙ جو مرڪب کيس ڪنهن قدر افاقو پهچائڻ لاءِ تيار ڪري رکيو هو. بس سئو کن قدم کڻڻ جي دير هئي ۽ هو اتي پهچي وڃي ها. ان جي اوسي پاسي شاهي خيمن جا پنهنجا سپاهي، خادم ۽ گهمندڙ ڦرندڙ واپارين سميت ساڳئي افراتفري متل هئي. ڪڏهن ڪڏهن کيس ڪنهن ڊيري واري طوائف جي هلڪي هلڪي کل ٻُڌڻ ۾ ٿي آئي. کيس اُهو رستو ڏاڍو طويل لڳي رهيو هو ۽ هو پنهنجو پاڻ کي اڪيلو اڳيان گِهلي رهيو هو. عام طور تي هو درٻارين ۾ گهيريل رهندو هو، پر هاڻي ڪير چاهيندو ته ڪنهن انتظام سنڀالڻ واري سان گڏ ڏٺو وڃي؟ فقيرن تائين رفوچڪر ٿي ويا هئا، کين هڪ ذليل ۽ خوار ٻڍڙي کان ڇا ملڻ جي توقع ٿي ٿي سگهي؟
ان جي باوجود به ڪو ماڻهو ڏانهس وڌندو ٿي آيو، هڪ شخص جيڪو ڏسڻ ۾ شريف ٿي آيو، جنهن جي جُبي ۾ چتيون لڳل هيون. ان ڪجهه سُٺا لفظ وات ۾ ڀُڻڪيا ۽ نظام پنهنجو ٻٽون سنڀاليو ۽ 3 سونا سڪا کيسي مان ڪڍيا. هي اڻڄاڻ ماڻهو جيڪو اڃا به ڏانهس قدم وڌائڻ لاءِ تيار آهي، ضرور ان قابل آهي ته کيس انعام ڏنو وڃي.
هڪ چمڪ ٿي تلوار جي چمڪ ۽ سڀ ڪجهه ڏاڍي تيزيءَ سان ٿيو. اڃا نظام هٿ کي حرڪت ئي ڏني هئي ته ڏٺائين ته خنجر سندس لباس ۽ جسم ۾ لهي چڪو هو ۽ هاڻي سندس پاسراٽين اندر وڌي رهيو هو. سندس وات مان ڪا رڙ به نه نڪتي، بس هڪ حيران ڪندڙ جنبش ۽ سور جي پيڙاءَ سان آخري ساهه کنيائين. ٿي سگهي ٿو. مرندي وقت هُن ٻيهر ڏٺو هجي، هلڪي حرڪت ۾، تلوار جي ڌار کي وڌندي ۽ پٺيان ٿيندي نهايت ئي حقارت سان ٿُڪ اڇلائيندي: ”هي تحفو الاموت کان تو لاءِ موڪليو ويو آهي!“
پوءِ رڙيون بلند ٿيڻ لڳيون. حشاشي وٺي ڀڳو، پر هڪ خيمي کان ٻئي خيمي تائين سندس تعاقب ڪيو ويو ۽ آخرڪار کيس پڪڙيو ويو. ڏاڍي تڪڙ ۾ کيس ذبح ڪيو ويو ۽ پيرين اگهاڙي کيس گِهلي آندو ويو ته جيئن کيس باهه ۾ وڌو وڃي.
ايندڙ سالن ۽ ڏهاڪن ۾ الاموت کان ايندڙ ڪيترائي قاصد اهڙي ئي موت سان همڪنار ٿيڻ وارا هئا، بس فرق اهو هو ته اهي فرار ٿيڻ جي ڪابه ڪوشش نه ڪندا.
”پنهنجن دشمنن کي قتل ڪرڻ ئي ڪافي ناهي،“ حسن کين سيکاريو هو. ”اسان قاتل کي نه بلڪه سزاءِ موت کي سرانجام ڏيڻ وارا آهيون. اسان جي لاءِ اهو ضروري آهي ته اسان عوام جي وچ ۾ اهو ڪم سرانجام ڏيون ته جيئن عبرت انگيز هجي. هڪ ماڻهوءَ کي ٺڪاڻي لڳائي اسان هڪ لک ماڻهن کي خوف جو شڪار ڪريون ٿا. ان هوندي صرف مارڻ يا خوفزده ڪرڻ ڪافي ڪونهي، اسان کي اهو به سکڻو پوندو ته پاڻ ڪيئن مربو آهي، ڇو ته جيڪڏهن، ماري، اسان پنهنجي دشمن خلاف ڪو عمل ڪرڻ سان پنهنجي بزدلي ڏيکاريون ٿا، ته اسان انهن کي پنهنجي دليرانه موت ڏيڻ تي مجبور ٿا ڪيون، تيئن انهن جي وچ مان ماڻهو اٿي اسان ۾ شامل ٿيندا. مرڻ مارڻ کان وڌيڪ اهم آهي. اسان پنهنجي بچاءُ لاءِ ماريون ٿا، پر اسان مذهب تبديل ڪرائڻ خاطر مري ٿا وڃون ۽ فتح حاصل ڪرڻ لاءِ. فتحياب ٿيڻ ئي اسان جو مقصد آهي. جنهن جا اسين طالب آهيون، اسانجو بچاءُ ئي ان کي حاصل ڪرڻ جو هڪ ذريعو آهي.“
عام طور تي حشاشي قتل جمعي جي ڏينهن مسجدن ۾ ٿيڻ لڳا، نمازن جي مجموعي جي اکين اڳيان. شڪار، چاهي ڪو وزير هو، شاهه يا ڪو معزز مذهبي شخص، پنهنجي رعبدار حفاظتي دستي سان گڏ آيو ٿي. ماڻهو رعب جو شڪار ٿي ٿيا، سندن ساراهون ٿي ڪيون، الاموت جو قاصد به غير متوقع ويس ۾ اتي ڪٿي موجود هو. مثال طور، چوڪيدار جي هڪ رُڪن جي روپ ۾. ٺيڪ ان لمحي جڏهن سڀني جون نظرون شڪار تي کُپي ٿي ويون، هن وار ٿي ڪيو. شڪار مري ٿي ويو، پر مارڻ وارو پنهنجي جاءِ تان نٿي چُريو، بلڪه هڪ ياد ڪيل فقرو جيڪو هن زباني رٽيو هو، رڙيون ڪري ڪري ادا ٿي ڪيو ۽ گستاخ مسڪراهٽ سان چوڪيدارن مٿان حملي ڪرڻ لاءِ ۽ خوفزده مجمعي جا بخيا اڊيڙڻ جو منتظر ٿي رهيو. گهربل پيغام جي رسائي ٿي ٿي وئي، مقتول جي وارث الاموت لاءِ مصالحتي رويو اختيار ڪري ٿي ورتو، ۽ مجمعي مان 20 کان 40 ماڻهو اسماعيلي ٿي ٿي ويا.
اهي منظر ايترا غير حقيقي هئا، جو اڪثر چيو ٿي ويو ته حسن جا ڪارندا نشو ڪيل هوندا آهن. نه ته اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته هو ائين کلندي کلندي موت سان همڪنار ٿين؟ ان دعويٰ تي ڪيتري قدر اعتبار ٿيڻ لڳو هو ته اهي پنهنجو ڪم حشيش جي زير اثر انجام ڏين ٿا ۽ اهو مارڪوپولو (Marco Polo) هو جنهن ان خيال کي ڏکڻ ۾ شهرت ڏني. مسلمان دنيا ۾ انهن جا دشمن کين حقارت سان (حشاشين) جي نالي سان ڳنڍي سڏيندا هئا، يعني ”حشيش استعمال ڪرڻ وارا“ ڪيترن ئي محققن پنهنجي پنهنجي خيال آرائي ڪندي چيو آهي ته هي لفظ ”assassin“ جي اصل آهي جيڪو ڪيترين ئي يورپي ٻولين ۾ قاتل جي جاءِ تي استعمال ٿي ٿيو. ”حشاشين جي ڪهاڻي ته ان کان به وڌيڪ دهشتناڪ هئي.
حقيقت مختلف هئي، اسان تائين الاموت کان پهچندڙ متن مطابق، حسن پنهنجن چيلن کي ”اساسيون“ چوڻ پسند ڪندو هو. مطلب اهي جيڪي ”اساس“ جا معتقد هجن، يعني دين جي بنياد ”جا پوئلڳ هجن.“ اهو ئي لفظ آهي، جنهن کي غير ملڪي سياح غلط سمجهي ويٺا هئا، ڇو ته اهو حشيش سان ملندڙ جلندڙ هو.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته حسن صباح کي ٻوٽن سان بي انتها پيار هو ۽ انهن جي شفاءَ بخش، آرام ڏياريندڙ يا انساني جسم اندر هيجان آور خاصيتون پيدا ڪندڙ ٻوٽن جو معجزاتي علم هو. هن ڪيترن ئي قسمن جون ٻوٽيون پوکي رکيون هيون ۽ پنهنجي پوئلڳن ۽ ڪم ڪار ڪندڙن جي بيماريءَ جي صورت ۾ هو پاڻ ئي سندن علاج به ڪندو هو، ان کان باخبر هو ته هنن جي صحت جي نظام جي بحاليءَ لاءِ کين ڪهڙي دوا تجويز ڪرڻ گهرجي. حالانڪه اسانکي سندس هڪ نسخي جي باري ۾ جيڪو پنهنجي شاگردن جي ذهن کي تيز ڪرڻ لاءِ ۽ کين علم حاصل ڪرڻ جي اهل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪرائندو هو. اهو ماکي، پيٺل خشڪ ميوا ۽ سُڪل ڌاڻن جي مغز جو مرڪب هو ۽ ڏاڍي فائديمند دوا خيال ڪئي ٿي وئي، بهرحال، روايت جي ڪشش ۽ مضبوطي پنهنجي جاءِ تي اسان کي ته بس ان جو انتظار هو ته شهادت ماڻيون: حشاشين وٽ خالص مذهب کان علاوه ڪا نشي آور شئي نه هئي، جنهن کي تمام گهڻي تعليم، وڏي منظم تنظيم ۽ جنهن کي قطعي حڪم جو ٺپو لڳائڻ ذريعي مسلسل مضبوط ڪيو ٿي ويو.
مرتبي جي سلسلي ۾ سڀ کان بلند مقام تي حسن، استادِ اعظم، معلمِ اعليٰ، سر جو مالڪ، فائض هو. ان جي چوڌاري چند داعي هئا، جن جي وچ ۾ ٽي ناظم، هڪ مشرقي ايران، خراسان، ڪُهستان ۽ ماوراءُنهر واسطي، ٻيو مغربي ايران ۽ عراق واسطي، ۽ ٽيون شام واسطي. سندن سڌا سنوان ماتحت صحابه، رفيق ۽ تحريڪ جا بنيادي دستا ٿي آيا. گهربل تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ کين قلعن جي سربراهي ۽ تنظيم جي شهري يا صوبائي سطح تي قيادت ڪرڻ جو حق حاصل هو. هنن مان سڀ کان ذهين هڪ ڏينهن داعي بڻجي ٿي ويو.
سلسلي جي هيٺئين حصي ۾ ”لصيق“ شمار ٿي ٿيا، لصيق لفظي معنيٰ ۾ اهي فرد هئا جيڪي تنظيم سان چنبڙيل هئا. هي اهي عام معتقد هئا، جن جو رجحان نه تعليم طرف هو نه عملي تشدد طرف. انهن ۾ الاموت جي علائقي جا ڪيترائي مال چاريندڙ ۽ ڪيتريون ئي عورتون، پوڙها ماڻهو شامل هئا.
ان کانپوءِ ”مجيب“ يعني ”جواب ڏيندڙ“ ٿي آيا، جيڪي پنهنجي عمل ۾ عام ماڻهو هئا، کين ٿوڙي ابتدائي تعليم ڏني ٿي وئي ۽ پوءِ سندن لياقت مطابق، وڌيڪ تعليم طرف متوجه ڪيو ٿي ويو ته جيئن صحابه بڻجي سگهن. عقيدتمندن جي جميعت جا يا ان زمري جا جيڪي ان وقت جي مسلمانن جي نظر ۾ حسن صباح جي حقيقي طاقت جي علامت هئا، يعني ”فدائين جو طبقو“ يعني ”جيڪي پنهنجي جان قربان ڪري سگهن“ . استادِ اعظم انهن شاگردن مان سندن انتخاب ٿي ڪيو. جن وٽ ايمان، مهارت ۽ بردباريءَ جو گهڻو سرمايو موجود هو، پر حصولِ تعليم جي گهٽ صلاحيت وارو- اهو ڪڏهن به ڪنهن اهڙي شخص کي جيڪو داعي ٿي سگهيو ٿي، موت جي منهن ۾ نٿي وڌائين. داعي جي تربيت ڏاڍو نازڪ ڪم هو. حسن پنهنجو پاڻ کي انتهائي شديد جذبي سان ان ڪم لاءِ وقف ڪري ڇڏيو هو. فدائي سکيو ٿي ته خنجر کي ڪيئن لڪائي رکڻو آهي. ڪيئن نگاهه بچائي ان کي مياڻ مان ڪڍڻو آهي ۽ شڪار جي دل ۾ پيوست ڪرڻو آهي، يا ان کي جيڪڏهن ذرهه بڪتر پاتل آهي ته ڪنڌ ۾. پيغام رسائيندڙ ڪبوترن کي ڪيئن استعمال ڪرڻ گهرجي، ۽ لڪل اشارن کي زباني ياد ڪرڻ گهرجي، جن کي الاموت سان پوشيده ۽ ڍڪيل پيغام رسائيءَ ۾ استعمال ڪري سگهجي، ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن فدائي کي ڪا ٻولي يا ڪو علائقائي لهجو سکڻو ٿي پيو، اجنبي ماحول ۾ هفتن يا مهينن تائين ڪيئن رلجي ملجي وڃي جو ڪنهن کي مٿن شڪ نه ٿي گذري ۽ وار ڪرڻ لاءِ سازگار ترين لمحي جو انتظار ڪرڻ گهرجي، هن ان ڳالهه جي سکيا به حاصل ٿي ڪئي ته هو پنهنجي شڪار جو پيڇو ڪيئن ڪري، ان جي طرزِ عمل، لباس، عادتن ۽ ڪڏهن هو ٻاهر نڪرندو آهي ۽ ڪڏهن واپس ورندو آهي، انهن جو مطالعو ڪري، ڪڏهن ڪڏهن، جيڪڏهن گهربل شخصيت اهڙي هجي جنهن جي غير معمولي حفاظت ٿيندي هجي ته ان صورت ۾ فدائيءَ کي وٽس ملازمت حاصل ڪرڻ، ان جي ويجهو اچڻ ۽ سندس حلقي جي ماڻهن ۾ ميل جول وڌائڻ جو طريقو ڪڍڻو ٿي پيو. چيو ٿو وڃي ته پنهنجي ڪنهن به شڪار جو خاتمو ڪرڻ لاءِ ٻه فدائي هڪ ڀيرو راهبن جي ويس ۾ مسلسل ٻن مهينن تائين هڪ مسيحي عبادت خاني ۾ ترسيل رهيا. ويس مٽائڻ ۽ دشمن سان وڙهڻ جي اها غير معمولي صلاحيت حشيش جي استعمال سان ڀيٽ نٿي کاڌي! اهم ترين ڳالهه اها آهي ته موت کي للڪارڻ واسطي شاگرد کي گهربل اعتقاد پيدا ڪرڻ لازم هو ۽ ان جنت تي يقين رکڻ ته جڏهن هجوم کيس موت سان همڪنار ڪري رهيو هوندو ته اها جنت کيس اجر طور ملي ويندي. ڪو حسن صباح جو مقابلو نٿي ڪري سگهيو. هو تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ لڪل قتل جي مشين تيار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪو هو. پوءِ هڪ ٻي مشين به بڻجي وئي. صديءَ جي خون ڀريل ڦير تي— ”نظاميه،“ جيڪو مقتول وزير سان پنهنجي وفاداريءَ ۾ موت کي پوکڻ لاءِ نڪري پيو، مختلف شڪلين ۾ جيڪي شايد ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ خفيه هيون، يقينن گهٽ نظر ايندڙ جن جا اثر ڪجهه گهٽ تباهه ڪندڙ نه هئا.

