موسميات کاتي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي
موسميات کاتي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي. موسميات کاتي موجب خيبرپختونخواهه، ڪشمير، گلگت بلتستان، اسلام آباد ۽ پنجاب جي مختلف شهرن ۾ جمعي تائين وڌيڪ برساتون پئجي سگهن ٿيون. موسميات کاتي جي رپورٽ ۾ اڄ اربع ڏينهن خيبرپختونخواهه، ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ پنجاب ۾ برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ تيز هوائن ۽ کنوڻ سان وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف بلوچستان ۽ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ موسم خشڪ رهڻ جو امڪان آهي.

