سپريم ڪورٽ جي ڪاز لسٽ مان چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي بئنچ ڊي لسٽ ٿي وئي
سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار نوٽيفڪيشن جاري ڪندي چيو آهي ته بئنچ آڏو اڄ 12 ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر هئا، جن کي ڊي لسٽ ڪيو ويو آهي. چيف جسٽس جي بئنچ ۾ جسٽس جمال خان مندو خيل ۽ جسٽس اطهر من الله شامل هئا، نوٽيفڪيشن ۾ بئنچ ڊي لسٽ ڪرڻ جا ڪارڻ نه ٻڌايا ويا. سپريم ڪورٽ جي بئنچ نمبر 2 جا ڪيس فهرست مان خارج، جسٽس طارق مسعود ۽ جسٽس شاهد وحيد تي ٻڌل بئنچ به ڊي لسٽ ٿي وئي آهي.

