آرمي چيف جي چيني هم منصب سان ملاقات، گڏيل سيڪيورٽي معاملن ۽ فوجي سهڪار تي ڳالهيون
آرمي چيف جنرل عاصم منير چين ۾ پيپلز لبريشن آرمي (پي ايل اي) جي ڪمانڊر سان ملاقات ڪئي ۽ گڏيل سيڪيورٽي معاملن ۽ فوجي سهڪار تي ڳالهيون ڪيون ويون. آءِ ايس پي آر موجب چين پهچڻ تي آرمي چيف جنرل عاصم منير جو پرجوش استقبال ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف کي پي ايل اي هيڊ ڪوارٽرز ۾ گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. آرمي چيف پي ايل اي جي ڪمانڊر سان تفصيلي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل سلامتي جي معاملن ۽ فوجي سهڪار تي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات ۾ خطي ۾ امن ۽ استحڪام برقرار رکڻ ۽ فوجي تعاون وڌائڻ جو ارادو ڪيو ويو.

