خاص

جيفري هنٽن آرٽيفيشل انٽيليجنس بابت خبردار ڪري ڇڏيو

آرٽيفيشل انٽيليجنس جي گاڊ فادر سمجهيو ويندڙ (Geoffrey Hinton) پنهنجي ئي ٺاهيل ٽيڪنالاجي بابت خبردار ڪندي گوگل تان ملازمت ڇڏي ڏني. پنهنجي بيان ۾ ڪمپيوٽر سائنٽسٽ جيفري هنٽن چيو ته مصنوعي ذهانت ٽيڪنالاجي اسانجي اندازن کان وڌيڪ خطرناڪ آهي. اڌ صدي تائين مصنوعي ذهانت تي ڪم ڪندڙ جيفري هنٽن پنهنجي تخليق تي معذرت ڪئي، پر اهو به چيو ته جيڪڏهن هو اِهو ڪم نه ڪري ها ته ڪو ٻيو ان کي ضرور ڪري ها. ٻئي پاسي گوگل پنهنجي هڪ سافٽ ويئر انجنيئر بليڪ ليموني کي به برطرف ڪري ڇڏيو آهي جنهن ڪمپني جي مصنوعي ذهانت جي سسٽم تي خدشن جو اظهار ڪندي ان کي حساس چيو هو. بليڪ ليموني (Blake Lemoine) دعويٰ ڪئي هئي ته ڳالهه ٻولهه جي ٽيڪنالاجي حساس ٿي وئي آهي. ان کان پهرين هڪ هزار کان وڌيڪ ٽيڪنالاجي جا ماهر پڻ مصنوعي ذهانت کي انسانيت لاءِ خطرو قرار ڏئي چڪا آهن.