خاص

احسن اقبال پي ٽي آءِ سان ڳالهين جي امڪان کي رد ڪري ڇڏيو

وفاقي وزير احسن اقبال پاڪستان تحريڪ انصاف سان ڳالهين جي امڪان کي رد ڪري ڇڏيو. نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي احسن اقبال چيو ته ڪرنل شير خان جو مجسمو، جناح هائوس ۽ ايم ايم عالم جي جهاز کي سخت نقصان پهچايو ويو اهي سمورا ڪم پي ٽي آءِ اڳواڻن جي چوڻ تي ڪيا ويا. اڳواڻن چيو ته جنهن جي جيڪا ڊيوٽي آهي اهو اتي پهچي وڃي. هن چيو ته مون سوا 2 مهينا سزاءِ موت جي چڪي ۾ ڪاٽيا. هاءِ ڪورٽ منهنجو ڪيس ڪوڙو قرار ڏيندي ردي جي ٽوڪري ۾ اڇلائي ڇڏيو. پي ٽي آءِ سان ڳالهين بابت احسن اقبال چيو ته عمران خان ڳالهين پٺيان پنهنجن ڪيل ڏوهن مان اين آر او وٺڻ چاهي ٿو، هاڻ ائين نٿو ٿي سگهي. زيارت ريزيڊنسي ساڙيندڙن کي ته اسان دهشتگرد چئون پر عمران خان جي پوئينرن جنهن کي جينز ۽ جوگرز پاتل هئا انهن کي معاف ڪري ڇڏيون.