خاص

عمران خان ۽ بشريٰ بي بي طلبي باوجود نيب ۾ پيش نه ٿيا

برٽش نيشنل ڪرائم ايجنسي 190 ملين پائونڊ اسڪينڊل ۾ چيئرمين پاڪستان تحريڪ انصاف عمران خان ۽ سندس اهليه بشريٰ بي بي نيب ۾ پيش نه ٿيا. نيب راولپنڊي چيئرمين پي ٽي آئي کان 190 ملين پائونڊ اسڪينڊل جي غير قانوني منتقلي بابت 20 سوالن جا جواب به طلب ڪيا هئا ۽ کيس ڪيس بابت دستاويز پڻ پاڻ سان گڏ آڻڻ جي هدايت ڪئي هئي. نيب پاران جاري ڪيل نوٽيس ۾ چيو ويو هو ته عمران خان جي غير حاضري تي قانوني ڪارروائي ٿيندي. نيب راولپنڊي عمران خان کي صبح 10 وڳي ڪمبائنڊ انويسٽيگيشن ٽيم جي روبرو پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو هو ۽ 190 ملين پائونڊ اسڪينڊل جا فريزنگ آرڊر، القادر يونيورسٽي کي ملڻ وارن سمورن عطين ۽ ٽرسٽ کي عطيو ڏيندڙن جو رڪارڊ به طلب ڪيو هو.