داستانِ گل (داستان ڏهون)
”منهنجا اَمُلهه استاد ۽ سندن پاران ڏنل مار“ مان اقتباس
اسڪول جي احوال هلندي ٻڌائيندو هلان ته هڪ سال جو عرصو ٽريننگ ڪاليج وارو هڪ طرح سان مثالي وقت هو، جو اُتي مون کي نَون ڏهن سالن جي ڄمار ۾ سنڌ جا ناليوارا اُستاد، ٽريننگ ڪاليج جي اُستادن جا امتحان وٺندي ايڪشن ۾ نظر آيا. ڪجهه نالا هاڻ ذهن تي تري اَچن ٿا، حافظ محمد صادق ميمڻ پرنسپال ٽريننگ ڪاليج، سائين سُرهيو صاحب، مسٽر غلام حسين جعفري، محمد اسماعيل عرساڻي صاحب، اِبن الياس سومرو صاحب، محمد ابراهيم جويو صاحب، ع.ق شيخ صاحب، ظفر ڪاظمي صاحب ۽ ٻيا ڪيترائي اُستاد، جيڪي هاڻ يادگيريءَ ۾ نٿا اچن.
هن اسڪول جي خاصيت مانٽيسوري (Montessori) جي ابتدائي پِري نَرسري ڪلاسن ۾ هڪ بهترين پيرن وارو (Organ) (آرگن) ۽ پيانو (Piano) سَاز هو، جيڪو ازغيبي نُماءَ هڪ پُراسرار موسيقار يعني ميوزڪ ٽيچر صبحِ ڪاذب جو اسيمبليءَ ۾ وڄائيندو هو. بس هن اسڪول ۾ علمِ موسيقيءَ جي سِکيا، ڪَنن ۽ اکين ذريعي، اڳئين اسڪول جيان جاري رَهي. صبح جو سوير ٻار واڄي جي اڳيان بيهي هي حَمديه ڪلام ميوزڪ تي ڳائيندا هئا:
”الله اسان جو تون رحمان“
ان حمديه ڪلام جي طِرز وري فلم ”انهوني“ ۾ راجڪپور ۽ نرگس تي فلمايل ”طلعت محمود“ جي ڳايل مشهور گاني ”سِينَي ۾ سُلگتَي هَين ارمانِ“ واري هئي. اُن زماني ۾ ڪتابڙا، عام طور اهڙن سُريلن ڪَلامن جي شاعريءَ سان ٽِمٽَار هوندا هئا، طِرزون فِلمي گانن جي ٻولن/اکرن جون واضح طرح لکيل هونديون هيون، جيئن قوالن کي ڌنن ٺاهڻ ۽ ڳائڻ ۾ ڪا دِقت نه ٿئي.

