عمران خان جو نئون يوٽرن، بيان سوشل ميڊيا تان هٽائڻ پئجي ويو
چيئرمين تحريڪ انصاف عمران خان کي پنهنجو هڪ ٻيو بيان واپس وٺڻو پئجي ويو، يو ٽرن وٺندي بيان سوشل ميڊيا تان هٽائڻو پيو. عمران خان هڪ ٽوئٽ ۾ الزام لڳايو ته ڪراچي مان سندس ايم پي اي ملڪ شهزاد اعواڻ تي پارٽي ڇڏڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ويو. عمران خان مطابق انڪار تي ملڪ شهزاد اعواڻ جون ٽرڪون ساڙي تباهه ڪيون ويون، انهيءَ جي ثبوت ۾ عمران خان سوشل ميڊيا تي ويڊيو پڻ ڏئي ڇڏي. ان وڊيو تي سوشل ميڊيا صارفين عمران خان کي ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو ۽ چيو ته ويڊيو هڪ سال پراڻي ۽ اها نوشهره آئل ڊپو ۾ باهه لڳڻ جي آهي. صارفين جي تنقيد تي عمران خان ٽوئٽ ڊليٽ ڪري ڇڏيو، اهو ئي ٽوئٽ ۽ الزام پي ٽي آئي جي آفيشل ٽوئٽر هينڊل تان پڻ لڳايو ويو جيڪو ڪجهه دير بعد اتان پڻ ڊليٽ ڪيو ويو.

