نئون

 انساني حقن جي بيباڪ اڳواڻ عاصمه جهانگير جي تدفين سڀاڻي ٿيندي

آچر ڏينهن گهر ۾ فون تي ڳالهائڻ وقت اچانڪ طبيعت خراب ٿيڻ تي ملڪ جي مشهور عورت وڪيل عاصمه جهانگير کي اسپتال پهچايو ويو جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪيو. عاصمه جهانگير جي فوت ٿيڻ تي سڄي ملڪ ۾ هر اک آلي آهي. سدائين مظلومن جو ساٿ ڏيندڙ عاصمه جهانگير ڪڏهن به اصولن تي سوديبازي نه ڪئي. چيف جسٽس ثاقب نثار، قانوندان اعتزاز احسن، چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ سميت ملڪ جي وڏين شخصين پاران ڏک جو اظهار ڪيو ويو. هن سوڳوارن ۾ هڪ پٽ ۽ ٻه ڌيئرون ڇڏيون آهن، هن جي وڏي ڌيءَ لنڊن ۾ آهي، امڪان آهي ته هوءَ اڄ لنڊن کان لاهور پهچندي جنهن بعد سڀاڻي هن کي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو. عاصمه جهانگير جو جنم 1952ع ۾ ٿيو، هن 1978 ۾ پنجاب يونيورسٽي مان قانون جي تعليم حاصل ڪئي، جنهن بعد 1980ع ۾ سندس شادي ٿي جنهن مان کيس ٻه ڌيئرون ۽ هڪ پٽ جو اولاد آهي. هن هميشه آمرن خلاف آواز اٿاريو ۽ ڪيترائي ڀيرا ان پاداش ۾ غداري ۽ توهين مذهب جا الزام به لڳا. هن کي ملڪ ۾ ۽ ملڪ کان ٻاهر ڪيترائي ايوارڊ به مليا آهن جنهن مان 1995ع ۾ رامون ميگ ايوارڊ سان به نوازيو ويو جيڪو ايشيا جو نوبل انعام طور سڃاتو ويندو آهي.