نئون

 اڄ فيض احمد فيض جو 107 هون جنم ڏينهن ملهايو ويندو

اردو ٻوليءَ جي مشهور شاعر فيض احمد فيض جو 107 هون جنم ڏينهن اڄ ملهايو ويندو. فيض احمد فيض 1911 ۾ پنجاب جي ضلعي نارووال ۾ پيدا ٿيو هو. فيض احمد فيض اردو ٻولي ۾ شاعري ڪئي، سندس لکيل ڪتابن ۾ نقش فريادي، دست صبا، زندان نامه، شام شهر ياران شامل آهن. واضح رهي ته فيض کي نوبيل انعام لاءِ به نامزد ڪيو ويو هو پر اهو هن کي ملي نه سگهيو.