آزاد ۽ اڻ ڌري چونڊ: جمهوريت جو بنياد
شروعات:اها مڃيل حقيقت آهي ته صحيح جمهوريت جو بنياد آزاد ۽ اڻ ڌري چونڊ تي ٻڌل آهي. ڇاڪاڻ ته آزاد، شفاف ۽ اڻ ڌري چونڊ جي ذريعي عوام پنهنجي مرضيءَ سان ايماندار، لائق ۽ عوام دوست نمائندا چونڊيندو آهي. اهي چونڊيل نمائندا پوءِ گڏجي سياسي جماعت جي پليٽ فارم تان حڪومت ٺاهي ماڻهن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندا آهن، پر جيڪڏهن چونڊيل نمائندا پنهنجي چونڊ ايجنڊا تي ڪم نه ٿا ڪن ۽ عوام سان ڌوکو ڪن ٿا ته ايندڙ چونڊن ۾ عوام انهن کي ناڪام ڪري نوان بهتر نمائندا چونڊين ٿا. ائين ئي وقت سان گڏ معاشري ۾ جمهوري نظام مضبوط ٿئي ٿو. جيڪو معاشري ۾ امن، انصاف، سٺي حڪمراني ۽ عوام جي خوشحالي لاءِ بهتر ثابت ٿئي ٿو.
آزاد ۽ اڻ ڌري چونڊ جو سڌوسنئون عوام جو حقِ حڪمرانيءَ تي اثر هوندو آهي. چونڊن ذريعي جيڪي به نمائندا يا سياسي جماعتون چونڊ کٽي اينديون آهن ته اهي پنهنجي چونڊ منشور مطابق عوام کي بهتر حڪمراني ڏينديون آهن. جنهن جي ڪري عوام لاءِ ڀلائي، خوشي، خوشحالي، امن ۽ انصاف مهيا ڪنديون آهن، پر جيڪڏهن چونڊ صرف ڏيکاءُ هجي ۽ ان چونڊ ۾ عوام جي راءِ کي رد ڪيو ويو آهي ته پوءِ اهڙي چونڊ ذريعي غلط سياسي جماعت يا فرد پاڻ کي زور زبردستي، فراڊ، غنڊاگردي جي ذريعي پاڻ کي چونڊرائي حڪومت ڪندا آهن ۽ اها سياسي جماعت يا نمائندا ملڪ ۾ غلط حڪمراني، آمريت، رشوت، نا انصافي ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ڪري عوام جي لاءِ مصيبت ۽ عذاب واري زندگي گذارڻ جو سبب بڻبا آهن.
ووٽ جو حق:
چونڊ لاءِ ملڪ ۾ هر شهريءَ جو ووٽ داخل ٿيڻو آهي. جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي مت ڀيد جي اجازت ناهي. ان ۾ تعليم، نسل، جنس، ٻولي، رهائش جي اصل جاءِ ۽ مذهب وغيره اچي وڃن ٿا.
هر شهريءَ کي ووٽ جو حق ڏنل آهي. پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 222-اِي مطابق اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ايڪٽ ۾ اهو واضح لکيل آهي ته هر شهري ووٽ رجسٽر ڪرائي سگهي ٿو ۽ ووٽ وجهي سگهي ٿو.
1948 ۾ گڏيل قومن جي عالمي انساني حقن جي پڌرنامي مطابق آرٽيڪل 21 جي مطابق 1 ۾ ڏنل آهي ته هر ڪنهن کي پنهنجي ملڪ جي حڪومت ۾ سڌو سنئون يا آزاديءَ سان چونڊيل نمائندن جي ذريعي حصو وٺڻ جو حق آهي. 1966 ۾ گڏيل قومن طرفان سماجي ۽ سياسي حقن جو عالمي معاهدو منظور ڪيو ويو، جنهن ۾ ان جي آرٽيڪل 3 ۾ وڌيڪ واضح ڪيو ويو آهي ته؛
سمورن شهرين جا سياسي حق، جنهن ۾ ووٽ ڏيڻ جو حق به تسليم ٿيل آهي.
دنيا ۾ يونان جي جمهوريت کان وٺي 20 صديءَ جي اڌ تائين مختلف ملڪن ۾ عورتن جي حقن کي تسليم نه ڪيو ويندو هو. مثال طور: اهو پوءِ يوناني جمهوريت هجي يا روم جي، برطانيه جي هجي يا آمريڪا جي، پر هن وقت عالمي سطح تي عورتن جي ووٽ ڏيڻ جي حق کي تسليم ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ اقوام متحده جي عورتن خلاف سڀني مت ڀيدن کي ختم ڪرڻ جي عهد نامي (18 ڊسمبر 1979) جي آرٽيڪل 7-اي ۾ عورتن کي سڀني چونڊن ۾ ووٽ جو حق ڏنل آهي.
هر ملڪ ۾ آزاد ۽ اڻ ڌري چونڊ لاءِ هڪ ته جدا اليڪشن ڪميشن ٺاهي ويندي آهي يا وري حڪومت آئين جي مطابق قانون ذريعي چونڊ ڪرائيندي آهي.
چونڊ ڪرڻ جا مرحلا:
اڻ ڌري اليڪشن لاءِ هيٺيان نَو (9) مرحلا هوندا آهن:
ووٽ جي رجسٽريشن ۽ تصديق ڪرڻ
اميدوارن لاءِ جاگرافيائي حد مقرر ڪرڻ
سياسي جماعتن جي رجسٽريشن منظور ڪرڻ جنهن ۾ اهي چونڊ ۾ حصو وٺڻ لاءِ اهل هونديون.
چونڊ جو ٽائيم ٽيبل ٺاهڻ جنهن ۾ اميدوارن جي چونڊ نامينيشن ۽ چونڊ جا نتيجا شامل هوندا آهن.
چونڊ لاءِ پولنگ اسٽيشن کي مقرر ڪرڻ
رازداريءَ سان ووٽ وجهڻ
چونڊ جو وقت ختم ٿيڻ کان پوءِ چونڊ جو نتيجو ظاهر ڪرڻ
سموري چونڊ جو نتيجو ظاهر ڪرڻ
چونڊ جي نتيجن کي سياسي پارٽين جي طرفان قبول ڪرڻ.
مٿين سڀني مرحلن ۾ حڪومت بيقائدگي خلاف شڪايتون ۽ اپيلون ٻڌڻ جو فيصلو وقت سِر ڪرڻ لاءِ پابند آهي.
هر ملڪ ۾ چونڊ جي ڏينهن تي عالمي ۽ سِول سوسائٽي جا ادارا پنهنجا نمائندا موڪليندا آهن ۽ اهي چونڊ جي سڀني مرحلن کي ڏسي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندا آهن ته اهي چونڊون آزاد، شفاف ۽ اڻ ڌري طور ٿيون آهن يا هنن چونڊن ۾ حڪومت يا اميدوارن طرفان ڌانڌلي ڪئي وئي آهي.
چونڊ بابت حڪومت جو ڪردار:
جيئن ته حڪومت جي ٻين ذميوارين سان گڏ خاص مدي کانپوءِ چونڊ (مقامي، صوبائي ۽ قومي) ڪرائڻ به هڪ ذميواري آهي. ان تي فرض آهي ته هو مڪمل طور آزاد، شفاف ۽ اڻ ڌري چونڊ ڪرائي ۽ جنهن جي تصديق ملڪي، غيرملڪي ۽ خود مختيار عالمي ادارا ڪندا آهن.
ان لاءِ وقت جي حڪومت کي اليڪشن واسطي هيٺيان انتظام ڪرڻا هوندا آهن.
چونڊ لاءِ بجيٽ رکڻ.
چونڊ عملي جي تربيت ڪرڻ.
اميدوارن ۽ ووٽرن جي حفاظت ۽ سلامتي کي يقيني بنائڻ.
چونڊ جي هر مرحلي لاءِ قانون تحت هدايت نامو جاري ڪرڻ.
قانون ۽ هدايت نامي جي ڀڃڪڙي ڪندڙ (اميدوار يا ووٽر) کي فوري سزا ڏيڻ جنهن ۾ جنهن ۾ اميدوار کي نا اهل ڪرڻ جي سزا به شامل آهي.
انهن قانونن يا هدايت نامن تي عمل ڪرائڻ.
وقت جي حڪومت جي ذميواري آهي ته جيئن چونڊ جا سڀ مرحلا خير خوبي ۽ امن امان سان مڪمل ٿي سگهن.
انهن سڀني ذميوارين کي نڀائڻ لاءِ وقت جي حڪومت لاءِ اهو به لازم آهي ته هُوءَ پاڻ کي اڻڌريو ثابت ڪري.
ان چونڊ جي بنياد تي مقامي، صوبائي ۽ قومي حڪومتون ٺاهيون وينديون آهن. جيڪڏهن اهڙيون چونڊون صحيح طور نه ڪرايون وينديون ته پوءِ مقامي، صوبائي ۽ قومي حڪومتون ناجائز طور ٺهنديون جنهن جي ذريعي ملڪ ۾ وڌيڪ سياسي ڏڦيڙ ٿيندو. اهڙي ناجائز حڪومت جا جيڪي قانون هوندا يا آئين ۾ ترميم ڪندي ته اهي سڀ قانون ۽ ترميمون ناجائز هونديون.
سياسي جماعتن جي ذميواري:
حڪومت سان گڏ سياسي جماعتن تي به اهم ذميواري آهي ته هو حڪومت جي چونڊ قانون ۽ هدايت نامي تي مڪمل عمل ڪري ۽ حڪومت سان سهڪار ڪن. ان ڪردار ادا ڪرڻ سان ملڪ ۾ جمهوري ڪلچر مضبوط ٿيندو. جمهوري حڪومتون ٺهنديون ۽ عوام جي ڀلائي، سک ۽ سلامتي جو سبب ٿيندو.
چونڊ لاءِ هدايت نامو:
جيئن ته چونڊ جي عمل ۾ عوام، اميدوار، سياسي پارٽيون، سرڪاري ملازم ۽ وقت جي حڪومت مڪمل طور شريڪ ٿينديون آهن. ان لاءِ ماضيءَ جي تجربي ۽ حال جي تقاضائن کي سامهون رکي حڪومت هڪڙو هدايت نامو يا ضابطه اخلاق ٺاهيندي آهي. ان تي انهن سڀني ڌرين کي عمل ڪرڻ لازمي هوندو آهي. ان تي جيڪڏهن عمل نه ٿيو ته لاڳاپيل ڌرين لاءِ سخت سزائون به تجويز ڪيل هونديون آهن. جنهن ۾ اميدوارن جي نااهلي ۽ سياسي جماعتن تي بندش جهڙيون سزائون به رکيل هونديون آهن.
هي هدايت نامو آزاد ۽ اڻ ڌري چونڊ جو روح هوندو آهي ۽ هن هدايت نامي تي عمل ڪرائڻ ۾ ملڪي ۽ غير ملڪي عالمي سول سوسائٽي جي گهري نظر هوندي آهي ۽ هن جي ڪاميابيءَ سان عمل ڪرڻ تي ملڪي ۽ غير ملڪي عالمي سول سوسائٽي به چونڊ کي آزاد ۽ اڻ ڌري چونڊ تسليم ڪندا آهن. چونڊ هدايت نامي ۾ الف کان ي تائين سڀني مرحلن تي قانون ۽ هدايت نامو ٺاهيو ويندو آهي ۽ چونڊ سان لاڳاپيل ڪو به اهڙو عمل ان هدايت نامي کان ٻاهر نه هوندو آهي.
چونڊ ۽ جديد ٽيڪنالاجي:
چونڊ جي نظرداري لاءِ جديد ٽيڪنالاجي اڄڪلھ استعمال ڪئي وڃي ٿي. جنهن ۾ پولنگ اسٽيشن تي سي سي ٽي وي ڪيمرا ۽ اُتي جو اُتي نتيجا ڪمپيوٽر ۾ داخل ڪرڻ شامل آهن. اڄ جي دور ۾ ووٽر رجسٽريشن، سياسي جماعتن جي رجسٽريشن، اميدوارن لاءِ جاگرافي جي حد مقرر ڪرڻ ۽ پولنگ اسٽيشن جي لوڪيشن ظاهر ڪرڻ اهي سڀئي مرحلا به ڊجيٽلائيزيشن ۾ اچي سگهن ٿا. جنهن سان چونڊ جي شفافيت وڌي وڃي ٿي.
پولنگ اسٽيشن ووٽر جي جڳھ جي ايترو ويجهو هجي جو هو پنهنجو ووٽ آساني سان وجهي سگهن ۽ اتي اهڙو ماحول هجي جو ووٽر بنا ڪنهن خوف ۽ خطري جي پنهنجو ووٽ استعمال ڪري سگهن. پولنگ اسٽيشن جي ڪمري ۾ چونڊ عملي، پولنگ ايجنٽ ۽ ووٽر وٽ پنهنجي سڃاڻپ جو دستاويز هڪ جهڙا ثابت ٿيڻ بعد ووٽر ووٽ ڏيڻ جو اهل هوندو آهي.
پولنگ اسٽيشن جي ٻاهران ووٽرن جي سهولت لاءِ پاڻي، ويهڻ لاءِ جڳھ مهيا ڪئي وڃي ته جيئن ووٽر سڪون، سلامتي ۽ سهولت سان پنهنجو ووٽ پنهنجي پسند جي اميدوار کي ڏئي سگهي. چونڊ جو وقت ختم ٿيڻ کان پوءِ نئون ووٽر پولنگ اسٽيشن ۾ داخل نه ٿي سگهندو، البته اندر موجود ووٽرن کي ووٽ ڏيڻ جو حق هوندو. ووٽرن جي ووٽ وجهڻ بعد هڪدم ان جي ڳڻپ شروع ڪري ۽ ڳڻپ ختم ٿيڻ کان پوءِ ان جا نتيجا اميدوارن جي ايجنٽن کي دستاويز سميت ڏيڻ چونڊ عملي جي سربراھ جي ذميواري آهي. جيئن چونڊ جي نتيجن ۾ ڪنهن به قسم جي چونڊ نتيجن جي ڦير ڦار جو شڪ نه رهي.
جڏهن اهو عمل سڄي ملڪ ۾ رائج ٿيندو ۽ سڀني پولنگ اسٽيشنن جو نتيجو گڏ ڪري سياسي جماعتن جي کٽيل اميدوارن جا نتيجا ظاهر ڪيا وڃن ۽ ان سان گڏ سياسي جماعتن جي کٽڻ جي درجابندي ڪري عوام تائين ڄاڻ پهچائڻ گهرجي. جيئن؛ فيس بڪ، ايڪس (ٽوئيٽر)، انسٽاگرام ۽ ٻين سماجي رابطن جي ويب سائيٽن تي رکيا وڃن ته جيئن سڄي ملڪ جي عوام چونڊ جي نتيجن کان آگاھ ٿي وڃي. چونڊ جي هن مرحلي کان پوءِ جنهن ۾ ڪا به ڌانڌلي جي شڪايت نه ٿئي. سياسي جماعتن تي فرض عائد ٿئي ٿو ته هو چونڊ جي نتيجن کي قبول ڪن ۽ کٽيندڙ جماعت کي ٻيون سڀ سياسي جماعتون مبارڪباد به ڏين ۽ انهن سان سهڪار به ڪن.
چونڊ ۽ ميڊيا:
آزاد ۽ اڻ ڌري چونڊ لاءِ تمام ضروري آهي ته حڪومت سڀني سياسي جماعتن ۽ اميدوارن کي اليڪٽرانڪ ميڊيا، پرنٽ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا سميت هر موجود ڪميونيڪيشن تي نظر رکي ۽ ڏسڻ گهرجي ته سياسي جماعتون ۽ اميدوار عوام کي پنهنجو چونڊ پيغام پهچايو آهي يا نه ۽ اهو به ڏسڻ گهرجي ته ڪميونيڪيشن کي ڪا به ڌر ۽ اميدوار غلط استعمال نه ڪري، جنهن ۾ تشدد، نفرت ۽ چِڙ ڏياريندڙ مواد موجود هجي.
حڪومت جي قانوني ۽ آئيني ذميواري آهي ته سڀني رجسٽر سياسي جماعتن کي سرڪاري ميڊيا ۾ برابري جي بنياد تي وقت ڏئي انهن کي پنهنجي ڪارڪردگي، پاليسين ۽ پروگرام جي تشريح عوام تائين پهچائي. حڪومت تي اهو به فرض آهي ته ڪنهن به اميدوار يا سياسي جماعت کي تشدد، نسل پرستي، عورتن جي مخالف يا ڪنهن طبقي جي خلاف مت ڀيد يا پروپيگنڊا جي اجازت نه ڏئي.
چونڊ ۽ تشدد تي ضابطو:
حڪومت تي اهو به فرض آهي ته هو مختلف سياسي جماعتن يا آزاد اميدوارن کي جلوس، جلسو ۽ اشتهاربازيءَ کي اهڙي نموني سان اجازت ڏئي ته جيئن انهن جي وچ ۾ ڪنهن به قسم جي ٽڪراءُ جو انديشو نه هجي. جيڪڏهن ڪنهن اميدوار يا جماعت جي خلاف، چونڊ جي هدايت نامي جي خلاف شڪايت ملي ته انهيءَ وقت ان اميدوار يا سياسي جماعت جي خلاف قدم کڻي ۽ اهڙي تڪرار واري ماحول تي ضابطو آڻي.
چونڊ ۽ گڏيل قومون:
گڏيل قومن جي تنظيم دنيا ۾ آزاد ۽ اڻ ڌري چونڊن ۾ تمام گهڻي مدد ڪندي آهي. هن سال 1991 ۾ پنهنجي چونڊ مددگار آفيس قائم ڪئي آهي. جنهن جي ذريعي خاص ڪري اڀرندڙ جمهوريتن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ مختلف ملڪن ۾ تربيت ۽ ٻئي قسم جي مدد ڪري آزاد ۽ اڻ ڌري چونڊن کي هٿي وٺرائيندي آهي. خود پاڪستان ۾ به اقوامِ متحده جي ترقياتي پروگرام(UNDP) جي ذريعي مقامي، صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جي چونڊ ۾ حڪومتِ پاڪستان جي مدد ڪندي رهي آهي.
چونڊ ۽ عالمي سول سوسائٽي:
آزاد ۽ اڻ ڌري چونڊ لاءِ انٽر پارلياماني يونين (آءِ پي يو) جيڪا 1889 ۾ ٺاهي وئي. جنهن جو مقصد سياسي گفتگوءَ لاءِ هي فورم مهيا ڪيو ويو. ۽ دنيا ۾ جمهوريت کي مضبوط ڪري آزاد ۽ اڻ ڌري چونڊن تي تحقيق جو ڪم ڪري. هن جي آفيس جنيوا سُوئيٽزرلينڊ ۾ قائم ٿيل آهي. هي ادارو دنيا ۾ چونڊن تي نظر رکي رپورٽ پيش ڪندو آهي. ان سان گڏوگڏ اقوامِ متحده سان سهڪار ڪري آزاد ۽ اڻ ڌري چونڊن کي هٿي وٺرائيندو آهي. ان سان گڏوگڏ ڪيترائي عالمي سول سوسائٽي جا ادارا آهن، جيڪي چونڊن جي مانيٽرنگ ڪندا آهن ۽ ان باري ۾ رپورٽ عالمي ميڊيا تي پيش ڪندا آهن ۽ انهن جي پوري ڪوشش هوندي آهي ته دنيا ۾ جمهوريت کي يقيني بڻائجي.
پهريائين خودمختيار رياستن جا قانونساز هن جا ميمبر هئا. 2022 تائين 179 ميمبرن جي قومي پارليامينٽ هن فورم جي ميمبر آهي. پاڪستان جي سينيٽ به 1973 ۾ ميمبر طور شامل ٿي. هيءَ تنظيم جمهوريت کي فروغ ڏيڻ لاءِ ڪم ڪري ٿي ۽ گڏيل قومن جو هن سان سهڪار آهي. هن اداري ٻين مقصدن کان علاوه آزاد ۽ اڻ ڌري چونڊن تي تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي ۽ ان بابت دستاويز پڌرو ڪيو آهي. 2006 ۾ هن اداري آزاد ۽ اڻ ڌري چونڊ لاءِ مڪمل ڄاڻ وارو ڪتاب شايع ڪيو. جنهن مان سڄي دنيا جا جمهوري ملڪ فائدو وٺن ٿا. آزاد ۽ اڻ ڌري چونڊ جي اهميت جو ان ڳالھ مان اندازو لڳائي سگهون ٿا ته آزاد ۽ اڻ ڌري چونڊ دنيا جي سڀني ماڻهن جو بنيادي حق آهي.
هاڻي ته گڏيل قومن جي 193 ميمبر ملڪن مان 179 ملڪن ۾ جتي جمهوريت لاڳو آهي، اتي آزاد ۽ اڻ ڌري چونڊ بنيادي شرط لازم ڪيو ويو آهي. ان اداري جي طرفان مختلف ملڪن جي ٿيندڙ چونڊن جو تجزيو ڪري رپورٽ شايع ڪئي ويندي آهي ته ڪيترن ملڪن ۾ آزاد ۽ اڻ ڌريون چونڊون ٿيون. مثال طور؛ برطانيه جي جڳ مشهور رسالي ”دي اڪنامسٽ“ مطابق دنيا ۾ 24 ملڪن ۾ مڪمل جمهوريت آهي ۽ 48 ملڪن ۾ ناقص جمهوريت آهي. )اٽڪل دنيا جي 45 سيڪڙو عوام( جمهوري نظام مان فائدو وٺن ٿا.
جيئن ته جمهوريت سياسي جماعتن جي ڪردار تي ٻڌل هوندي آهي. تنهنڪري حڪومت جي سياسي جماعتن کي اليڪشن ۾ بيهڻ لاءِ اجازت ڏيڻ کان پهريائين پوري ڪوشش هوندي آهي ته سياسي جماعتن جي اندر جمهوريت هجي انهن کي ملندڙ مدد شفاف نموني ملي، ائين نه ته هوءَ ڏوهاري مافيه کان پئسا وٺي ان جي مفاد لاءِ ڪم ڪري. انهن جو منشور ۽ چونڊ پروگرام حڪومت وٽ جمع ڪيو ويندو آهي، جنهن ۾ واضح هوندو آهي ته اها سياسي جماعت عوام جي ڀلائي، امن، انصاف، آئين ۽ قانون جي حڪمراني جو منشور رکي ٿي ۽ حڪومت جي اها ڪوشش هوندي آهي ته جيڪڏهن اهو پروگرام يا عمل ڪا سياسي جماعت ڪري ته ان کي نااهل ڪيو ويندو آهي. مثال طور؛ پاڪستان ۾ سياسي جماعت جي رجسٽريشن، سياسي منشور، چونڊ پروگرام لاءِ چندو وٺڻ، چونڊن تي خرچ ڪرڻ ۽ چونڊ ۾ حصو وٺڻ لاءِ هدايت نامي تي عمل ڪرڻ انهن لاءِ لازمي هوندو آهي.
چونڊ ۽ پاڪستان جو تجربو:
پاڪستان ۾ خاص ڪري سنڌ ۾ گهڻي ڀاڱي جيڪي به چونڊون ٿيون آهن. انهن جو تجربو صحيح نه رهيو آهي ۽ انهن ۾ وڏي پيئماني تي ڌانڌلي جو رڪارڊ رهيو آهي. هتي حڪومتي مشينري مختلف طريقا استعمال ڪري چونڊن ۾ هر مرحلي تي ڌانڌلي ڪندي رهي آهي. مثال طور؛ ووٽ شماري مخالف اميدوارن جا فارم رد ڪرڻ، پولنگ اسٽيشنن کي غلط جڳھن تي قائم ڪرڻ، پولنگ اسٽيشنن تي وقت صحيح نه ڏيڻ، پولنگ اسٽيشنن جي اندر ووٽن تي غلط ٺپا هڻڻ يا مخالف ڌر جي اميدوار جي بيلٽ پيپر تي ٻه ٻه دفعا ٺپا هڻڻ، ڳڻپ ۾ بي ايماني ڪرڻ، هڪ ٻئي جي ووٽرن کي دهشتگردي جي ذريعي ووٽ وجهڻ کان محروم ڪرڻ ۽ چونڊ ۾ ڌانڌلي ڪرڻ جي خلاف چونڊ ٽريبيونل ۾ انصاف نه ملڻ، اهو سڀ سنڌي عوام کي تجربو رهيو آهي. تازو مقامي حڪومت جي چونڊن ۾ سرِعام ڌانڌلي نظر آئي 2018 ۾ باقائدي منظم طريقي سان چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪئي وئي. ان کان اڳ 2013 جي عام چونڊن ۾ به ساڳيا ئي طريقا استعمال ڪري چونڊن کي چورايو ويو هو.
هاڻي وفاقي حڪومت قومي ۽ صوبائي چونڊن کي جنوري 2024 ۾ چونڊن جو اعلان ته ڪيو آهي، پر ڏسڻو اهو آهي ته ان اعلان تي عمل ٿئي ٿو يا نه. ان سان گڏوگڏ اهو به ڏسڻو آهي ته هتي جيئن مٿي بحث ڪيو ويو آهي ته چونڊن جي معيار مطابق چونڊون آزاد، شفاف ۽ اڻ ڌري طور ٿين ٿيون يا نه.
عام ماڻهن جي به راءِ اها آهي ته هن دفعي به چونڊون آزاد ۽ اڻ ڌريون نه ٿينديون. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته نگران حڪومت واقعي آزاد، شفاف ۽ اڻ ڌري چونڊ ڪرائي ٿي يا گذريل وقت وانگر ان ۾ ڌانڌلي ڪرائي ٿي.
***

