جسم ۾ ڪوليسٽرول جي سطح کي گهٽ ڪرڻ جا 6 سولا طريقا
خراب ڪوليسٽرول (ايڇ ڊي ايل) جي سطح هر عمر جي ماڻهن ۾ عام ٿي وئي آهي. جيڪا اسانجي شريانين ۾ جمع ٿي وڃي ٿي ۽ رت جي نالين کي سوڙهو ڪري ڇڏي ٿي، ان سبب رت جو وهڪرو محدود ٿي وڃي ٿو. جنهن سبب دل جون بيماريون يا فالج جو خطرو ڪافي حد تائين وڌي وڃي ٿو. ڪوليسٽرول جي سطح کي گهٽ ڪرڻ جي باري ۾ هيٺ ڪجهه طريقا ڏجن ٿا، جن تي عمل ڪري ان کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو، جنهن ۾ تماڪ ڇڪڻ کان پاسو ڪرڻ، صحت مند سڻڀ جو استعمال، باقاعده ورزش ڪرڻ شامل آهن. اهي سڀ ڪوليسٽرول جي سطح کي موثر طريقي سان گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا. ڪوليسٽرول جي سطح کي گهٽ ڪرڻ لاءِ ماهرن طرفان آسان تجويزون.
(1) صحت بخش سڻڀ جو انتخاب ڪريو.
(2) پنهنجي خوراڪ ۾ فائبر جي مقدار کي وڌايو.
(3) خوراڪ ۾ اوميگا ٿري سان ڀرپور غذائون شامل ڪريو.
(4) باقاعدگي سان ورزش ڪري متحرڪ رهو.
(5) پنهنجي وزن جو صحت بخش انتظام ڪريو.
(6) تماڪ ڇڪڻ ڇڏي ڏيو.
انهن تجويزن تي عمل ڪري هڪ فرد پنهنجي ڪوليسٽرول کي گهٽ ڪري سگهي ٿو ۽ صحتمند زندگي گذاري سگهي ٿو.

