افغانين سميت غير قانوني پرڏيهين کي ملڪ ڇڏڻ لاءِ ڏنل مهلت جو اڄ آخري ڏينهن
افغانين سميت غير قانوني پرڏيهين کي ملڪ ڇڏڻ لاءِ ڏنل مهلت اڄ رات 12هين وڳي ختم ٿي ويندي. سڀاڻي کان سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ غير قانوني پرڏيهين خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ٿيندو. گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 11 هزار 553 افغاني پنهنجي وطن روانا ٿي ويا. سرڪاري انگن اکرن موجب گذريل ڏينهن افغانستان روانه ٿيندڙ غير قانوني پرڏيهين ۾ 3 هزار 153 مرد، 2 هزار 823 عورتون ۽ 5 هزار 577 ٻار شامل آهن. وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي اعلان موجب سڀاڻي کان غير قانوني پرڏيهين خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ٿي ويندو. غير قانوني پرڏيهين کي ترسائڻ ۽ ٻيون سهولتون ڏيندڙ پاڪستانين خلاف به ڪارروائيون ٿينديون.