نواز شريف 4 سالن کانپوءِ وطن واپسيءَ لاءِ دبئي ايئرپورٽ تان خصوصي اڏام ذريعي پاڪستان لاءِ روانو
نواز شريف جو “اُميدِ پاڪستان” نالي خصوصي جهاز دبئي ايئرپورٽ تان 10 لڳي 42 منٽن تي پاڪستان لاءِ روانو ٿيو، نوازشريف سان گڏ 148 مسافر به جهاز ۾ موجود. دبئي ايئرپورٽ تي صحافين سان ڳالهائيندي نوازشريف چيو ته پاڪستان ۾ هٿ وٺي حالتون خراب ڪيون ويون، انهن حالتن کي اسان پاڻ ئي سڌاري سگهون ٿا، اهو پاڪستان جتان لوڊشيڊنگ ختم ٿي وئي هئي، ڇا اهو پاڪستان اڄ نظر اچي ٿو؟ اڳوڻي حڪومت جي 4 سالن دوران ملڪ پٺتي هليو ويو، اسان 28 مئي وارا آهيون 9 مئي وارا نه آهيون.

