خاص

ڪراچي سوڌو سڄي سنڌ ۾ مليريا جا 3055 ڪيس رپورٽ

ڪراچي ۾ 24 ڪلاڪن اندر مليريا جا 15 ڪيس رپورٽ ٿيا. صحت کاڌي جي ترجمان مطابق ضلعي ملير مان 9، ضلعي ڪورنگي ۽ اوڀر واري ضلعي مان 2، 2 ڪيس سامهون آيا آهن. جڏهن ته ڏکڻ واري ضلعي ۽ اوڀر واري مان 1، 1 ڪيس رپورٽ ٿيو آهي. ترجمان جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ 24 ڪلاڪن اندر گڏيل طور تي مليريا جا 3055 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته سڄي سنڌ ۾ هلندڙ سال مليريا سبب 2 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا آهن.