سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس طرفان سڀاڻي سپريم جوڊيشل ڪائونسل جو اهم اجلاس طلب
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سڀاڻي سپريم جڊيشل ڪائونسل جو اهم اجلاس طلب ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٿيندڙ سپريم جڊيشل ڪائونسل جي اجلاس ۾ ججن خلاف التوا ۾ پيل شڪايتن جو جائزو ورتو ويندو. ذريعن موجب جڊيشل ڪائونسل ۾ هن وقت 24 کان وڌيڪ شڪايتون التوا هيٺ آهن. جڊيشل ڪائونسل ۾ جسٽس طارق مسعود، جسٽس اعجازالاحسن به شامل آهن. چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ ۽ چيف جسٽس بلوچستان هاءِ ڪورٽ به ميمبرن ۾ شامل آهن.

