خاص

سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ 6 جديد پرنٽنگ مشينون ضايع ڪري ڇڏيون ! ذميوارن خلاف ڪارروائي جو حڪم

سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جون جرمنيءَ کان مليل 6 پرنٽنگ جون جديد مشينون ضايع ٿي ويون، ذميوارن خلاف ڪارروائي لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ چيف سيڪريٽري سنڌ کي حڪم ڏئي ڇڏيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ پاران حڪم ڏنو ويو آهي ته سنڌ حڪومت وڏي پيماني تي انڪوائري ڪري 1996ع کان رهندڙ ذميوار ملازمن کي اينٽي ڪرپشن معرفت سزا ڏياري، سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ ۾ ڪيس هلندڙ هو ته 1996ع ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ کي جرمنيءَ پاران جديد قسم جون پرنٽنگ مشينون سوکڙي طور ڏنيون هيون ته جيئن سنڌ ۾ اسڪولن کي وقت سر ڪتاب ملن ۽ آئوٽ سورس جو مهانگو ٺيڪيداري سسٽم به ختم ٿئي. جنهن تي هاءِ ڪورٽ پاران 28 فيبروري 2023ع تي انڪوائري جو حڪم ڏنو. انڪوائري ٽيم جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته اهي مشينون کوليون ئي نه ويون ۽ نتيجي ۾ 4 مشينون مڪمل طور تي استعمال لائق نه آهن ۽ 2 مشينون ڳري رقم سان مرمت بعد هلائي سگهجن ٿيون، جنهن تي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ پاران فيصلو جاري ڪندي چيف سيڪريٽري سنڌ کي فوري طور جاچ ڪري 1996ع کان پرنٽنگ جي شعبي توڙي لاڳاپيل ملازمن خلاف سخت ڪارروائي جا حڪم ڏنا آهن. ايندڙ ٻڌڻي 20 ڊسمبر تي مقرر ڪئي وئي آهي.

(ٽائيم نيوز جي ٿورن سان)