خاص

بدامني ۾ غيرقانوني پرڏيهي ملوث، افغان اڳواڻن جون ڌمڪيون افسوسناڪ آهن: وزيراعظم

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته افغان اڳواڻن جي ڌمڪين وارا بيان افسوسناڪ آهن، پاڪستان ۾ بدامني ۾ غيرقانوني ترسيل پرڏيهي شهري ملوث آهن. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ وڌيڪ چيو ته افغانستان پاڪستان جو پنجون صوبو نه، پر الڳ ملڪ آهي، جڏهن به افغانستان تي مصيبت آئي ته پاڪستان مدد ڪئي. نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ وڌيڪ چيو ته  40 لک افغان شهرين جي ميزباني ڪئي. ڪابل تي طالبان جي قبضي کانپوءِ پاڪستان ۾ دهشتگردي ۾ اضافو ٿيو. دهشتگردن خلاف جنگ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، پاڪستان ۾ دهشتگردي پکيڙيندڙن کي نه ڇڏينداسين. هن چيو ته بدقسمتي سان افغانستان ۾ عبوري حڪومت جي قيام کانپوءِ دهشتگردي ۾ 60 سيڪڙو واڌ ٿي آهي. 2 سالن ۾ سرحد پار دهشتگردي سبب 2 هزار کان وڌيڪ پاڪستاني شهيد ٿيا، پاڪستاني سيڪيورٽي سان وڙهندي 64 افغان دهشتگرد مارجي ويا. اهڙن مسئلن کي ميڊيا آڏو آڻڻ کانسواءِ گڏيل مفاهمت ذريعي حل ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون ويون، پر جڏهن افغان حڪومت طرفان ڪو مثبت جواب نه آيو ته پاڻ ئي مسئلا حل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.