سمرقند
قسط ڇويهين
ترجمو: زاهده ابڙو
1895 جي گرمين جي پڇاڙيءَ ۾ مون پراڻي دنيا جو قصد ڪيو- منهنجي ناني تازوئي پنهنجي 76هين سالگرهه ملهائي هئي ۽ مون کي ۽ منهنجي ماءُ کي ڏاڍا ڏک ڀريا خط لکيا هئا- هُن هِن دنيا مان موڪلائڻ کان اڳ مون کي ڏسڻ ٿي چاهيو، چاهي هڪڙو دفعو ئي- مان پنهنجي تعليم ختم ڪري چڪو هئس ۽ ڏاڍي تڪڙ ۾ سفر تي نڪري پيس ۽ بحري جهاز تي پنهنجو پاڻ کي ان ڪردار جي لاءِ تيار ڪرڻ لڳس، جيڪو مون کي انجام ڏيڻو هو- سندس هنڌ جي ويجهو گوڏن ڀر جهڪڻ، سندس برف جهڙو هٿ همٿ سان پنهنجي هٿ ۾ جهلي سندس آخري لفظ ڀُڻڪندي کيس ٻڌڻ-
اهو سڀ بيڪار ويو- نانا ”شير بور“ تي منهنجو انتظار ڪري رهيو هو- مان هاڻي به کيس ڪاليني جي بندرگاهه تي بيٺل ڏسي سگهان ٿو، پنهنجي لڪڻ کان به وڌيڪ سڌو، خوشبوءِدار مڇون، تواني چال ۽ مٿي تي هيٽ جيڪو ڪنهن به خاتون جي پاسي مان گذرندي وقت پنهنجو پاڻ ٿورڙو جهڪي ٿي ويو- جڏهن اسان کي ”ايڊميريلٽي“ ريسٽورنٽ ۾ پنهنجين جاين تي ويهاريو ويو، ته هن مضبوطيءَ سان منهنجي ٻانهن کي جهليو- ”منهنجا دوست“ هن چيو ڄاڻي ٻجهي ڏاڍي ناٽڪي انداز ۾، ”اجهو هاڻي هڪ نوجوان مون ۾ ٻيهر جنم ورتو آهي، ۽ ان کي هڪ ساٿيءَ جي ضرورت آهي.“
مون سندس لفظن کي گهڻي اهميت نه ڏيندي وڏي غلطي ڪئي هئي- اسانجو وقت ڪنهن واچوڙي وانگر گذري ويو- اڃا اسان ”بريبان“، ”فويو“ يا ”شيلو پير لاتويل“ ۾ کاڌو کائي بس ئي نه ٿي ڪيو ته ڊوڙندي ”شگال“ تي پهتاسين، جتي او جيني بوفي رونما ٿيڻ واري هئي، يا “مير ليتون“ جتي اريستيد بريان ڇايل هو، يا ”سڪالا جتي ايويت گلبير les vierges, le foetus ۽ le fiarce نغمه سرائي ٿي ڪئي- اسان ٻئي ڀائرن وانگر هئاسين، هڪ اڇين مڇن وارو، ٻيو ڀورين مڇين وارو- اسان جي چال به ساڳي هئي، هيٽ به هڪ جهڙا هئا، پر عورتن پهرين ڏانهس ٿي ڏٺو، ڀڙڪ سان شيمپين جي بوتل کلندي ئي هر ڪاگ تي مون سندس هر حرڪت ۽ طور طريقي جو مطالعو ٿي ڪيو، ۽ مون کي هڪ ڀيرو به سندس ڪا حرڪت قابل گرفت نظر نه آئي- هو جهٽ ۾ اٿي بيهي ٿي رهيو، مون وانگر تيز قدم ٿي هليو، سندس لڪڻ محض هڪ نمائشي شئي کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه نه هئي- هن ان لهندڙ بهار جي هر گلاب کي چونڊڻ ٿي چاهيو- مون کي اهو ٻڌائيندي خوشي ٿي رهي آهي، ته هو 93 سالن تائين زنده رهڻ وارو هو- 17 سال وڌيڪ، هڪ عدد ئي کڙي تڙي جواني-
هڪ شام هو مونکي ”پلاس دولا مادلين“ جي ريسٽوران ”ديوران“ ۾ ماني کارائڻ وٺي ويو. ريسٽوران جي هڪ حصي ۾ ڪيترن ئي ميزن جي چوڦير، جن کي هڪ ٻئي سان ملائي رکيو ويو هو. جن ۾ اداڪارن، اداڪارائن، صحافين ۽ سياستدانن جا گروهه ويٺا هئا. جن جا نالا نانا مون کي هڪ هڪ ڪري وڏي آواز ۾ ٻڌائڻ لڳو. انهن مشهور ۽ معروف ماڻهن جي وچ ۾ هڪ ڪرسي خالي پئي هئي، پر جلد ئي هڪ ماڻهو اچي اتي پهتو ۽ مان سمجهي ويس ته اها سندس لاءِ بچائي رکي وئي هئي- اک ڇنڀ ۾ ماڻهو سندس چوڦير جمع ٿي ويا ۽ سندس تعريف ڪندي نه ٿي ٿڪا، سندس هر هر لفظ تي تعجب جو اظهار ٿي ڪيائون يا ٽهڪ ٿي ڏنائون- نانا اٿيو ۽ اشاري سان مون کي پٺيان اچڻ لاءِ چيائين-
”هل، مان توکي پنهنجي سئوٽ سان ملرايان!“
اهو چوندي هو مون کي وٽس گهلي آيو،
ٻنهي هڪ ٻئي سان عليڪ سليڪ ڪرڻ کانپوءِ مون ڏانهن ڌيان ڏنو-
”منهنجو آمريڪي ڏوهٽو. هي تو سان ملڻ جو تمام گهڻو خواهشمند هو!“
مان پنهنجي حيرانگي کي شايد چڱي طرح لڪائي نه سگهيس، ۽ ماڻهوءَ اهو چوڻ کان پهرين مون ڏانهن ٿوري بي يقينيءَ سان ڏٺو:
”ته سڀاڻي اچي مون سان ملي، جڏهن مان پنهنجي ٽراءِ سائيڪل تي سواري ڪري چڪو هجان-“
واپس اچي ميز تي ويهڻ کانپوءِ مون کي اندازو ٿيو ته مون کي ڪنهن جي سامهون پيش ڪيو ويو هو- منهنجو نانو منهنجي ان ملاقات لاءِ ڏاڍو اتساهڪ هو ۽ گهڻي چاهه ۽ خانداني فخر سان ان جو ذڪر ڪيو هئائين-
اهو درست آهي ته اهو منهنجو سئوٽ، جيڪو اوقيانوس واري منهنجي ڪناري طرف تمام گهٽ مشهور هو، فرانس ۾ سارا ابرن هارت کان وڌيڪ مشهور هو، ڇو ته هو وڪتوران ري دروشفور، لوسائي، ۽ هاڻ جمهوري فرانس ۾ آن ري دروشفور جي نالي سان مشهور هو. هو مارڪي به، ڪميون جو رڪن اڳوڻو ڊپٽي وزير ۽ سزا ڀوڳيل ڏوهاري به- باقاعده فوج جي سپاهه ذريعي کيس نيو ڪاليدونيا جلاوطن ڪيو ويو هو- 1874 ۾ هو ڏاڍي هنگامه آرائي سان ڀڳو جنهن سندس دور جي ماڻهن جي خيال کي ڀڙڪائي ڇڏيو، ۽ جنهن جي منظرڪشي ايدوار ماني پنهنجي هڪ روغني پينٽنگ ”روشفور جو فرار“ ۾ ڪئي آهي- ان جي باوجود 1889 ۾ جمهوريه جي خلاف سازش ڪرڻ تي کيس جنرل بولان زي سان گڏ ٻيهر ملڪ نيڪالي ڏني وئي ۽ هو لنڊن هو، جتان هن پنهنجي بااثر اخبار لانتر انسيجان جاري ڪئي- جڏهن عام معافيءَ سبب هو 1895 ۾ واپس آيو ته ٻن لکن ماڻهن سندس پئرس ۾ جوش ۽ جذبي سان استقبال ڪيو- بلانڪويستي ۽ بولخجيستي ٻنهي جنهن مان هڪڙو ساڄي ڌر ٻيو کاٻي ڌر جو انقلابي هو، مثال پرست ۽ هلچل مچائيندڙ سياست باز هئا- هن کي 100 کان وڌيڪ ۽ مختلف مقصدن جو ترجمان بنايو ويو- مون کي انهن سڀني ڳالهين بابت خبر هئي، پر سڀ کان اهم ڳالهه کان ناواقف هئس-
مقرر ٿيل ڏينهن تي مان ”روپرگوليز“ ۾ سندس رهائشگاهه تي پهتس. اهو تصور ڪرڻ جي اهل به نه هئس ته نانا جي ان محبوب سوٽ سان ملاقات منهنجي اوڀر جي ڪائنات جي نه ختم ٿيندڙ سفر جو پهريون قدم ثابت ٿيندي-
”ها ته،“ هن مخاطب ٿيندي چيو، ”تون من موهيندڙ جنوييو جو پٽ آهين- اهائي نه جنهن جو نالو هن عمر رکيو هو؟“
”جي ها، بينجامن عمر-“
”خبر اٿئي مون توکي پنهنجي ڪڇ ۾ کيڏايو آهي؟“
جيئن ته ڳالهه سچي هئي، هو مونکي هاڻي پنهنجائپ سان مخاطب ڪرڻ تي مجبور هو، پر ان کي مخاطب ڪرڻ وقت ان جو اطلاق بهرحال مون تي نه پئي ٿيو-
”حقيقت ۾ امان ٻڌايو هو ته فرار کانپوءِ اوهان سان فرانسسڪو پهتا هئا ۽ اتان کان اِيسٽ ڪوسٽ لاءِ ريل گاڏي تي چڙهيا هئا- اسان توهان سان ملڻ لاءِ نيويارڪ اسٽيشن آيا هئاسين- ان وقت مان ٻن سالن جو هئس-“
”مونکي چڱيءَ طرح ياد آهي- اسان تو بابت ڳالهايو هو، خيام ۽ ايران جي باري ۾ ۽ مون ته ان حد تائين پيشنگوئي ڪئي هئي ته هڪ ڏينهن تون مشرقي علمن ۽ فن بابت گهڻو ڪجهه پرائيندين-“
مون ٿوري ندامت ڏيکاري ته مان سندس خواب ۽ خيال کان هٽي ويو آهيان ۽ منهنجون دلچسپيون ڪنهن ٻي جاءِ تي آهن- منهنجو ڌيان مالياتي مطالعي طرف وڌيڪ هو ۽ هڪ ڏينهن پنهنجي پاڻ کي بابا جي قائم ڪيل بحري تعميرات جي ڪاروبار کي سنڀاليندي ڏسي رهيو هئس- ان منظر سان گڏ ته هو منهنجي چونڊ کان دلي طور مايوس ٿيو آهي، روشفور ڊگها دليل ڏيڻ لڳو، جنهن ۾ مونتيسڪيو جي نامه هائي ايران ۽ ان جو مشهور ايراني ڪيئن بڻجي سگهجي ٿو؟ جوا بازي جون مهمون، جنهن پنهنجو پاڻ کي لوئي چوڏهين جي سفير جي ويس ۾ پيش ڪيو هو ۽ شاهه ايران سندس استقبال ڪيو هو ۽ زان زاڪ روسو جي سوٽ جي ڪهاڻي، جنهن پنهنجي زندگيءَ جا آخري ڏينهن اصفهان ۾ هڪ گهڙي ساز جي حيثيت ۾ گذاريا، سڄو اندر جو اوجهه شامل هو- مان صرف ان جو اڌ ٻڌي رهيو هئس، جيڪو هو ڳالهائي رهيو هو- سڀ کان وڌيڪ اهو ته مان رڳو روشوفور کي ڏسي رهيو هئس: ان جي وڏي جسم، غير معمولي طور تي وڏي مٿي ۽ اڳتي نڪتل پيشاني جنهن تي گهنگريالن وارن جو ڇڳو پيل هو- هو ڏاڍي جوش سان ڳالهائي رهيو هو، پر ڪنهن تاڪيد ۽ انداز کان بنا جنهن جي توقع اهو شخص ڪري سگهيو ٿي، جنهن سندس جوش سان ڀرپور تحريرن جو مطالعو ڪيو هجي-
”مان ايران جو شيدائي آهيان، جيتوڻيڪ ڪڏهن مون اتي قدم ناهي رکيو،“ روشفور اعلان ڪيو- ”مون ۾ سياح جو روح ناهي- جيڪڏهن مون کي ٻه ٽي دفعا جلاوطن نه ڪيو وڃي ها ته مان فرانس کان ٻاهر ڪڏهن به قدم نه رکان ها- پر وقت بدلجندو آهي، ۽ ڌرتيءَ جي ٻئي سري تي پيش ايندڙ واقعا اسانجين زندگين تي اثرانداز ٿيندا رهندا آهن- اڄ جيڪڏهن مان سٺ سالن جي بجاءِ ويهن سالن جو هجان هان ته اوڀر جي مهم جوئي تي ڏاڍو دل چوي ها- خاص طور تي جيڪڏهن منهنجو نالو عمر هجي ها!“
مون کي چاهيندي نه چاهيندي خيام ۾ پنهنجي دلچسپي نه هجڻ جو جواز پيش ڪرڻو پيو، ان لاءِ مون کي رباعين جي مشڪوڪ حيثيت جو ذڪر ڪرڻو پيو، اهڙي نسخي جي عدم موجودگي جيڪا هميشه جي لاءِ ان جي مستند هجڻ جي مسئلي کي حل ڪري سگهي- اهو سڀ پنهنجي جاءِ تي، منهنجي ڳالهه ٻڌندي سندس اکين ۾ هڪ تيز چمڪ اڀري اهڙو سرور ۽ نشو جو منهنجي سمجهه کان مٿي هو- منهنجن لفظن ۾ ته اهڙي ڪابه ڳالهه نه هئي، جو هن ۾ ايتري قدر جوش اڀري آيو- تجسس ۽ چڙ سبب مون پنهنجي دل جي ڳالهه کي مختصر ڪيو ۽ پوءِ خاموش ٿي ويس- روشفور ڏاڍي اشتياق سان مون کان پڇيو:
”جيڪڏهن توکي يقين هجي ته اهڙي نسخي جو وجود آهي، ته ڇا عمر خيام ۾ تنهنجي دلچسپي ٻيهر جنم وٺي سگهي ٿي؟“
”قدرتي ڳالهه آهي،“ مون اعتراف ڪيو-
”۽ جيڪڏهن مان توکي ٻڌايان ته اهو ڪتاب مون پنهنجين اکين سان ڏٺو آهي، ۽ سڀ کان وڌيڪ ته اهو پئرس ۾ ئي، ۽ مون پاڻ ان جا ورق اُٿلايا آهن؟“
***

