نئون

حيدرآباد ۾ دهشتگردي جي ڪوشش ناڪام

حيدرآباد ۾ دهشتگرد هٿيارن سميت گرفتار ڪيا ويا آهن. سندن پلان موجب جمعي جي ڏينهن حملو ڪرڻو هيو. جڏهن ته سيڪيورٽي اداري جي وقت تي ڪارروائي جي ڪري 3 بم ۽ وڏي تعداد ۾ ڌماڪو ڪندڙ مواد هٿ ڪيو ويو آهي. خبرن موجب ڳجهين اطلاعن ملڻ کانپوءِ سيڪيورٽي ادارن پاران حيدرآباد ۾ هٽري باءِ پاس لڳ گهر ۾ ڪارروائي ڪري 3 بم ۽ وڏي تعداد ۾ ڌماڪو ڪندڙ مواد برآمد ڪري ورتو آهي. ڪارروائي دوران 5 ڄڻن کي گرفتار به ڪيو ويو آهي جن کي ڪنهن نامعلوم جڳهه تي رکيو ويو آهي ۽ انهن جو تعلق هڪ ڪالعدم تنظيم سان ٻڌايو ويو آهي. سيڪيورٽي ادارن پاران چيو ويو آهي ته گرفتار ٿيل ماڻهن پاران جمعي ڏهاري تخريب ڪاري ڪرڻ جو پلان هيو. جنهن ۾ برآمد ٿيل 3 بم ۽ ڌماڪو ڪندڙ مواد استعمال ٿيڻو هيو.