نئون

سنڌ اندر هڪ ڪاليج کي يونيورسٽي بنائڻ جو بل منظور

حيدرآباد ڪاري موري ڪاليج کي يونيورسٽي جو درجو ڏيڻ جو بل منظور، 9 فيڪلٽيون هونديون. ڪاليج کي يونيورسٽي بنائڻ جو بل سنڌ اسيمبلي اڪثريت سان منظور ڪري ورتو. حيدرآباد شهر جي يونيورسٽي ۾ 9 فيڪلٽيز قائم ڪيون وينديون. بل ۾ لکيو ويو آهي ته سنڌ حڪومت يونيورسٽي ۾ ڪنهن به معاملي تي انسپيڪش ڪرائڻ ڪنهن به آفيسر خلاف ڪارروائي ڪرڻ وائيس چانسلر سميت ڪنهن به آفيسر کي عهدي تان هٽائڻ جا اختيار رکندي. وائيس چانسلر جي مقرري وڏو وزير ڪندو. ان موقعي تي نثار کهڙي ايوان ۾ ڳالهائيندي چيو ته ڪاري موري ڪاليج کي 100 سال مڪمل ٿيڻ جي خوشي ۾ عوام کي تحفو ڏيئي رهيا آهيون، جنهن سان نوجوانن کي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. يونيورسٽي ۾ 9 فيڪلٽيز قائم ڪيون وينديون جنهن جي تفصيل هن ريت آهي. آرٽس اينڊ هيومنٽيز، فيڪلٽي آف سائنس، فيڪلٽي آف ايجوڪيشن، فيڪلٽي آف لا، فيڪلٽي آف مئنيجمينٽ، فيڪلٽي آف سائنس اينڊ ڪامرس، فيڪلٽي آف انفارميشن ٽيڪنالاجي، فيڪلٽي آف ميڊيسن اينڊ ايپلائيڊ سائنسز، فيڪلٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ۽ فيڪلٽي آف فارميسي شامل هونديون. بل ۾ چيو ويو آهي ته يونيورسٽي ۾ ڪنهن به شاگرد کي مذهب، جنس، رنگ، نسل جي بنياد تي داخلا کان انڪار نه ڪيو ويندو.