نئون

معذورن لاءِ روبوٽڪ ٽنگون تيار ڪيون ويون آهن

روبوٽ ٺاهيندڙ ڪمپني سائيبر ڊائين پاران روبوٽڪ ٽنگون تيار ڪيون ويون آهن جن کي سوچ جي  بهتر مدد سان ڪم آڻي سگهجي ٿو. هي ٽنگون اهڙن مريضن کي نظر ۾ رکي ٺاهيون ويون آهن جيڪي يا ته قدرتي معذور آهن يا وري ڪنهن حادثي ۾ معذور ٿيا هجن اهڙو معذور انسان هي ٽنگون پائي آساني سان نه صرف بيهي سگهي ٿو پر هلي ڦري به سگهي ٿو. واضح رهي ته جسم جو هر عضوو دماغ مان موڪليل سنگل کي وصول ڪري چرندو آهي. جڏهن ته معذور ماڻهن ۾ اهي عضوا ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندا آهن پر هي روبوٽ ٽنگون اهڙن ماڻهن جي دماغ مان آيل سگنلن کي پڙهي انهن مطابق چرپر ڪنديون آهن جنهن سان اهو شخص آرام سان هلڻ ڦرڻ جي قابل ٿي ويندو آهي. هي روبوٽڪ ٽنگون ٺاهيون ته جاپاني ڪمپني آهن پر هاڻي ان کي آمريڪي ڪمپني خريد ڪري ان تي تجربا ڪري رهي آهي.