نئون

لوهه کان به 200 ڀيرا وڌيڪ مضبوط رٻڙ تيار

آمريڪي رياست اوهايو جي هڪ رٻڙ ٺاهيندڙ ڪمپني اعلان ڪيو آهي ته ان گريفين جي مدد سان اهڙو رٻڙ ايجاد ڪيو آهي جيڪو لوهه کان به 200 دفعا وڌيڪ مضبوط آهي. ڪمپني جو چوڻ آهي ته هوءَ اهڙي رٻڙ مان شيون ٺاهي انهن جو وڪرو جلد شروع ڪري ڇڏيندي ۽ هن طريقي سان صنعتي بنيادن تي شيون ٺاهڻ جو ڪم هڪ سال ۾ شروع ٿي ويندو. واضح رهي ته گريفين نالي مواد هڪ سال اڳ ايجاد ڪيو ويو هو، جنهن جي ڪاميابي جون خبرون اينديون رهنديون آهن هاڻي ان کي هڪ نئين انداز ۾ رٻڙ ٺاهڻ ۾ استعمال ڪيو ويو آهي، جيڪو پيڪيجنگ لاءِ ۽ ڪجهه ٻيا سامان ٺاهڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو.