حيسڪو جون ڏاڍايون ظلم ۾ تبديل ٿي ويون آهن
حيدرآباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني (HESCO) جنهن جو ڪم حيدرآباد ڊويزن کي بجلي فراهم ڪرڻ آهي ۽ ان جي ادائگي صارف کان واپس وٺڻي آهي. اهو هاڻي هڪ بدمست هاٿي بڻجي چڪو آهي، جنهن جو مقصد بجليءَ جي صارفين کي چيڀاٽڻ آهي. حيسڪو اندر ڪرپشن جو اهو حال آهي ته ان جا وڏا آفيسر ته پري، پر عام ميٽر ريڊر ۽ لائين مين ماهوار لکين رپيا ڪمائي رهيا آهن ۽ ان ڪمائيءَ جي ڪميشن مٿين آفيسرن تائين پهچائي رهيا آهن. انهن کان ڪير به پڇاڻو نٿو ڪري ته اوهان مقرر پگهار مان پُر آسائش زندگي ڪيئن گذاري رهيا آهيو؟ جواب بلڪل سادو آهي ته حيسڪو جا سڀئي ننڍا وڏا عملدار پاڻ بجلي چوري ڪرڻ ۾ ملوث آهن ۽ پوءِ چوري ٿيل بجليءَ جا بل انهيءَ صارف تي غير قانوني نموني لڳايا وڃن ٿا جيڪو غريب شريف ماڻهو ميٽر هلائي استعمال ٿيل يونٽن جو بل هر مهيني باقائدگي سان ادا ڪري ٿو، پر ويڌن به ان صارف سان آهي جنهن کي استعمال کان وڌيڪ بجليءَ جو بل ڏيڻو پوي ٿو. ڪڏهن ڊڊيڪشن جي بهاني، ڪڏهن غلط ريڊنگ جي بهاني ان سان ماهوار زيادتيون ٿين ٿيون ته وري ڪڏهن اوور بلنگ جي بهاني ان ڏانهن لکين رپين جا بل موڪليا وڃن ٿا. اهڙو ئي مثال ميڊيا ۾ رپورٽ ٿيو آهي ته گاڏي کاتي جي علائقي ۾ رهندڙ مرحوم محمد حنيف جيڪو هڪ ڪمري جي گهر ۾ رهندو هو ان تي ايس ڊي او حيسڪو ايف آءِ آر داخل ڪرائي ته مرحوم ڏانهن ڇهه لک رپيا بجلي جي بقايه رهيل آهي ۽ هو غير قانوني ڪنيڪشن هڻي بجلي چوري ڪري رهيو آهي. هن وقت سنڌ پوليس کي حيسڪو اختيارين آسرو ڏنو آهي ته سنڌ پوليس کي بقايا وٺڻ جي مد ۾ مدد ڪرڻ تي مليل رقم جو ٻه سيڪڙو ڏنو ويندو، اهو ئي سبب آهي جو پوليس فوت ٿي ويل ماڻهو تي ايف آءِ آر داخل ڪري ڇڏي، جڏهن خبر پئي ته صارف فوت ٿي ويو آهي ته ان جي ڀاءُ کي پوليس گرفتار ڪيو (هي آهي پنهنجي ملڪ جو قانون جيڪو غريب ۽ مجبور تي لٺ کڻيو بيٺو آهي) ان جي ضمانت ڪرائي وئي، پر ان غريب تي ايترو ذهني دٻاءُ وڌو ويو جو ٻڌايو وڃي ٿو ته سندس دماغ جي رڳ ڦاٽي پئي ۽ اهو ويچارو فوت ٿي ويو. هاڻ ان فوتي جو قتل ڪنهن جي مٿان وڌو وڃي؟ پنهنجي ملڪ ۾ عام غريب ماڻهو جي حيثيت ڌرتيءَ تي ڦرندڙ ڪيڙي ماڪوڙي جهڙي آهي جنهن جو ڪوبه انساني ۽ قانوني حق نه آهي. ڪير ان پوليس واري کان پڇاڻو ڪندو، ڪير ان حيسڪو جي ايس ڊي او کان پڇاڻو ڪندو ته اوهان جو ڪوڙو بل سو به ڪنهن مرحوم جي نالي تي ان جي بدلي اوهان هڪ بيقصور ماڻهو کي گرفتار ڪري اچو ٿا. لکيل قانون موجب جيڪڏهن ڪنهن تي قتل جو الزام به آهي ته قانون انهيءَ جي ڀاءُ کي به گرفتار نٿو ڪري سگهي. هتي ته ڪوڙي بقايا ڄاڻائي ڪنهن بي قصور ماڻهو کي انهيءَ ڪري گرفتار ڪيو ويو ته هو انهيءَ فوت ٿيل ماڻهو جو ڀاءُ هو، جنهن جي مٿان واپڊا وارن ڪوڙو بل لڳايو هو ۽ پوليس ڪوڙي ايف آءِ آر داخل ڪئي هئي. ڪٿي آهي انصاف؟ ڪٿي آهن انساني حقن واريون تنظيمون؟ جيڪي انهن کان پڇاڻو ڪن ۽ انهن آفيسرن کي جوڳي سزا ڏيارين. ميٽر ريڊر ٽي ٽي هزار يونٽ وڌيڪ ڄاڻائي ڏيڍ لک تائين جا ڪوڙا بل حيسڪو صارفين طرف موڪلين ٿا. پوءِ جڏهن انهن جي انهيءَ غلطي جي نشاندهي آفيسرن سان ڪئي وڃي ٿي ته اهي صرف ايترو چون ٿا ته اوهان آيل بل ٿورو ٿورو ڪري جمع ڪرايو ته جيئن اهي وڌيڪ ڄاڻايل يونٽ استعمال ۾ اچي وڃن. مطلب ته غلطي مڃڻ جي باوجود به ان غلطيءَ جو ازالو نٿا ڪن ۽ صارف ويچارو پنهنجي نوڪري يا ڪم ڪار وارو ٽائيم حيسڪو جي آفيسن جا چڪر لڳائي بل کي صحيح ڪرائڻ جي ڪوشش ۾ ذهني اذيت جو شڪار ٿئي ٿو، انهيءَ جو ازالو ڪير ڪندو. ٿيڻ ته ايئن کپي ته جيڪڏهن حيسڪو جي غلطي سبب ڪنهن صارف سان ناجائزي ٿئي ٿي ته حيسڪو عملدار پنهنجي غلطي تي معافي گهرن ۽ انهيءَ غلطي جو ازالو ڪن، پر هتي ابتي گنگا وهي رهي آهي ۽ قصوروار هميشه اهو بيقصور صارف ٿئي ٿو جيڪو وقت سر پنهنجو بل به ڏئي ٿو ۽ واپڊا عملدارن جي ملي ڀڳت سان واپڊا جي چوري ٿيڻ وارو بل به ادا ڪري ٿو، پر ان جي ٻڌڻ وارو ڪير به نه آهي. هن ظلم جو حساب ڪير وٺندو ۽ ڪڏهن وٺندو.

