بلاگنئون فڪري زاوين جو شخصيت جي آدرشن سان سنگم: February 6, 2024 Zahida Abro زندگيءَ جي ڪُل کي پلن جا ڪرڻا ڪيئن ٿا روشن ڪن ! ”جن اندر ٻري باهھ، سُڌ تنين کي سڀڪا !“ تجربيت جي سائنسي اصولن موجب جيتوڻڪ اخلاق؛ آدرشَ ۽ قدرَ ڪنهن به پيمائش ۽ پيماني ۾ نه ئي پيوند ٿا ٿين نه ئي پرکجن ٿا، پر مشاهدي جي آڌار اسان اِهي شعور ۽ ضمير سان جُڙيل ۽ ڳنڍيل ڳرا ڳرا وڏين ٻرانگهن جهڙا اکر ۽ وکر کڻي ”هڪ آدرشي انسان“ ۽ ”رول ماڊل شخصيت“ جهڙا اصطلاح جوڙيا ويا آهن. ”آدرشن وارو انسان“: علم ۽ فهم، سمجهه ۽ ساڃاهه، پُرجهه ۽ پروڙ تان جو ويندي يڪتا ۽ يگانو! هڪڙا اهڙا لفظ آهن جيڪي اسان جي روزمره زندگين لاءِ دراصل انتهائي بنيادي مقصد آهن. جن جي حاصلات اسان زندگيءَ جي اولين نصب العين طور مقرر ڪري ڇڏي آهي. عالم جي شخصيتي جڙاءَ ۽ علمياتي صورت جو سنگم صدين پڄاڻان اڄ وڌيڪ درڪارِ عالم ۽ حسرتِ يڪسوئي وانگر گردان آهي. اسان ڪي ٻه چار ماڻهو به نه، پر گهٽ ۾ گهٽ سون ۾ اسان جهڙن مشتاقن جو انگ آهي، جن ڏٺو ته واقعي عالم پنهنجن طئي ڪيل آدرشن سان ڪيئن روشن، رول ماڊل شخص، دانشور ۽ استاد ٿيندو آهي! ان جا تاثرات؛ ان جا رويا؛ ان جون ترجيحون؛ ان جون دوستيون؛ ان جي مطالعي ۾ ڇنڊڇاڻ، سڀاءَ ۾ نفاست ۽ ظرف، ان جا تصورَ ۽ ان جُون سوچون ڪيئن جهلڪندا آهن! ڪيئن ٽمڪندا آهن! اهي اکر جيڪي روز ٻڌون ته ٿا، پر مشاهدي ۾ جهڙوڪ اچن ئي نٿا! پر اسان هڪ پورو نسل شاهد آهيون ته هڪ آدرشي انسان، هڪ عالم، هڪ استاد ڇا ٿيندو آهي!! ڪيئن رهندو آهي ۽ ڪيئن وڃي به ڪڏهن ناهي ويندو. ”هلو ته پڇون سُھڻي، جا ڪَرَ ڄاڻي نينھن“ لطيف جي چواڻي هنن ماڻهن کان سکڻو پوندو ته علم ۽ فهم سان نينهن ڪيئن ڪبو آهي! يعني نينھن جي خبر وٺڻي اٿوَ ته توھان کي سھڻي وٽ ھلڻو پوندو، ۽ انھي لاءِ ھو پاڻ به اوڏانھن ھلڻ جو مشتاق آھي. ائين ئي انسانيت، اُن جي علم ۽ فهم جي تخيل ۽ تصور جي خبر وٺڻي آهي ته اسان کي سائين حيدر علي لغاري وٽ ھلڻو پوندو. سندس تعلق نواب ولي محمد لغاري جي گھراڻي سان آھي، جيڪو سنڌ جي وزيراعظم جي مسند تي مقرر ھو. سائين حيدر جو ڏاڏو نواب گل محمد لغاري انگريزن جي دور ۾ ”جسٽس آف پيس“ سان گڏ ٻه ھزار ايڪڙ زمين جو مالڪ ھو. پنھنجون زمينون، باغ باغيچا، ھاري ناري، ڍور ڍڳا، مال متاع، جايون جڳھيون، اُٺ گھوڙا، ٺٺ ٺانگر سڀ خانداني ورثو! ھي اُھي شيون آھن جن جي حصول لاءِ اسان جي قوم جا لڳ ڀڳ سڀ ماڻھو وات پاڻي ٿيندا گھلجندا ڳھلجندا وقت پورو ڪن ٿا، پر سائين حيدر انھي نوابي کي ئي عيب سمجھيو. ھن انھيءَ ٺٺ ٺانگر کي رد ڪيو ۽ پنھنجي پاڻ کي اعلي انساني قدرن ۽ آدرشن سان واڳي استاد ٿيڻ پسند ڪيو. سندس استاد ٿيڻ ڪو روايتي طرز عمل نه ھو، جنھن ۾ ماڻھن کي جڏھن ٻي ڪا نوڪري نه ملندي آھي ته وڃي ماستر ٿيندا آھن، پر سائين حيدر نوابي ٺڪرائي استاد ٿيو ھو. ھن انھي پيشي سان پيار ڪيو ۽ سڄي زندگي پنھنجي فرضن کي پنھنجي وندر ۽ پنھنجي عشق جيان اپنايو. درسگاھن ۾ ته نصاب پڙھائڻ ھن جو سرڪاري فرض ھو، پر علم ۽ عرفان، فڪر ۽ فلسفي، ادب ۽ آدرشن کي ھن صرف سرڪاري فرض نه ٿي سمجھيو. ھن پنھنجي پوري زندگي انھي فرض کي ارپي ڇڏي. زندگيءَ جا اٺٽيھ سال لڳاتار ادارن ۾ سڌيءَ ريت ان فرض سان نڀائندي ۽ پوءِ باقي مليل وقت جي وٿيءَ جا سال به شام صبوح بنان ڪنھن ليکي چوکي سنڌ جي نوجوانن ۾ شعور ۽ علم جي اُڃ اوتيندو رھيو. سندن زندگيءَ جي آخري شام به ان سرگرميءَ سان پوري ٿي ھئي! تاج پور جون وڏيون اوطاقون ھجن يا ٽنڊوڄام جو سرڪاري گھر، ھيرآباد ۾ سندس جڳھ جو ھڪ ڪشادو ڪمرو ھجي يا اختر ڪاٽيجز ۾ سندس گھر جو ننڍڙو آستانو، اھي سڀ جڳھيون سندس وشال دل جيان شاگردن جي علم جي اُڃ اجهائڻ لاءِ وسيع درسگاھ بنيل رھيون. نه صرف اھو، پر سائين روڊن، رستن، گھٽين، فوٽ پاٿن ٿلھي ليکي ھر ھنڌ، جتي پاڻ اتي شاگردن جو ميڙ ۽ اتي سقراط جيان سندس درس! ھو روايتي نظم ضبط ۽ آدابن جو قائل نه ھو، جنھن ۾ ٻار کي دڙڪو ڏئي، اک ڏيکاري، ھيسائي اول ته ساھ ڪڍجي ۽ پوءِ انھي ٻار کي ”ھتان کان وٺي ھيترو“ سبق پڙھائي پنھنجي جند ڇڏائجي، ۽ ائين چئي ڇڏجي ته ”ٻار کي ڊپ ضروري آھي“. ھن ته پنھنجي شاگردن کي پنھنجو دوست بڻايو. سچ ته ھن سڀ فرق ميٽي ڇڏيا ھئا. عمر جي گھرج، علم ۽ زندگيءَ جي تجربي جو فرق، ذات پات، اوچ نيچ ۽ مال ملڪيت جا فرق ته وٽس ھئا ئي ڪون. ”جي آيا سي اگھيا“ جيان سندس شاگرد ساڻس حجتون ڪندا، مذاق مشڪريون ڪندا، ويندي ڪڏھن ته دل آزاري ڪندا! پر سائين سدائين پيو کلندو ھو ۽ جي اُھي شاگرد دوست رُسندا ته ”پاڻ وڃي پرچاءِ“ واري لطيفي پل صراط تي ھلڻ کان به نه ڪيٻائيندو ھو. ھن وٽ ماڻھوءَ جي ٻار جي وجود ۾ لڪل صلاحيت، ضميري صداقت ۽ سچائي کي گهڙي سنواري سڌو ڪرڻ کان به اڳم ان انساني ٻار جو احترام ڪرڻ وارو اصول وڌيڪ مقدم ھو. سندس صحبت ۾ شاگرد شدت پسند ۽ ڪند ذھن ٿي ايندا ته ضرور ھئا پر سائين انھن کي نظر جي وسعت، فڪرجي سرشاري، ھانوَ جي سَڄائي ۽ وجود جي حسناڪين جون سوکڙيون ڏئي جيئڻ جو رنگ ۽ ڍنگ سيکاري ڇڏيندو ھو. علامه آءِ آءِ قاضي پنھنجي ھڪ تقرير ”اڄ جي فلسفي ۾ ڪھڙيون خاميون آھن“ ۾ واضح طور اھا ڳالھ چئي ھئي ته جيڪڏھن اسان چاھيون ٿا ته علم عام ٿئي ته پوءِ اسان کي فلسفو عام ڪرڻو پوندو. سائين حيدر پنھنجي محترم استاد جي ڳالھ کي ھِنئين سان ھنڍائي فلسفي کي عام ڪيو. ڏاھپ سان پيار کي عام ڪيو. ھن پنھنجي ڪلاسن، ڪچھرين ۽ لکتن ۾ عام ۽ سولي ٻوليءَ ۾ فلسفي کي عام ڪيو. ھن ”Teach the teachers“ )استادن کي سيکاريو( واري قول تي عمل ڪندي ٽريننگ ڪاليج ۾ ايندڙ ھن قوم جي استادن کي نھايت ئي پاٻوھ سان فڪر ۽ فلسفي جا پيغام آڇيا. ڇاڪاڻ ته کيس خبر ھئي ته انھن کان سواءِ اسان پڙھيا لکياLiterate ته پئدا ڪري سگھون ٿا، پر پڙھيا ڪڙھياEducated ماڻھو پيدا نه ٿا ڪري سگھون. ماڻھن جي ھن سماج ۾ ”وڏي ماڻھوءَ“ جو تصور جتي صلاحيت، لياقت، قابليت، ۽ خدمت بدران دولت، طاقت ۽ وراثت سان ھيل تائين واڳيل آھي اُتي عام ماڻهو اسان وٽ اڃان تائين ”ھڏي ڀت“ جو مستحق ۽ ”ڪُت خلق“ آھي! سائينءَ جي لفظن ۾؛ ”ھي اھو طبقو آھي، جنھن جو لاڳيتو صدين کان ھيڻو حال آھي، ۽ جنھن جو مسلسل استحصال ٿيندو رھيو آھي، ۽ جنھن جو اڃا ڪو انت ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي! ڪئي نسل در نسل مدتن کان گھڻائيءَ ۾ ھوندي به گھاڻي ۾ آھن ۽ وڏي گھاٽي ۾ آھن! ھُو جھڙو ڪر ڄاوا ئي بيگار لاءِ آھن! بنا اُجرت پيٽ تي، اڻڀي ڳڀي تي، وھٽن وانگر وھڻ لاءِ ۽ ڳهڻ لاءِ.“ (اقتباس: ڪڇان ڪڄاڙو، ص 146) ۽ ٻي طرف ست رڇين وارا حضورِ والا: ”جيڪو سيد سڏائي، پير مرشد جي موروثي گاديءَ تي ويٺل ھجي، خان خانان جو پٽ ھجي، سلطان ابن سلطان جي قبيح ۽ مڪروھ مدي خارج روايت جو علمبردار ھجي، رئيس، نواب، مير صاحب جو خانداني شجرو پاڻ سان چنبڙايو وتي، علماءِ ڪرام، شيخ المشائخ جي رياڪار موروثي مسند ۽ نقلي جعلساز بزرگي جا نقاب اوڍيو، رات ڏينھن پرائي پورھئي تي مچي مواڙ ٿيندو وتي ۽ اھو ذات، قبيلي، فرقي جي مڪروھ موروثي وسيلن سان کٽيو کائڻ، مان لھڻ، اعزاز ۽ اعجاز ماڻڻ ڪھڙي نه بي رحم روايت آھي.“ )اقتباس: اندر مُلھ امُلھ، ص92( سائين حيدر انھي متڀيد جي فضوليات کي ھڪ ئي لحظي ۾ رد ڪندي پاڻ پنھنجو خانداني خول ڀڃي ڀورا ڪيو ۽ پورھئي ۾ انساني عظمت جي پرچار ڪئي. ماڻھو انساني سماج ۾ پنھنجي وجود کي ڪيئن ٿو ڪارائتو بنائي؟ پنھنجي فرضن کي ڪيئن ٿو پورو ڪري؟ سندس ذات مان ماڻھن کي ڪھڙو فائدو ٿو پھچي؟ سائين حيدر وٽ پورھئي ۾ ئي انھن سوالن جو جواب ۽ عظمت جو راز لڪل آھي. عبادت جو تصور به وٽس پورھئي کان الڳ ناھي. جيڪڏھن گند ۾ لھي ڪو شخص صفائي ڪري ٿو، ته اھا عبادت ناھي ته ٻيو ڇا آھي؟ ھن جو اھو عمل سڄي سماج جي غلاظت کي صاف ڪرڻ لاءِ آھي. اسان جي صحت ۽ صفائي لاءِ آھي، ماحول ۾ خوشبو پيدا ڪرڻ لاءِ آھي، انھي لاءِ ئي ھو گٽر ۾ لٿو آھي. جيڪڏھن ھو ائين نه ڪري ته سڄي سماج جي اصليت وائکي ٿي وڃي، ۽ اسان جا گھر گند جا ڍير بنجي وڃن. عبادت جو تصور سائين حيدر وٽ ڪنھن مخصوص جڳھ يا ڪنھن مخصوص طريقي سان لاڳاپيل نه ھو. انھي ڪري پاڻ چوندا ھئا: ”گٽر ۾ لھي ڪري به عبادت ٿئي ٿي ۽ عبادت خاني ۾ ويھي به رھزني ڪري سگھجي ٿي.“ ڳالھ صرف سچائي سان پورھئي ڪرڻ جي آھي. اسان جا ديس واسي جنھن شخص کي ”ڀنگي“ ڪوٺين، کائنس ڪم به وٺن ۽ ساڻس نفرت به ڪن! سائين حيدر ان شخص جي ڪم ۾ انساني ڀلائي جي رخ کي پرکي کيس ”صفائي وارو“ ڪوٺيندو ھو. ڇاڪاڻ جو ”ڀنگي“ نا برابري ۽ غلاميءَ جي بدبوءِ سان ڀريل لفظ آھي، نفرت ۽ ڪراهت آميز لفظ آھي، انسان جو انسان کي ڏنل عذاب ۽ پيڙا سان پُرٿيل لفظ آھي. جڏھن ته ”صفائي وارو“ خوشبو ۽ صحت جو علمبردار آھي، ماڻھپي جي خدمت جو ترجمان آھي. ايڪيھن صدي! جڏھن انسان خبر نه آھي ته ڇا ڇا تسخير ڪري چڪو آھي، ۽ ڪائنات جون وسعتون سندس ھدف ۾ آھن… ھو سڀ ڪجھ ھڪ ئي ڳت ۾ ڳڙڪائڻ جا سانباھا ڪري پيو، پر خبر ھن کي پاڙي واري جي به ناھي ۽ نه ئي ھو اھا خبر وٺڻ جي حسرت رکي ٿو. (هلندڙ) *** Post Views: 535