بلاگنئون

پاڪستاني عوام جون ايندڙ حڪومت ۾ اميدون

9 فيبروري جي صبح جو جڏهن همسري اخبار ۾ لکيل هي سِٽون ناظرين جي سامهون هونديون ان وقت اليڪشن جا تقريبن سمورا نتيجا غير سرڪاري طور تي اچي چڪا هوندا ۽ هر ڪنهن کي اها خبر پئجي چڪي هوندي ته ڪهڙي سياسي پارٽي کي عوام جي طرفان ڪيتري موٽ ملي آهي، مرڪز ۾ ڪنهن جي حڪومت ٺهڻ وڃي رهي آهي ۽ صوبن ۾ حڪمراني جو تاج ڪهڙي سياسي پارٽي پائي چڪي آهي، انهيءَ ڪري هن ڪالم ۾ پيشنگوئي جي ڪابه اهميت نه آهي. ڇو ته هر ڳالهه واضح ٿي چڪي آهي ته ڪهڙي سياسي پارٽي کي ڪيترو حصو مليو آهي. سڀ کان وڏي خوشي جي ڳالهه ملڪ جي لاءِ اها آهي ته پنهنجي ملڪ ۾ اليڪشن جو مرحلو خير خوبي سان طئي ٿي ويو، جنهن جي نه ٿيڻ جي لاءِ ڪيترن ئي قوتن پنهنجي وس آهر ڪوشش ڪئي، پر اهي ناڪام ٿيا. جيڪڏهن ڳالهه ڪجي ٽرن آئوٽ جي ته ٽرن آئوٽ مناسب رهيو، ڪٿي وڌيڪ ته ڪٿي گهٽ پورا انگ اکر ته اليڪشن ڪميشن ڏيندي، پر ٽرن آئوٽ ايترو رهيو جنهن جي ذريعي اهو چئي سگهجي ٿو ته ماڻهن جي چونڊن ۾ ڪنهن حد تائين دلچسپي ضرور هئي. بلوچستان جي ٻهراڙين ۾ خاص طور تي ڏکڻ بلوچستان ۾ ٽرن آئوٽ گهٽ رهيو. ڪوئٽه شهر ۾ ۽ بلوچستان جي اترين علائقن ۾ ڪجهه بهتر هو. سنڌ صوبي جي ڳالهه ڪريون ته سنڌ جي ٻنهي وڏن شهرن ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ووٽرن جو انگ متاثر ڪن نه رهيو. ان جي ڀيٽ ۾ سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ٽرن آئوٽ جي پوزيشن بهتر رهي. ڪي پي ڪي جي شهرن ۾ ٽرن آئوٽ جي صورتحال بهتر نظر آئي، جڏهن ته اتي جي ٻهراڙين ۾ ووٽرن جو تعداد گهٽ نظر آيو. پنجاب جي پوزيشن به گڏيل رهي. پي ٽي آئي کي جيڪا اميد هئي ته ٽرن آئوٽ 60 سيڪڙو کان مٿي يا لڳ ڀڳ 60 سيڪڙو ٿيندو، ائين ٿيندي نظر نه آيو. جنهن جو فائدو مسلم ليگ نون کي پوندي نظر آيو. جنهن جو پورو زور هو ته کيس مرڪزي حڪومت ٺاهڻ لاءِ سادي اڪثريت ملڻ ضروري آهي، انهيءَ ڪري جڏهن ميان نواز شريف کان پڇيو ويو ته اوهين ايندڙ وقت ۾ مرڪز ۾ مخلوط حڪومت ڏسو پيا ته صحافي سان ناراضگي جو اظهار ڪندي ميان نواز شريف چيو الله کي مڃو مخلوط حڪومت سان ملڪ جي لاءِ بهتر پاليسي جوڙي نه ٿي سگهجي، انهيءَ ڪري ڪنهن به صورت ۾ سادي اڪثريت ضروري آهي. جيئن اسان ذڪر ڪيو ته سڀ کان وڏو مرحلو اليڪشن ٿيڻ جو هو، جيڪو خير خوبي سان ٿي ويو. ڪجهه علائقن ۾ اڻوڻندڙ واقعا رونما ٿيا. ڊيره اسماعيل خان ۾ پوليس وين تي حملو ٿيو، جنهن ۾ پوليس جي جوانن جون شهادتون پڻ ٿيون، پر جيترو خوف پکيڙيو ويو هو ته اليڪشن دوران هر گلي ۾ خون ريزي ٿيندي، خوش قسمتي سان اهڙي قسم جا واقعا نظر نه آيا، جن مان اهو ظاهر ٿيو ته ملڪ جو عوام پرامن آهي، ۽ هو پرامن رهي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ چاهي پيو ۽ انهيءَ ۾ حصو ورتو. جن ماڻهن کي به ووٽ جو حق استعمال ڪرڻو هو، انهن پنهنجو ووٽ بنا رنڊ روڪ جي ڏنو. اليڪشن ڪميشن واعدي مطابق موبائل سروس ڏيڻ ۾ ناڪام وئي. جنهن جي ڪري انٽرنيٽ سروس پڻ متاثر ٿي. روڊ رستن تي موبائل ڊيٽا ذريعي انٽرنيٽ جي سهولت نه ملي سگهي. جن وٽ واءِ فاءِ سسٽم هو اهي پوري ملڪ سان ڳنڍيل رهيا. هاڻي جڏهن هڪ سياسي مرحلو خوش اسلوبيءَ سان حل ٿي چڪو آهي ته پاڪستان جو عوام حڪمران پارٽين طرف پوري اميد سان ڏسي رهيو آهي ته جيڪي واعدا هنن منشور ۾ عوام سان ڪيا آهن، انهن سڀني واعدن کي ضرور پاڙيندا ۽ ايندڙ وقت ۾ انهن جي سوچ ملڪ ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ هوندي. تاريخ ۾ جيڪو ٿيو ان تي مٽي وجهي بهتر حڪمراني ذريعي سڀئي سياسي پارٽيون صرف انهيءَ ڳالهه کي يقيني بڻائينديون ته مخالفت سياسي بنيادن تي هوندي، نه ڪي ذاتي بنيادن تي. بدتميزي ۽ نفرت جي سياست کي دفن ڪيو ويندو. ملڪ جي حالت هاڻي ڪنهن به صورت ۾ نفرت ۽ بدتميزي جي سياست کي برداشت ڪرڻ جي پوزيشن ۾ نه آهي، سڀئي سياسي اڳواڻ ۽ ادارن جا سربراهه پڻ صرف ملڪ ۽ عوام جي ڀلائي جي لاءِ هڪ پيج تي اچن ۽ صرف انهيءَ ڳالهه جي ڪوشش ڪن ته ملڪ کي بهتر رستي تي ڪيئن هلائي سگهجي ٿو. اهڙو پيج 2018 وارو نه هجڻ کپي، جنهن ۾ صرف ڪجهه ماڻهن جو فائدو هو. هاڻي پيج عوام جي ڀلائي جو هجڻ کپي. ملڪ جو عوام غربت جي لڪير جي هيٺ پيسجي رهيو آهي. هاڻي سڀني پارٽين کي پنهنجي منشور مطابق تيزي سان عمل ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. ميان نواز شريف وٽ به ايندڙ 100 ڏينهن جي لاءِ هڪ پلان ٺهيل آهي، پر ائين نه ٿئي ته سندس پلان به پي ٽي آئي جي گذريل حڪومت جهڙو هجي، انهن به دعويٰ ڪئي هئي ته 100 ڏينهن اندر اسان ملڪ کي نئين رستي تي هلائينداسين ۽ هاڻي اها دعويٰ ميان نواز شريف ڪري رهيو آهي. جيتوڻيڪ اسين سمجهون ٿا ته ميان صاحب وٽ نيت به آهي، اهليت به آهي ۽ هن وٽ ٽيم به آهي، جنهن جي ذريعي هو اهڙيون پاليسيون ۽ منصوبه ملڪ کي ڏئي سگهي ٿو، جنهن سان بدحالي دور ٿيندي نظر اچي. خوشحالي کي ملڪ ۾ هڪ دفعو ٻيهر وٺي اچجي، ماڻهن کي جن سياسي پارٽين نفرتن جي بنياد تي ورهايو آهي. انهن سڀني ماڻهن کي محبت جي ذريعي پاڻ ۾ جوڙجي امن امان جي صورتحال بهتر ٿئي، نوجوانن کي ميرٽ جي بنياد تي روزگار ملي، نيون صنعتون لڳن، جيئن معيشت جو ڦيٿو بهتر رفتار سان ڦري سگهي ۽ ان جو ثمر ملڪ جي عام ماڻهوءَ کي پوي. پاڙيسري ملڪن سان رابطا پُرامن بقاءِ باهمي وارا هجڻ کپن. خارجه پاليسي تي پڻ حقيقت پٽاندڙ غور ٿيڻ کپي ۽ اسان جي خارجه پاليسي پنهنجي ملڪ جي فائدي مطابق هجڻ کپي. ملڪ جي سامهون وڏي ۾ وڏو چئلينج مهانگائي آهي. پاڪستان جي رپئي جي ڊالر جي مقابلي ۾ ڪا ويليو نه رهي آهي. پيٽرول جي قيمت، بجلي جي قيمت، گيس جي قيمت ۽ روزمره کاڌي جي شين جو اگهه آسمان تائين پهچي چڪو آهي، اهي ملڪ جا وڏا چئلينجز آهن. عام غريب ماڻهو چاهي ٿو ته ڀلي هو گوشت، مرغي نه کائي، پر هن کي روزانو ٻه ٽائيم دال ۽ بصر ته ملي سگهي. بجلي جي بلن عام ماڻهو جو ست ڪڍي ڇڏيو آهي. انهيءَ جي اگهه ۾ گهٽتائي ٿيڻ کپي. ڇو ته ويندي ويندي نگران نامدار سرڪار اکيون پوري آئي ايم ايف جي چوڻ تي سوين سيڪڙو بجلي ۽ گيس جا بل وڌائي ڇڏيا آهن. انهن سڀني شين تي ايندڙ سرڪار کي مڪمل غور ڪرڻ جي ضرورت آهي. سياسي نظام انهي وقت ۾ مضبوط ٿيندو، جڏهن اهو نظام ملڪ جي عام ماڻهوءَ کي فائدو ڏيندو. 25 ڪروڙ جي ملڪ ۾ ايليٽ ڪلاس ڪيترو هوندو. پوائنٽ 1 پرسنٽ به نه هوندو. صرف ان جي ڀلائي لاءِ ڪم نه ٿين. انهن جا گهر، انهن جا بينڪ بيلنس، ملڪي توڙي پرڏيهي واپار، انهن چند ماڻهن جي هٿ ۾ آهن. صرف انهن جي ڀلائي نه ٿيڻ کپي، پر خلقِ خدا جنهن کي هن اليڪشن ۾ خواب ڏيکاريا ويا آهن. انهيءَ جو پورو پورو خيال رکيو وڃي. ان سان ئي ملڪ مضبوط ٿيندو، سياسي نظام بهتر ٿيندو ۽ ايندڙ 5 سال حڪمران جماعت هڪ نئين پاڪستان کي اڏڻ واري رستي طرف ويندي نظر ايندي. جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته پوءِ ڪجهه پارٽيون عوام کي هڪ دفعو ٻيهر برغلائي وري روڊن تي وٺي اينديون ۽ سياسي نظام کي ڪمزور ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪنديون. انهن سڀني انديشن جو اونو حڪمران جماعت کي ضرور هجڻ کپي، هاڻي انهن جي ترجيحن ۾ وڏا واپاري، وڏا زميندار ۽ وڏا بيوروڪريٽ نه هجن، بلڪه حڪمران جماعت جي ترجيحات ۾ اوليت سفيد پوش، مڊل ڪلاس ۽ هيٺين ڪلاس لاءِ هجڻ کپي. ملڪ ۾ ايليٽ ڪلاس جيترو ڪمايو آهي، ان جا ست نسل بنا ڪم ڪرڻ جي ويهي کائن ته به انهن جو خزانو نه کٽندو. انهيءَ ڪري جيڪي ماڻهو روزاني اجرت جي بنياد تي پنهنجي زندگي جو گاڏو هلائين ٿا، انهي طرف پورو پورو ڌيان ڏنو وڃي. اسان اميد به ڪريون ٿا، اسانجو مطالبو به آهي ته ميان صاحب جهڙي نموني ڏکين مرحلن مان گذري ٻيهر هن جڳهه تي پهتو آهي، جتي ذميواري هڪ دفعو ٻيهر سندس ڪلهن تي اچي وئي آهي ته هن ڀيري هو پنهنجي ذميواري احسن طريقي سان پوري ڪري، هن جي لاءِ ترجيح ملڪ جو عوام هجڻ کپي. پنهنجي ڪابينا کي سخت هدايتون ڏئي ته هاڻي پنهنجا پيٽ نه ڀريو، صرف ۽ صرف ملڪ جي ۽ ملڪ جي ڀلائي جي لاءِ پنهنجون ڪوششون ۽ ڪاوشون اختيار ڪريو. ميان صاحب کي اهو به ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته جيتوڻيڪ کيس ووٽ پنجاب صوبي مان مليا آهن، پر ملڪ جا ٻيا ٽي صوبا به ملڪ جو حصو آهن، انهي طرف ميان صاحب جو پنجاب جيترو ئي ڌيان وڃڻ گهرجي، انهن صوبن ۾ به ترقي جو حصو پنجاب جيترو ئي هجڻ گهرجي، انهيءَ سان نون ليگ کي ٻين صوبن ۾ به پنهنجا پير ڄمائڻ ۾ آساني ٿيندي. هن وقت ملڪ کي هڪ ملڪگير پارٽي جي سخت ضرورت آهي ۽ مسلم ليگ وٽ بهتر موقعو آهي، ته هو پاڻ کي پوري ملڪ جي پارٽي طور سڀني صوبن ۾ مڃرائي ۽ انهن صوبن کي به ائين ئي ترقي وٺرائي جهڙي نموني انهن جي اوليت تي پنجاب صوبو هوندو آهي.