ايڊيٽوريل

ملڪ ۾ چونڊن جو عمل مجموعي طور تي پرامن رهيو

ملڪ ۾ ٿيندڙ چونڊون مجموعي طور تي پرامن رهيون، ايڪڙ ٻيڪڙ بدامني جا واقعا ضرور ٿيا، جن جي ڪري ڪجهه قيمتي جانين جو نقصان به ٿيو، پر جيترو انهن چونڊن کي پرخطر بڻائي پيش ڪيو پئي ويو ۽ خطري سبب انهن چونڊن کي بار بار ملتوي ڪرڻ جو زور ڀريو پئي ويو، خوش قسمتيءَ سان اهڙو ڪوبه ناخوشگوار واقعو نظر نه آيو. 12 ڪروڙ 85 لک کان وڌيڪ ووٽرن کي ووٽ استعمال ڪرڻ جو حق هو.
اندازو آهي ته تقريبن اڌ ووٽرن پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪيو هوندو. پوري ملڪ ۾ 90675 پولنگ اسٽيشنن تي 20 لک کان مٿي پولنگ اسٽاف ۽ سيڪيورٽي اسٽاف مقرر ڪيو ويو هو. يقينن اهو ننڍو ڪم نه هو. انهيءَ چونڊ عمل کي پرامن بڻائيندڙ سيڪيورٽي ادارن کي ذميواريون پوريون ڪرڻ تي جس هجي. سڄي ملڪ ۾ هڪ ڏينهن اندر هڪ ئي وقت تي ايڏو وڏو چونڊ عمل پرامن نموني سان ڪرائڻ جنهن جي لاءِ خطرا پڻ موجود هئا، انهيءَ عمل جي آجيان ڪجي ٿي. انهي ۾ نگران حڪومت، اليڪشن ڪميشن، سيڪيورٽي ادارا، انهن سڀني پنهنجو پنهنجو ڪردار بهتر نموني ادا ڪيو. ڪافي جڳهين تان ڌانڌلي جون شڪايتون پڻ مليون آهن، پر جيڪڏهن ان جو تناسب ڪڍجي ٿو ته ڪو ايترو گهڻو نه آهي. جيڪڏهن 90 هزار پولنگ اسٽيشنن تي اليڪشن ٿين ۽ 900 پولنگ اسٽيشنن تي ڌانڌلي جون شڪايتون موصول ٿين ته اهو صرف هڪ سيڪڙو ٿئي ٿو. انهي مان اسان چئي سگهون ٿا ته مجموعي طور اليڪشن وارو ڏينهن بهتر رهيو. ميڊيا تي ڪوبه اهڙو ووٽر شڪايت ڪندي نظر نه آيو. جنهن چيو هجي ته اهو ووٽر پولنگ اسٽيشن تي ويو هجي ۽ کيس ووٽ ڪرڻ نه ڏنو ويو هجي. ٽرن آئوٽ به وچٿرو رهيو، پر انهيءَ ۾ ڏوهه اليڪشن ڪميشن کان وڌيڪ عوام جو آهي. جيڪو صبح جو 8 وڳي کان منجهند 12 وڳي تائين آرام سان گهر ۾ ويٺو رهيو ۽ 12 وڳي کانپوءِ پولنگ اسٽيشن جو رخ ڪيو. ائين ضرور ٿيو آهي ته بلوچستان جي ڪيترن ئي پولنگ اسٽيشنن تي عملو پهچي نه سگهيو، پر اچرج تڏهن آئي جڏهن ڪراچيءَ جي حلقي اين اي 241 تي شام جو 5 وڳي تائين پولنگ عملو نه پهتو يا کيس پهچڻ نه ڏنو ويو، جيتوڻيڪ اتي سون جي تعداد ۾ ووٽر موجود هئا، انهيءَ جڳهه تي چئي سگهجي ٿو ته انهن ووٽرن کي حق کان محروم ڪيو ويو، پر مجموعي طور اليڪشن ڪميشن پنهنجي وس آهر، بهتر قدم کڻي ملڪ ۾ چونڊن جي عمل کي مڪمل ڪيو، جيڪو ملڪ جي مستقبل لاءِ تمام گهڻو ضروري آهي، ڇو ته اسانجي ملڪ ۾ وقت تي اليڪشن جو ٿيڻ ۽ چونڊيل حڪومت کي حقِ حڪمراني جو ملڻ به ڪنهن معجزي کان گهٽ ناهي.
جيڪڏهن مسلسل اليڪشن جو عمل ٿيندو رهيو ته اميد آهي ته هن ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت جو سج ضرور اڀرندو.