هن جي عمر پنجهٺ سال کن هوندي پر لڳندي پنجاهه پنجونجاه جي آهي، بت جي سنهڙي، کڙي، ڊگهي. لباس ۾ ڪوجهي، روپ هلڪو سانورو جيڪو جواني ۾ شايد اڇو اجرو هئس. چهرو رحم جوڳو، اهو شايد مسلسل پنڻ جي ڪري ٿي ويو هئس. هوءَ ڄامشورو سوسائٽي جي فيز ون مان دڪانن تان پنڻ شروع ڪندي آهي، وري سموري سوسائٽي جي گھرن مان ٿيندي، شام جو فيز ٽو جي مارڪيٽ ۾ پئي گھمندي آهي. صبح سوير ۽ رات دير تائين، هوءَ روڊ جي وچ تي موجود، ٻن وڏن ٿنڀن جي ڀرسان بيٺل ملندي، جنهن جي ڀرسان اسپيد بريڪر آهي. ڇا سردي، ڇا گرمي، ڇا مينهن جهڙ هوءَ، پنهنجي شيڊول ۾ ڪوتاهي ناهي ڪندي. هوءَ اوهان کي هر وقت، هر جاءِ تي نظر ايندي. خيرات هن کي جام ملندي آهي يا هو خيرات زوري وٺي ڄاڻي، خيرات شايد هن کي، هن جي معصوم چهري جي ڪري ملندي هجي، پر هڪ ڳالهه اهم هئي، اها هيءَ ته خيرات نه ملڻ جي صورت ۾ هي مائي، وڏي ديده دليري سان پٽون پاراتا ڏيندي هئي. ان جو پهريون تجربو مون کي ان وقت ٿيو، جڏهن مون پنهنجي گهر جي ٻاهران، نم جي وڻ هيٺ، صبح جو اخبار مان مزو وٺندي، جنهن هميشه جيان، ڊپريشن ۾ اضافو ٿي ڪيو. مون، هن فقيرياڻي کي حسب معمول معاف ڪرڻ جو چيو. سڀني فقيرن سان، منهنجو رويو ڪجهه ائين ئي رهيو آهي. خيرات نه ڏيڻ جي پٺيان فلاسافي اها هوندي هئي ته ائين ته ماڻهو وڌيڪ خراب ٿيندو ۽ پينو وڌندا. منهنجي ان عظيم سوچ باوجود فقير وڌندا ئي رهيا. سدا وڌن، پر مون پنهنجي پاليسي، نه بدلائي. ان وقت تائين جيستائين هيءَ سوني ڏند واري فقيرياڻي منهنجي توجهه جو مرڪز نه بڻي هئي.