بلاگنئون

ڪهاڻي: سوني ڏند واري فقيرياڻي

هن جي عمر پنجهٺ سال کن هوندي پر لڳندي پنجاهه پنجونجاه جي آهي، بت جي سنهڙي، کڙي، ڊگهي. لباس ۾ ڪوجهي، روپ هلڪو سانورو جيڪو جواني ۾ شايد اڇو اجرو هئس. چهرو رحم جوڳو، اهو شايد مسلسل پنڻ جي ڪري ٿي ويو هئس. هوءَ ڄامشورو سوسائٽي جي فيز ون مان دڪانن تان پنڻ شروع ڪندي آهي، وري سموري سوسائٽي جي گھرن مان ٿيندي، شام جو فيز ٽو جي مارڪيٽ ۾ پئي گھمندي آهي. صبح سوير ۽ رات دير تائين، هوءَ روڊ جي وچ تي موجود، ٻن وڏن ٿنڀن جي ڀرسان بيٺل ملندي، جنهن جي ڀرسان اسپيد بريڪر آهي. ڇا سردي، ڇا گرمي، ڇا مينهن جهڙ هوءَ، پنهنجي شيڊول ۾ ڪوتاهي ناهي ڪندي. هوءَ اوهان کي هر وقت، هر جاءِ تي نظر ايندي. خيرات هن کي جام ملندي آهي يا هو خيرات زوري وٺي ڄاڻي، خيرات شايد هن کي، هن جي معصوم چهري جي ڪري ملندي هجي، پر هڪ ڳالهه اهم هئي، اها هيءَ ته خيرات نه ملڻ جي صورت ۾ هي مائي، وڏي ديده دليري سان پٽون پاراتا ڏيندي هئي. ان جو پهريون تجربو مون کي ان وقت ٿيو، جڏهن مون پنهنجي گهر جي ٻاهران، نم جي وڻ هيٺ، صبح جو اخبار مان مزو وٺندي، جنهن هميشه جيان، ڊپريشن ۾ اضافو ٿي ڪيو. مون، هن فقيرياڻي کي حسب معمول معاف ڪرڻ جو چيو. سڀني فقيرن سان، منهنجو رويو ڪجهه ائين ئي رهيو آهي. خيرات نه ڏيڻ جي پٺيان فلاسافي اها هوندي هئي ته ائين ته ماڻهو وڌيڪ خراب ٿيندو ۽ پينو وڌندا. منهنجي ان عظيم سوچ باوجود فقير وڌندا ئي رهيا. سدا وڌن، پر مون پنهنجي پاليسي، نه بدلائي. ان وقت تائين جيستائين هيءَ سوني ڏند واري فقيرياڻي منهنجي توجهه جو مرڪز نه بڻي هئي.
ان فقيرياڻي، جنهن جي باري ۾ مون کي ان وقت اهو تصور به نه هو، ته ڪو هن جي ڏندن ۾، هڪ عدد سونو ڏند به آهي، ڀلا سوني ڏند جو فقيرن سان ڇا. هونئن به فقيرين جا وات ڪير ڏسندو آهي يا ڏند ڪير چڪاسيندو آهي، هنن جي ته ڀرسان بيهڻ به توبهه هوندي آهي. نه ئي اهو تصور ۾ هئم ته، خيرات نه ڏيڻ جي صورت ۾ هي مائي ڪو ايڏو خطرناڪ رد عمل ڏيکاريندي. مائي پٽون پاراتا، وڏي شان و شوڪت سان ڏئي، رواني ٿي. آئون بس ڏسندو ئي رهجي ويس. پوءِ ته هن جي، مون سان، اها جٺ رواجي ٿي وئي. سدائين پٽون پاراتا ڏئي رواني ٿي وڃي ۽ آئون بس ٻڌندو رهجي ويندو هئس. ظاهر آهي فقيرن سان ڪهڙو لهڻو ليکو. اهي پٽون پاراتا ڪڏهن به چٽا ڪونه هوندا هئا. لڳندو هو ته بس بددعا پئي ڏئي.
هن کي خيرات ڏيندڙ ڪي ٿورا ماڻهو ئي اهو غور ڪري سگهيا هوندا ته هن جو هڪ عدد ڏند سون جو آهي. سون جو آهي مان مراد يقينن سون جو پاڻي چڙهيل ڏند چئي سگهجي ٿو. ڀلا سونو ڏند هڪ فقيرياڻي وٽ ڇا ڪندو. پاڻ کي اها پروڙ ناهي ته هن دنيا ۾ هڪ مڪمل سونو ڏند وجود رکندو آهي به يا نه. ڪو وقت هو جو ان قسم جا سونا ڏند معنيٰ سون وارو پاڻي چڙهيل ڏند ڪڏهن ڪڏهن اسان سهڻن چهرن جي ڏندن جي زينت بڻجندي ڏسندا هئاسين، جيڪي هاڻي بلڪل نظر نٿا اچن، شايد هاڻي رواج ختم ٿي چڪو آهي.
هن جو هڪ ڏند سون جو آهي، اها ڳالهه منهنجي زال مون کي ان وقت ٻڌائي جڏهن مون فقيرياڻي کي، جيڪا ان وقت ٿنڀن جي ڀرسان بيٺل هئي، پهريون دفعو ڏهه رپيا ڏئي پنهنجي کٽاري مهراڻ اڳتي وڌائي هئي، مون کي جهٽڪو لڳو. سونو ڏند؟ ناممڪن!. منهنجي زال وري ائين ردعمل ڏيکاريو جيئن سدائين ڏيکاريندي آهي، جنهن جو مقصد اهو هوندو آهي ته ڀلا تو کي هونئن ڪهڙين ڳالهين جي خبر پوندي آهي جو هن سوني ڏند واري ڳالهه جي خبر پوندي. مون پنهنجو پاڻ کي وڌيڪ بي وقوف ثابت ڪرڻ کان بچڻ لاءِ، ان موضوع تي ڳالهائڻ کان پرهيز ڪئي. جيڪا پريڪٽس گذريل اڌ صدي کان جاري آهي. هونئن به زال جي ڏسڻ واري اک، باز جي اک کان هزار دفع وڌيڪ تيز هوندي آهي، مجموعي طور پاڻ ائين به چئي سگهون ٿا هن جي ڇهين حس مردن کان تيز هوندي آهي، جيڪا شايد مردن ۾ هوندي ئي ناهي. اهو ادراڪ مون کي ان وقت ٿيو، جڏهن آئون هڪ عدد زال هوندي، هڪ افيئر ۾ گم هوندو هئس، پر اهو افيئر جلد ئي گم ٿيو، شايد پنجٽيهه سالن اندر منهنجي زال جو سادو منطق هو، جيڪو اصل ۾ دنيا جو پيچيده ترين دليل هو، دليل به ڇا امڪان کان ٻاهر قسم جي غير عقلائپ هئي. هن جو چوڻ هو ته يا ته کيس به افيئر هلائڻ جي اجازت ڏي يا وري سڀني چڪرن مان هٿ ڪڍان. منهنجي لاءِ پٺين ڳالهه عزت جوڳي هئي. بهرحال اهو چاليهه سال اڳ جو معاملو هو، هيئنر ته دماغ ۾ آخرت جي تياري کانسواءِ ڪجهه به ناهي.
سوني ڏند واري ڳالهه منهنجي ذهن مان نڪتي ڪونه. اها ڪرونا کان هڪ سال اڳ جي ڳالهه هوندي. اصل ۾ هوءَ ڪٿي ڪٿي پني ٿي اها ڳالهه به، مون ان ٻڌايل سوني ڏند واري ڳالهه کان پوءِ، نوٽ ڪئي هئي، نه ته سمورو سماج فقيرن سان ڀريل آهي، معصوم گلن جهڙا ٻار، پيرين اگھاڙا، ڪوجها ڪارا ٻار، سنگهون ڳاڙيندڙ ٻار، جوان، نوجوان، عورتون ڇوڪريون، پوڙها پڪا، لچا، لوفر هر جاءِ تي موجود هوندا آهن. سڀني کي اسان جو سماج ائين ئي پاليندو آهي، جيئن باقي چورن ۽ ڦورن، لٽيرن کي سنڀاليو اچي. ڀلا ڪير ٿو ڪنهن جي ڳڻپ رکي. آئون شروع شروع ۾ هن جي ڀرسان پنهنجي کٽارا ڪار جي رفتار بنهه گھٽ ڪري، لنگھڻ جي ڪندو هئس. هن ڏانهن غور سان ڏسڻ لڳندو هئس، منهنجي انهي دلچسپي سبب هن کي پڪ ٿي ويندي هئي ته ڄاڻ هن کک پوڙهي صاحب جي کيسي مان ڪو نوٽ نڪتو، پر اهڙو ڪو عمل نه ٿيڻ ڪري، هن هڪ دم پنهنجي منهن ڀڻڪڻ شروع ڪيو ٿي، جنهن ۾ پٽون ۽ پاراتا شامل هئا. مون گھڻي ڪوشش ڪئي ته ڪڏهن هن فقيرياڻي کي ڀلا ٻين کي به پٽون پاراتا ڏيندي ڏسان يا ڪڏهن ته ڪنهن ماڻهو کي، هن کي، انهن پٽن پاراتن جي موٽ ۾ دڙڪا کائيندي ڏسان، پر اهو ڪڏهن به نه ٿيو. ان جي بجاءِ مون صبح جي وقت نوٽ ڪيو ته فيز ٽو جي مارڪيٽ جي وچ روڊ تي، ٻن ٿنڀن جي ڀرسان بيٺل، هن فقيرياڻي کي دڪاندارن نه صرف چانهه ٿي پهچائي، پر مفت ۾ ڏهن رپين وارو ڪيڪ به ٿي کارايو.
مون سدائين ڪوشش ڪئي ته جڏهن هو صدا هڻي پني ٿي يا پٽون پاراتا ڪڍندي ڳالهائي ٿي ته هن جي ڏندن کي ڏسان، متان سون جو پاڻي چڙهيل ڏند نظر اچي، پر ائين، ڪڏهن به اهو ڏند ڏسڻ ۾ نه آيو. مون کي بس هن جا ميرا، ڪٽ چڙهيل ڪارا پيلا، ڏند ئي نظر ايندا هئا، جن شايد ڏهاڪن کان ڏندڻ ڪرڻ وساريو هجي، جنهن سان ماڻهو کي بس ڪراهت ئي اچي سگهي ٿي، پر پاڻ پوءِ به ڏسڻ نه ڇڏيو. هن سان ڳالهائي پڇي به سگهجي پيو ته آيا هن جي ڏندن ۾ ڪو سونو ڏند آهي ڇا، پر اها همت مون ۾ پيدائشي کٽل رهي هئي، ٻئي ڪنهن کان پڇڻ، معنيٰ پاڻ تي ماڻهو کلائڻ.
ڪڏهن ڪڏهن ته آئون هن جي پٽن پاراتن مان تڪڙو نڪرڻ جي ڪندو هئس، جو متان ڪير ٻڌي نه وٺي، ڇو جو مون کي احساس ٿيڻ لڳو هو ته بس صرف مون کي ئي پٽون پاراتا ڏئي ٿي. ٿوري غور ويچار کان پوءِ، مون سوچيو ته جيڪڏهن مون کي هن ڏندن ۾ اهو سونو ڏند ڏسڻو آهي ته پنهنجي پاليسي بدلائڻي پوندي، مون هر روز هن کي ويندي مهل خيرات ڏيڻ شروع ڪئي، پر ان سان به ڪو فرق نه پيو، اهو ڏند نظر نه آيو سو نه آيو. پوءِ جلدي ئي مون کي هڪ ٻيو احساس ٿيڻ لڳو. مون کي لڳو ته هوءَ منهنجي عزت به نٿي ڪري، منهنجي مراد آهي ته منهنجي ڪاڻ ئي نٿي ڪڍي. جي آئون ڀلا ڪو ڪامورو يا رئيس نه سهي، ڪو ويل به نه هئس. گھر گھاٽ ۽ ماني مڇي وارو هئس.
مون کي اها تڪليف ان ڪري ٿي جو جڏهن به خيرات ۾ مون، هن کي ڏهه يا ويهه رپيا ڏنا ته هن ڪجهه اهڙي انداز سان ورتا ٿي جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي شڪراني جو ڪو احساس نه هو. هن مهرباني جو هڪ اکر به نٿي ڪڇيو، جيئن عام فقير دعا ڪندا آهن. بس چپ رهندي هئي. ڄڻ چوندي هجي ته، ڏين ٿو ته رکان ٿي باقي مون کي تنهنجي پيسن جي ضرورت ڪونهي.
مون کي اها تڪليف ان ڪري به ٿيندي هئي جو، جڏهن هوءَ، دڪانن تي ڪم ڪندڙن مزدورن، هوٽلن جي بيرن، گاڏن تي ڀاڄيون وڪڻندڙن، پنا ميڙيندڙ ٻارن، آئيس ڪريم وڪڻندڙن سان ته کلي خوش ٿي ڳالهائيندي هئي، جيڪي شايد ئي کيس خيرات ڏيندا هجن، پر مون جڏهن به ڪار ويجهو ڪندي خيرات ڏيڻ جي ڪئي، ان مهل وري ڪنو منهن ڪندي هئي. جيڪا ڳالهه منهنجي انا کي وڏو ڌڪ هڻندي هئي. حالانڪه فقيرن مان عزت احترام يا مهرباني جي اميد ڪرڻ اهو خود هڪ ڇسو خيال آهي. هو هاڻي پروفيشنل پينو آهن ۽ زماني جي ڌڪار هنن کي سخت جان ڪري ڇڏيو آهي، پر جي ايئن هو ته هوءَ فقيرياڻي سڀني سان ايئن بي رخي هجي ها، ته مسئلو ئي ڪو نه هو، پر هن فقيرياڻي به ٻه اکيائي رکي ٿي.
مون کي هڪ مزدور جيتري عزت ڏيڻ لاءِ به تيار نه هئي. ڀلا خيرات جي بهاني نه سهي عمر جي حوالي سان ئي ڪا مروت ڏيکاربي آهي. ڇو جو عمر جي لحاط کان آئون هن کان يقينن گھڻو وڏو هئس. مون سموري عمر بس هڪ سوال جو جواب ڳولڻ ۾ گذاري هئي، سوال اهو ته آخر عورتون اسان جي عزت ڇو نه ٿيون ڪن، ان جي پٺيان شايد بنيادي سوال اهو رکيل هو ته زال آخر پنهنجي مڙس جي عزت ڇو نه ٿي ڪري، ان جي پٺيان وري اهو بنيادي سوال رکيل هو ته آخر منهنجي زال منهنجي عزت ڇو نه ٿي ڪري. جنهن جو جواب اڃا تائين مون کان ٺهي نه سگهيو هو، جڏهن ته منهنجا ٻئي پير هاڻي قبر ۾ هئا. سوني ڏند واري فقيرياڻي کان پوءِ مون هڪ ٻئي سوال جو اضافو ڪيو، پوءِ ان سوال کي ڪجهه هن ريت رکيم ته، عورتون توڙي فقيرياڻيون ڀلا اسان جي عزت ڇو نه ٿيون ڪن. جيڪو سوال بلڪل غلط هو. ان ڪري سوال کي مختصر ڪيم ته آخر اها فقيرياڻي منهنجو احترام ڇو نه ٿي ڪري. جنهن جو جواب نيٺ، منهنجي گوتمائي گيان اهو ڪڍيو ته، عورت ڀلي فقيرياڻي ڇو نه هجي اها سمجهه کان بالا تر آهي. اهو جواب انهن سڀني منهنجن دوستن کي وڻيو هو، جيڪي ڄائي ڄم کان صوفي هئا. جيڪي ڪائنات جو ڪتاب پڙهندا هئا، ان ڪري ڪو به ڪتاب نه پڙهندا هئا.
هتي سموري ڳالهه ڪرڻ جو اصل مقصد اهو هو ته ڪرونا وارن ڏينهن ۾ جڏهن ماڻهو گهرن ۾ لڪي ويهي رهيا، روڊ رستا ويران ٿيا هئا، ماڻهو ماڻهو کان ڇرڪيل هو، انهن ڏينهن ۾ مون هن فقيرياڻي کي، ساڳين جاين تي پنندي ڏٺو، هوءَ پڪوڙن وارن، ڀاڄين وارن، ريزڪي دڪانن، گاڏن وارن وٽ مزي سان ۽ بي خوف پنندي هئي. هن جو باقي دنيا سان رشتو رڳو کائڻ وارو هو ۽ ان جو هن مزو ورتو ٿي. مون کي نٿي لڳو ته هن کي مرڻ جو يا ڪرونا جو ڪو خوف هجي يا ڪا سڀاڻي جي چنتا هجيس. هوءَ مون کي فيز ٽو ۾ وچ روڊ تي ٿنڀن ڀرسان صبح سوير ۽ رات وارين شفٽن ۾ بيٺل نظر آئي. مون کي اهو احساس ٿيڻ لڳو ته هن وبا ۾ هوءَ شايد ئي بچي سگهي. بلڪل ائين جيئن مون کي خود اهو ڊپ هو ته هن وبا کان شايد ئي آئون بچي سگهندس. انهن ڏينهن ۾ مون کي ياد آهي ته ڪيئن اسان کنگهندي ڪِنجهندي، اسپتالن جا چڪر لڳائيندي ڏينهن گذاريندا هئاسين. مارڪيٽ ته بنهه ضروري ڪم سانگي وڃبو هو، نه ته بس گھر. ڪرونا گذري ويو، هوءَ اڄ به انهن ساڳين جاين تي پنندي آهي. منهنجي مليل خيرات کي دل سان ناهي قبوليندي، خيرات نه ملڻ واري صورت ۾ ساڳي ريت پٽون پاراتا ڏيندي آهي، قد بت ۾ ساڳي آهي. آئون اڄ به هن کي غور سان ڏسندو آهيان، هن جي ميرن گدلن پيلن ڏندن ۾ مون کي ڪڏهن به اهو سون پاڻي چڙهيل ڏند نظر نه آيو.
***