آمريڪا ۽ يورپ روسي سفيرن کي ملڪ نيڪالي ڏيئي ڇڏي
آمريڪا، جرمني ۽ فرانس سميت يورپ جي ملڪن پاران روس جي سفيرن کي ملڪ نيڪالي ڏئي ڇڏي آهي. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ برطانيه ۾ هڪ اڳوڻي روسي جاسوس ۽ سندس ڌيءَ کي زهر ڏيئي قتل ڪرڻ جا الزام روس جي حڪومت تي آيا هئا. جنهن جي رد عمل ۾ برطانيه پاران روس جي سفير کي ملڪ نيڪالي ڏني وئي هئي. جنهن جي تسلسل ۾ هاڻي يورپ جي ملڪن به ساڳيو قدم کنيو آهي. جنهن کان علاوه آمريڪا ته اهو به چيو آهي ته روس انٽيليجنس سروس جارحاڻي انداز ۾ وڌي رهي آهي، جنهن کي روڪڻ ضروري آهي. آمريڪا احتجاج ڪندي اهو به چيو آهي ته روس پنهنجا سفارتي لاڳاپا خراب ڪري رهيو آهي. واضح رهي ته فرانس پاران چار، جرمني پاران چار، پولينڊ پاران چار، ڊينمارڪ پاران ٻه، اٽلي پاران ٻه، ڪئناڊا پاران چار، يو ڪرين پاران تيرهن ۽ لٿونيا پاران ٽن روسي سفيرن کي نيڪالي ڏني وئي آهي، جنهن جي جواب ۾ روس چيو آهي ته هنن سڀني ملڪن کي مناسب جواب ڏنو ويندو. واضح رهي ته برطانوي وزيراعظم ٽريسامي روس تي پنهنجي ئي اڳوڻي جاسوس ۽ سندس ڌيءَ تي اعصابي گئس جو حملو ڪرڻ جو الزام لڳائيندي 23 روسي سفارتڪارن کي نيڪالي ڏني هئي.

