نئون

انساني جسم ۾ هڪ نئون عضوو دريافت

طبي سائنس جي ماهرن انساني جسم ۾ هڪ نئون عضوو ڳولهي لڌو آهي. جنهن بابت خيال ظاهر ڪيو ويو آهي ته اهو عضوو انساني جسم جو وڏي ۾ وڏو عضوو آهي ۽ ڪينسر جي علاج ۾ مددگار به ثابت ٿي سگهي ٿو. خبرن موجب نيو يارڪ يونيورسٽي ۾ ٿيل هن تحقيق ۾ هيستائين انساني جسم ۾ ڳجهو رهندڙ هڪ نئون عضوو دريافت ڪيو ويو آهي. ماهرن پاران هن عضوي کي Interstitium جو نالو ڏنو ويو آهي. جڏهن ته ان کي سڀ کان وڏو عضوو قرار ڏيندي اهو به چيو ويو آهي ته دريافت ٿيندڙ هي عضوو ڪينسر تي ٿيندڙ تحقيق ۽ ممڪن طور تي علاج لاءِ به مددگار ثابت ٿيندو. “ريسرچ جنرل” نالي تازي شماري ۾ شايع ٿيڻ واري رپورٽ مطابق نئون دريافت ٿيندڙ عضوو اڄ ڏينهن تائين اسان جي نظرن کان لڪيل رهيو هو. ڇاڪاڻ جو هيستائين انساني جسم جو مشاهدو ڪرڻ لاءِ خوردبيني ٽيڪنالاجي گهڻي ترقي يافته نه هئي. جڏهن ته ماهرن کي شڪ هو ته انتهائي ننڍي سائيز جا هي ٽشوز جيڪي عضون جي ڪنهن ڪور جيان ڦهليل آهن ۽ هڪ تسلسل سان هڪٻئي سان جڙيل آهن ۽ انهي بنياد تي انهن کي هڪ عضوو (Organ) به قرار ڏيئي سگهجي. انٽر اسٽيٽيم ٽشوز چورائيندڙ اندر موجود مواد کي انٽر اسٽيٽيم فلوئڊ چئبو آهي. جڏهن ته هي ٽشوز ڪولاجن نالي پروٽين جي جٿن ذريعي پنهنجو پاڻ ۾ تسلسل سان جڙيل آهن. هن تحقيق ۾ شريڪ ليکڪ ۽ نيو يارڪ يونيورسٽي ۾ پيٿالاجي جي پروفيسر ڊاڪٽر نيل ٿيس ٻڌايو ته انٽر اسٽيٽيم جسم جي اندرئين عضون کي پاڻي فراهم ڪرڻ ۾ مرڪزي رستي طور ڪم ڪندو آهي، جنهن کي اهو به چئي سگهجي ٿو ته اهو جسم جي خلين تائين پاڻي کي پهچائڻ جو ڪم ڪري ٿو. ڊاڪٽر ٿيس ۽ هن جا ساٿي ايتري قدر دعويٰ ڪري رهيا آهن ته انٽر اسٽيٽيم نئون ئي نه پر هر انساني جسم جو سڀ کان وڏو عضوو آهي. ڇاڪاڻ ته هي مڪمل حالت ۾ مختلف عضون جي مٿان پکڙيل هوندو آهي. واضح رهي ته اڄ تائين صرف کل کي ئي انساني جسم جو سڀ کان وڏو عضوو قرار ڏنو ويندو هو، جيڪا انسان جي جسم جو 16 سيڪڙو هوندي آهي. صحتمند انساني جسم ۾ کل جو ڪل وزن 1.6 ڪلو گرام هوندو آهي، جيڪو جسم جي ٻين عضون کان وڌيڪ آهي، تڏهن ته انٽر اسٽيٽيم جي باري ۾ ماهرن جي دعويٰ آهي ته هي انساني جسم جو 20 سيڪڙو تائين ٿي سگهي ٿو. هن جي باري ۾ ماهرن جي اها به دعويٰ ڪئي آهي ته هن نئين دريافت ٿيل عضوي جي مدد سان ڪينسر جي علاج ۾ به مدد ملي سگهي ٿي. هي عضوو اهو سمجهڻ ۾ مدد ڪندو ته آخر ڪينسر خليي جي سطح تي پوري جسم ۾ ڪيئن ٿو پکڙجي. هينئن به چئي سگهي ٿو ته جسم ۾ ڪينسر جي ڦهلاءَ ۾ انٽر اسٽيٽيم جو هڪ اهم ڪردار سامهون اچي سگهي ٿو، پر ان لاءِ وڌيڪ خاص قسم جي تحقيق جي ضرورت آهي.