بلاگنئون

مرڻ کان پوءِ انسان سان ڇا ٿو ٿئي؟

مختلف مذهبن ۾ انسان جي مرڻ کان پوءِ واري زندگيءَ متعلق جيتوڻيڪ عقيده ته مختلف آهن، پر سندن عقيدن جو بنياد هڪ ڳالھ تي بيٺل آهي ته مرڻ کان پوءِ به انسان جي هڪ زندگي آهي. اسلام ۾ آخرت تي ايمان ۽ قبر جو عذاب بنيادي عقيدن مان آهن. اسلامي نظريي مطابق، انسان مرڻ کان پوءِ جڏهن قبر ۾ لهي ٿو، يعني جڏهن دفنايو وڃي ٿو ته دنيا ۾ هن جنهن طرح جي زندگي گذاري آهي، انجو حساب هن کي پهرين قبر ۾ ئي ڏيڻو پوي ٿو. جنهن جا جيڏا وڏا گناهه آهن، ان کان حساب به اوترو ئي وڏو ورتو ويندو. هندو ڌرم ۾ مرڻ کان پوءِ جي زندگي جو عقيدو وري ائين آهي ته انسان مري وري ٻيهر جنم وٺي دنيا ۾ ڪنهن ٻئي ڪردار ۾ واپس اچي ٿو. عيسائيت موجب انسان مري ٿو وڃي، پر سندس روح هن دنيا ۾ اڃا باقي رهي ٿو. مطلب ته جيترا مذهب موجود آهن، اوترا ئي عقيده پڻ، پر مرڻ کان پوءِ انسان سان اصل ۾ ٿئي ڇا ٿو؟ سائنس ان باري ۾ ڇا ٿي ٻڌائي؟ ڇا واقعي به مرڻ کان پوءِ ڪا زندگي يا ڪو حساب ڪتاب آهي؟ يا ڪوئي قبر جو عذاب؟ اچو ته انکي مرحلي وار سمجهڻ جي ڪوشش ڪيون.
موت کان پوءِ جسم سان ڇا ٿو وهي واپرائي، پاڻ ان کي نج سائنسي بنيادن تي مرحلي وار سمجهڻ جي ڪوشش ڪنداسين.
1. مرڻ کان چند منٽن بعد: جسم ۾ موجود تمام رت جسم جي هيٺاهين حصن ڏانهن لهي جمع ٿيڻ شروع ٿيندو آهي. عام طور تي 8 کان 12 ڪلاڪن اندر جسم جا اهي حصا جتي رت جمع ٿيندو آهي انهن جو رنگ مٽجڻ لڳندو آهي، يعني اهيDiscolor ٿيڻ شروع ٿيندا آهن. ان عمل کيLivor Mortis ياPost-mortem stain سڏبو آهي.
2: موت جي ڪجھ گهڙين بعد: جسم جا عضوا مڪمل طور ساڪن يعنيRelax mode تي هليا ويندا آهن، جنهن کيPrimary flaccidity جي حالت چيو وڃي ٿو. 2 کان 6 ڪلاڪن جي اندر عضوا سڪڙجڻ شروع ٿيندا آهن، جنهن کيRigor mortis چئبو آهي. جسم جي سڪڙجڻ جي رفتار عمر، جنس يا آسپاس جي ماحول سبب مختلف ٿي سگهي ٿي.
3. مرڻ کان پوءِ جسم پنهنجو گرمي پد به بدلائيندو آهي. عام طور تي مئل جسم جو گرمي پد اتان جي ماحول مطابق هوندو آهي. ان کان پوءِ جسم جو ڳرڻ، جسمDecompose ٿيڻ شروع ٿئي ٿو.
4: جسم ۾ تقريبن ڪجھ کرب جيوڙاMicrobes هوندا آهن ۽ 37 کرب جيوگهرڙاcells هوندا آهن. جڏهن انسان جي دل ڌڙڪڻ بند ڪري ٿي ته ان سان جسم اندر رت جي گردش به بند ٿي وڃي ٿي.
5: رت جي بند ٿيڻ سان جسم جي تمام عضون ڏانهن آڪسيجن جي منتقلي به رڪجي ويندي آهي.
6. آڪسيجن جي بند ٿيڻ سان جسم جا عضواOrgans ۽Tissues سڀ کان پهرين متاثر ٿيندا آهن.
7. نتيجي ۾ جسم جو مدافعتي نظامImmune system تباهه ٿيڻ شروع ٿيندو آهي.
8. مدافعتي نظام جي متاثر ٿيڻ سان اتي موجود کربين اهڙا جيوڙا microbes جيڪي کاڌي جي هاضمي جو ڪم ڪندا آهن سي اتان ڀڄڻ شروع ڪندا آهن.
9. اهي جيوڙا microbes، ٽشو، رڳن ۽ شه رڳن جي رستي وڃيLower Intestine تائين پهچندا آهن.
10. 4 ڪلاڪن جي اندر، سفر ڪندا سي جيوڙا اچي Liver ۽ Gallbladder تائين پهچندا آهن جتي ڦڪاڻي رنگ جو هڪ پاڻياٺي مادوBile موجود هوندو آهي جيڪو جسم ۾ جڏهن اسين زنده هوندا آهيون ته موجود چرٻيFat کي ٽوڙيندو آهي.
11. جيوڙا، جيريLiver کي کائڻ شروع ڪندا آهن ته اهو ڦڪاڻي رنگ جو مادوBile جسم ۾ هڪ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ڪري ڇڏيندو آهي جنهن سان جسم جا گهڻا حصا رنگ مٽائي سائي يا ڦڪي رنگ جا ٿي ويندا آهن.
12. 2 کان 4 ڏينهن جي اندر اهي جيوڙاMicrobes جسم جي هر عضوي اندر داخل ٿي زهريليون گئسون جهڙوڪ امونيا يا هائڊروجن سلفائيڊ پيدا ڪرڻ لڳندا آهن جنهن سان جسم نه صرف سُڄڻ لڳندو آهي، پر ڌپ ڪرڻ به شروع ڪندو آهي.
13. مرڻ جي 3 کان 4 مهينن ۾، جسم جا اهي ڦڪاڻا داغ ڪاراڻ ۾ تبديل ٿي ويندا آهن،blood vessels خراب ٿيڻ شروع ٿينديون آهن ۽ خون ۾ موجود Iron ٻاهر نڪري ايندو آهي.
14. جيوگهرڙنcells کي پاڻ ۾ ڳنڍيندڙ ماليڪيولائي ڍانچو ٽٽي پوندو آهي جنهن سان ٽشو وريcollapse ٿي پاڻياڻي مادي ۾ تبديل ٿي ويندا آهن.
15. هڪ سال جي عرصي ۾ جسم اندر موجود تيزابي مادو مرده جسم تي ويڙهيل ڪپڙي (ڪفن) کي ڳارڻ شروع ڪندو آهي. صرف نيلون جي رسي وڃي بچندي آهي.
16. نيٺ، اڳتي جو سفر ائين هوندو ته لڳ ڀڳ ڏهن سالن جي عرصي ۾ گهٽ آڪسيجن وارو پاڻياٺي ماحول هڪڙي ڪيميائي ردعمل کي عمل ۾ آڻيندو جنهن سان جسم جي چرٻيfat وري صابڻ جهڙي هڪڙي مادي ۾ تبديل ٿيڻ لڳندي جنهن کيgrave wax چئجي ٿو.
17. پنجاهه سالن جي عرصي ۾ جسم جا تمامtissues پاڻياٺ ۾ تبديل ٿي غائب ٿيڻ لڳندا.
18. 80 سالن ۾ جسم جا تمام هڏا ڀڄڻ ڀرڻ شروع ڪندا.
19. آخرڪار 100 سالن ۾ ڀڳل ڀريل هڏا مٽيءَ ۾ تبديل ٿي ويندا صرف ڏند اڃا تائين باقي بچيل رهندا. ان سان گڏ صابڻ جهڙو مادو grave wax ۽ ڪفن کي ٻڌل نيلون جي رسي به اڃا باقي هوندي.
اهو سڄو عمل جسم جو تابوت اندر دفنايل هجڻ جو آهي. جيڪڏهن جسم کليل ميدان تي ڦٽي ڪيل هجي يا بغير تابوت جي مٽيءَ ۾ دفن هوندو ته ان کي ختم ٿيڻ ۾ اڃا گهٽ وقت لڳندو.
1. جيڪڏهن جسم ڪنهن ميدان تي کليل هوا ۾ پيل آهي ته اهو پاڻي ۾ موجود ڪنهن جسم کان 2 ڀيرا تيز ۽ زمين ۾ دفنايل جسم کان 8 ڀيرا تيزي سانdecompose ٿيڻ شروع ڪندو.
2. زمين ۾ بغير تابوت جي دفنايل جسم تي وري مٽي جي تيزابيت soil acidity به پنهنجو اثر ڇڏيندي آهي.pH اسڪيل تي 5.3 واري تيزابيت جسم ۽ هڏن کي تيزي سانdecompose ڪرڻ لڳندي.
3. جڏهن ته نيوٽرل يا 7 ۽ ان کان وڌيڪpH واري تيزابيت ۾ جسم لاءِ گڏيل طور تي صدين تائين مڙئي چڱيون حالتون رهنديون آهن.
مرڻ کان پوءِ جسم جي خاڪ ٿي وڃڻ تائين جي سئو سالن جي عرصي ۾ سائنس تمام سادي ۽ سولي انداز ۾ سڄي ڪهاڻي ٻڌائي ٿي. جسم جي مرده ٿيڻ کان پوءِ هر عضوو ننڍن ننڍن ذرنatoms ۾ تبديل ٿي وڃي مٽي سان ملي ٿو، جسم اندر موجود اهي بنيادي عنصر جيڪي هن ڌرتي ۽ ڌرتيءَ تي موجود هر حياتياتي يا غيرحياتياتي شين جي جڙڻ جو ڪارڻ آهن، اهي سڀ وڃي واپس مٽيءَ ۾ ملندا.
***