بلاگنئون

صدف حسيني: حُسن جو شاعر

(صدف حسيني جي شاعري جي ڪتاب ”مقتل ۾ رقص“ جو اڀياس /جائزو)
نظم تي نثر ۾ ٽيڪا ٽپڻي ڪجي، اُهو به ڪنهن جي ڪتاب تي، اِهو ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. هي لوهارڪو ڪم ناهي جو هٿوڙو هڻي ڪڍجي. هي سونارڪو ڌنڌو آهي هر شيءَ کي تڪي توري، سوچي سمجهي ڪُٽڻو ٿو پوي، ڌيرج، سان ڌيان سان! نظم تي لکجي سو به سطحي ۽ مٿاڇرو! اِهو پنهنجو وڙ ناهي.
شاعري ۾ نظم، اُها نفيس صنف آهي جنهن کي موضوع جي مناسبت سان اُڻڻو ٿو پوي- تڪ تور ڪرڻي ٿي پوي- وزن، بحر، فن ۽ فڪر، سلاست ۽ بلاغت، مطلب ته هر شيءَ جي بيهڪ ۽ بناوت جانچڻي ٿي پوي. غزل ۾ ته ڇلانگ هڻي هڪ بند کان پوءِ ٻئي بند ۾ الڳ موضوع کڻي وٺجي ٿو، پر نظم ۾ وري اِن جي اجازت تمام گهٽ هُجي ٿي.
سنڌ ۾ غزل جا شاعر ته انيڪ ملي ويندا، پر نظم جا شاعر آڱرين تي ڳڻڻ جيترا به مشڪل سان ملندا اُنهن مان وري ڪامياب ۽ پُراثر وري ”اٽي ۾ لوڻ برابر“ لڀندا.
دادو ضلعي جي خوش قسمتي چئجي جو اُهو ضلعو سنڌ توڙي هند جي ادبي دنيا ۾ هميشه نروار ۽ نمايان رهيو آهي. استاد بخاري، احمد خان مدهوش، طالب لغاري، آثم ناٿن شاهي، وفا ناٿن شاهي، جوهر بروهي، طالب لغاري، عزيز ڪنگراڻي، يامين غمگين ٻٻر، انور قمبراڻي، آس ٻٻر، علي حسن ٻٻر، عبد مگسي، گلزار سيال، ذوالفقار گاڏهي، مارو جمالي، خليل عارف سومرو، صدف حسيني تائين حسين هيرن سان سرشار ۽ مالا مال رهيو آهي. ڪيترائي نالا ته رهجي ويا هوندا. دادو جي ادبي اُفق ۾ سُهائي ڪندڙ انهن ستارن ۾ جتي نظم جو نرالو شاعر گلزار سيال پنهنجي حيثيت رکي ٿو، عاشق دادوي جهڙو نظم گو موجود آهي اُتي صدف حسيني به اُنهن سان ڪُلهو ڪُلهي ۾ ملايو نمايان ۽ نروار نظر اچي رهيو آهي. زندگي جي ڪشمڪش ۽ پيٽ قوت، ادبي پورهيو عام تائين پهچائڻ ۾ تاخير جو سبب بڻبا رهيا آهن، پر آخرڪار هن پنهنجا جوهر ظاهر ڪري ڏيکاريا آهن.
صدف حسيني کي جيترو مون ٻڌو ۽ پڙهيو آهي، ان حساب سان آئون کيس اعليٰ ڪردار وارو اعليٰ شاعر سمجهان ٿو. سندس نظم وارو پاسو انتھائي سگهارو ۽ پُراثر آهي.
جديد دورِ حاضر ۾، نظم، پنهنجون هيئتون تبديل ڪندو رهيو آهي. صدف کي نظم جو ڪلاسيڪل شاعر ڪوٺجي ته اُن ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو. هن جي نظم ۾ ديس جي درد جي دانهن، وطن سان والهانا عقيدت جو وچن، محبوب جي ماڻن جي مصري، وڇوڙي جي واسينگ جا ڏنگ، طبقاتي اڻ برابري جو اظهار مطلب ته هر خوبي جهلڪندي نظر اچي ٿي.
مونکي بيحد افسوس ٿيو جڏهن آئون هن جي بحث هيٺ ڪتاب ”مقتل ۾ رقص“ جي مَهوَرت ۾ ڪِن اڻٽر مجبورين سبب، دعوت ملڻ باوجود شرڪت نه ڪري سگهيس، پر سندس ڪتاب تي ٻه اکر لکڻ کي پنهنجو فرض سمجهي قرض لاهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان.
صدف حسيني جو ڪتاب ”مقتل ۾ رقص“ حسيني پبليڪيشن ڇپائي مارڪيٽ ۾ آڻي پڙهندڙن کي نئين ذائقي سان روشناس ڪرائي مٿن احسان ڪيو آهي جنهن تي سلام ئي ڪري سگهجي ٿو.
صدف حسيني جون اسان سان هُجتون هُجڻ سبب اسان کي پنهنجي ڪتاب جي اعزازي ڪاپي جوهي ۾ اچي پهچائي جنهن تي آئون سندس احسانمند آھيان.
صدف جي هِن ڪتاب ۾ نظمن جو تعداد تمام گهڻو آهي جنھنجو بڪثرت موضوع عشق، محبت ۽ محبوب آھي.
هِن ڪتاب ۾ صفحي نمبر 35 تي موجود غزل جي هيٺئين بند ۾ شاعر چوي ٿو:
ننڍپڻ ۾ جتي راند ڪندي، عشق لڳو هو،
ان موڙ سان ڪو موڙ، ملي ٿو ته لڇان ٿو.
ساڳئي غزل جي هڪ ٻئي بند ۾ محبت جي چوٽ جو اظهار هن ريت ڪري ٿو:
اهڙي ته لڳي چوٽ محبت جي نگر ۾،
ڪو نيڻ کڻي مونکي سڏي ٿو ته لڇان ٿو.
صدف جي شاعري ۾ سحر انگيزي ڇانيل آهي جيڪا ٻڌندڙ جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائڻ تي مجبور ڪري ٿي، جيئن صفحي نمبر 28 تي موجود نظم جي هڪ بند ۾ چوي ٿو:
عجب ڳالھ آھي عجب دلڪشي آ،
صدف شاعري آ، يا جادوگري آ.
شاعري، شعور جي عڪاسي ڪندڙ ھوندي آھي، شاعر روشنين جا سفير هوندا آهن جنهن جو اشارو صدف جي ڪتاب جي صفحي 31 تي موجود نظم جي ٿلهه مان ملي ٿو.
باک، چهري تي، جا ڦُٽي آهي،
هرطرف، جيڪا روشني آهي،
ها، اِها منھنجي شاعري آهي.
انسان کي جڏھن پنهنجو ڏک ڀريو ماضيءَ، سرهائي وارن ڏينهن ۾ ياد پوي ٿو ته اندر ۾ جيڪي چڪ لڳن ٿا، شاعر اُنهن کي کپر نانگ جي ڪَکڻ سان تشبيھ ڏئي ٿو ۽ يادن جو زهر مٿس چڙهڻ لڳي ٿو جنهنجو اظهار شاعر پنهنجي ڪتاب ”مقتل ۾ رقص“ جي صفحي نمبر 35 تي موجود غزل جي مطلع ۾ هن ريت ڪري ٿو:
ماضيءَ جو کپر نانگ ڪکي ٿو ته لڇان ٿو،
يادن جو زهر دل تي چڙهي ٿو ته لڇان ٿو.
مٿئين بند ۾ شاعر پنهنجي پُرسوز ماضي کي ”کپر نانگ جي ڪَکڻ“ ۽ يادن کي ”دل تي زهر چڙهڻ“ سان ڀيٽي ان جي شدت جو اظهار ڪيڏي نه سهڻي انداز سان ڪيو آهي. ”ماضيءَ جو کپر نانگ“ يعني ناگوار ۽ ڪڙا لمحا، جن کي ياد ڪرڻ سان طبيعت ۾ جيڪو بگاڙ اچي ٿو ان کي ”دل تي زهر چڙهڻ“ سان ڀيٽيو ويو آهي.
هر شاعر جي ڪمزوري چئجي يا ان جي شاعري سرجڻ جو محرڪ، حُسن ۽ سونهن رهيا آهن، جنهنجو اظهار صدف پنهنجي نظمن ۽ نظم نما غزلن ۾ کُلي خوب ڪيو آهي. جيئن ڪتاب جي صفحي 37 تي موجود هڪ غزل ۾ ڪيو ويو آهي.
حُسن جي سيني ۾ سُريو آهيان،
نازنين جو، دل گهُريو آهيان.
ساڳئي غزل جي هڪ ٻئي بند ۾ شاعر چوي ٿو:
حُسن مونکي ڪيو آ مالا مال،
ڪِئين چوان ڦُريو آهيان.
صدف، موجود دور جي نام نهاد شارٽ ڪٽ استعمال ڪندڙ ۽ قلم کي سرِبازار وڪرو ڪندڙ اديبن بابت ڪتاب جي صفحي نمبر 44 تي موجود هڪ نظم نما غزل ۾ هينئن چئي ٿو.
قلم بزار ۾، شاعر، دڪان ۾ رهندو،
ته پوءِ ضرور، ادب امتحان ۾ رهندو.
هن جديد دور ۾ توڻي جو اڪثريت پنهنجي پنهنجي مفادن ۾ جُنبيل آهي پر ”اٽي ۾ لوڻ برابر“ ئي سهي پر ڪجھ اهڙا انسان به آهن جن ٻين لاءِ پنهنجو پاڻ ارپي ڇڏيو آهي ۽ هر زماني ۾ انهن جو ذڪر جاري و ساري رهندو اچي. جيئن عبدالستار ايڌي، سخي حيات خان چانڊيو، مسڪين جهان خان کوسو وغيره وغيره، اهڙن انسانن لاءِ صدف حسيني پنهنجي مٿئين غزل جي مقطع ۾ هينئن چئي ٿو.
مري ٿو جيڪو ٻين ڪاڻ، هن زماني ۾،
اُهوئي زنده، صدف هر زمان ۾ رهندو.
يڪسانيت جي ور چڙهيل اڄڪلهه جي شاعري بابت صدف پنهنجي هڪ نظم ۾ چوي ٿو.
شاعري جو حق ادا ٿئي،
اهڙو هڪ قانون آڻيان،
منفرد عنوان سوچي،
هڪ نئون مضمون آڻيان،
هن فساني لئه پنن تي،
مس جي بدلي خون آڻيان.
صفحي 49 تي موجود هڪ نظم ”گوشه نشيني“ جي هڪ بند ۾ شاعر چوي ٿو.
هاءِ! پر سنڌ ۾، ڏٺم اڪثر،
پنهنجا ڌارين سان، ڌوڙ پائن ٿا،
ٿڃ، اُنهن کي، امڙ نہ بخشيندي،
جيڪي، مادر جو، رت سُڪائن ٿا.
شاعر اديبن جي نمائنده تنظيم ۾ ڌڙابندي ٿيڻ کانپوءِ مايوس نظر ايندي چوي ٿو.
بي ادب ٿيا، ادب تي جيئن، قابض،
منهنجي ڌرتيءَ جي، ڪنهن نه دانهن ٻڌي،
شاعرن، صرف سستي شهرت لئه،
خود وِڪي، منصبي ذميواري.
*********
مونکي فطرتي حسن موهي وڌو آ،
سڄي ڪائنات آدمي ۾ ڏسان ٿو.
چارلس ڊارون، انسان جي ارتقا بابت پنهنجي نظريي ۾ چيو هو ته انسان شروع ۾ هڪ جانور يعني باندر هو جيڪو سوين سالن بعد ارتقا جي مرحلن منجهان گذري، مختلف روپ مٽائيندو انساني روپ اختار ڪيو جنهن سان اتفاق نه ڪندي شاعر پنهنجي هڪ نظم بعنوان ”چارلس ڊارون سان ڪلام“ ۾ چوي ٿو.
پنهنجي توهين تو ڪئي اهڙي،
نيوِ تنهنجي باندر جهڙي،
************
مون ته توکي عظيم تر سمجهيو،
پاڻ کي تو ئي جانور سمجهيو،
هڪ ٻئي نظم صفحي نمبر 74 جي هڪ بند ۾ شاعر چوي ٿو.
نيڻ تنهنجا ڄڻ ڪنول پاتار ۾،
تنهنجي لب جو رنگ، آ گلزار ۾،
ورق چاندي جا اٿئي رخسار ۾،
ڪر سچا، منگتن جو، اوچو مان ڪر،
روح جي تسڪين جو سامان ڪر.
هن بند پڙهڻ سان ذهن جي ڪينواس تي شاهه لطيف جو هي بيت تري اچي ٿو جيڪا ڳالھ شاعر جي شاعري جي معياري هجڻ جو ثبوت آهي.
ڪنول پاڙون پاتار ۾، ڀونر ڀري آڪاس،
تنهن عشق کي شاباس، جنهن محبتي ميڙيا.
شاعر محبتن جا سفير هوندا آهن، روشني جي راھ ڏيکاريندڙ شاعر پنهنجي نظم ”گواھ رهجو“ جي ٿلهه ۾ هن ريت چوي ٿو.
گواھ رهجو، اي چنڊ تارو! گواھ رهجو،
اسان هٿن ۾ قلم کڻون ٿا، محبتن جو علم کڻون ٿا،
سفراڻانگي جي پيچرن ۾،مصيبتن جي وڏن برن ۾،
انڌيري رات ۾ ٿيڙ کائي، اسان سحر ڏي قلم کڻون ٿا،
گواھ رهجو!
”حُسن بيتاب“ جي عنوان سان ڪتاب ۾ موجود غزل جي هڪ بند ۾، صدف حسيني، محبوب جي ڳلن تي ڪِرندڙ وارن کي ”نماز“ سان تشبيھ ڏئي حيران ڪري ڇڏيو آهي جنهنجي ڪري شاعر کان ڪيترائي فرض قضا ٿي ٿا وڃن.
وار جنهن وقت ڳل تي، پڙهن ٿا نماز،
مونکان، ٿي ٿا وڃن، فرض ڪيئي قضا.
”ادب براءِ زندگي“ سرجيندڙ هي شاعر پنهنجي ڌرتي جو نوحو لکندي ڪتاب جي صفحي نمبر.229 تي پنهنجي نظم جي هڪ بند ۾ لکي ٿو ته
سنڌ ڌرتي تي آ، ستم ڪيڏو،
ڇا ٻڌايان ته آهي، غم ڪيڏو.
ساڳئي ريت ڌرتي سان پاڻيءَ جي معاملي ۾ ٿيندڙ زيادتي جو ذڪر ڪندي غمزده ٿيندي چوي ٿو ته
ڪاڇي پٽ تي، پاڻي ناهي،
آب، اکين ۾ آيو، منهنجي ڌرتي بچايو.
موجوده وقت ۾ سڄي سنڌ جي ڪاڇي واري صورتحال آهي جنهن تي شاعر جي اکين ۾ لڙڪ تري آيا آهن ۽ دانهن ڪري چوي ٿو ته ”منهنجي ڌرتيءَ بچايو“ يعني پنهنجي حقن لاءِ اي نوجوانو اُٿو، اوهان ئي ڌرتي کي پنهنجا حق وٺي ڏياري سگهو ٿا تنهنڪري اُٿي پنهنجي ڌرتي جي وقت سر مالڪي ڪيو تہ جيئن ڌرتي، ظالمن جي ظلمن ۽ ناانصافين کان نجات حاصل ڪري سگھي.
مطلب ته هن ڪتاب ۾ هر نظم، غزل، گيت، ڪافي پنهنجي الڳ الڳ دنيا رکن ٿا ۽ پڙهڻ کان پوءِ ذهن جا چارئي طبق روشن ٿي وڃن ٿا. صدف جي شاعري بلا جي روانگي ۽ ترنم سبب دل ۾ گهر ڪري وڃي ٿي.
سندس شاعريءَ ۾ هڪ ڪلاسڪ شاعر واريون سڀ خوبيون نمايان نظر اچن ٿيون. ڪتاب ۾ جيڪي ڪميون ڪوتاهيون، فڪري ۽ فني جهول آهن اُنهن تي ڪنهن ٻي قسط ۾ بحث ڪيو ويندو.
***