ادبنئون

ڊائري جا ورق

جڏهن به مايوس ٿيو. فطرت ڏي موٽي وڃو. توهان سونهن ۾ سمائجي ويندا ۽ واپس نئين جوش جذبي سان دنيا ۾ موجود هوندا.
***
هميشه خوشين کي مستقبل ۽ ڏکن کي ماضي سمجهو.
***
مان ڪڏهن به ڪنهن کي موڪلائڻ مهل گڊباءِ نه چوندو آهيان. ڇاڪاڻ جو مان ڄاڻان ٿو ته زندگي تسلسل جو نالو آهي نه ڪه خاتمي جو. هو ڀل هليو به وڃي، پر هن جون يادون، هميشه روح کي تازو رکنديون اچن.
***
هن چيو ته ”فطرت جا نظارا هڪ ڀيرو ڏسڻ کانپوءِ ور ور ڇو ڏسڻ ويندو آهين.؟“
مون چيو: ”اُڃايل جي ڀلا اُڃ به ڪڏهن اُجهي آهي؟ ها تيستائين ڏسڻ لاءِ ويندو رهندس جيستائين اُن فطرت جو حصو ٿي وڃان“
***
هن چيو: ”زندگي هٿن مان پاڻي ۽ واري وانگي سلپ ٿي رهي آهي ۽ هڪ ڏينهن اُها باقي نه رهندي…“
مون چيو: ان ۾ ڪردار کي شامل ڪر اُها سيمينٽ جيان ڪم ڪندي ۽ زندگي کي سلپ ٿيڻ کان نه صرف روڪي وٺندي بلڪه اُن کي مضبوط ۽ ديرپا به بڻائيندي.
***
هن چيو: ”هن وشال ڪائنات جيئن ماڻهو جي من کي به ماپي نٿو سگهجي“
مون چيو: ”مون کي اها ته خبر ناهي ته اُن کي ماپي به سگهجي ٿو يا نه، پر اُن کي پيار جي ڀاڪر ۾ بلڪل سمائي سگهجي ٿو“
***
انسان ذات جي خدمت پاڻي جيان ڪر جنهن کي نه ڪو رنگ آهي نه جڳهه ڏسي ٿو ۽ نه ڪو ذائقو رکي ٿو. هن جو ڪم فقط ۽ فقط جاندارن ۽ ڌرتي جي اُڃ اُجهائڻ آهي.
***
جيڪڏهن هڪ پل ٻي پل کان مختلف آهي ۽ گذري وڃي ٿو ته پوءِ تون ڇو ٿو سمجهين ته مايوسيون ۽ محروميون سدائين رهنديون.
***
مان توکي پنهنجو ڪلهه ڪيئن ڏيان، جنهن ۾ ڪاري رات اُماوس آهي. مان توکي پنهنجو اڄ ڪيئن آڇيان جنهن ۾ رڳو درد ئي درد آهي. مان توکي ارپيان ٿو پنهنجو سڀان، جنهن ۾ رڳو خوشيون ئي خوشيون آهن.
***
جيترا منهنجي شاعري ۾ لفظ آهن، اوتري تنهنجي عمر ٿئي تون منهنجي شاعري ۾ موجود بحر وزن ۽ ردم جيان سدا سڊول ۽ خوبصورت هجين، منهنجي شاعري جي تخيل جيان تنهنجو نالو به اوچو پرواز ڪري ۽ سدا حيات رهي.
***
هن چيو: ”مان سورنهن آنا صحيح آهيان!“
مون چيو: ”جڏهن انسان پاڻ کي مڪمل سمجهڻ لڳي ته، اُن کان وڌيڪ ٻيو ڪو نامڪمل ٿي نٿو سگهي، ڇاڪاڻ جو هو جمود جي ڪيفيت ۾ هليو وڃي ٿو ۽ هن جي سوچڻ جي سگهه رڪجي وڃي ٿي ۽ اڳتي هلي بلڪل ختم ٿي وڃي ٿي ۽ پوءِ هن کي مئل سمجهڻ گهرجي“
***
ڪنهن پڇيو: ”گرو )Teacher( ڇا آهي؟“
مون چيو: ”جتي ماڻهو جي سوچڻ جي حد ختم ٿئي ٿي، اُتان گرو جي سوچڻ جي حد شروع ٿئي ٿي. اهڙي طرح هو شاگرد کي، اڻ ڏٺل عجيب اسرارن ۾ وٺي وڃي ٿو ۽ جانب جو جلوو پسائي ٿو“
***
ماڻهو تي ته نظريو/عقيدو مڙهي سگهجي ٿو، پر ڌرتي تي قطعي نه، اها فطرت جو حصو آهي ۽ فقط اُن جي قانونن جي پوئواري ڪري ٿي. تنهنڪري او مورک! ڌرتي کي پنهنجن نظرين يا قدرن ۾ نه ماپ ۽ نه ئي اُن کي پنهنجي خيالن/مرضي سان وراهي.
***
ڇا تون ڄاڻين ٿو ته تنهنجي گلاب ڳلن تي جي ماڪ ڦڙا ٿا ٽپڪن، جن ۾ سورج جا ڪرڻا موتين وانگر ٿا چمڪن، سي ماڪ ڦڙا نه پر لڙڪ آهن، جيڪي ڪنهن تنهنجي ياد ۾ لاڙيا آهن!
***
ڀلي دشمن ۽ ظالم کان نفرت ڪر، پر نفرت کي پنهنجي جسم جو حصو نه بنائي، ڇو جو اُها روح ۾ وسندڙ محبت کي اُڏوهي وانگر کائي وڃي ٿي.
***