بلاگنئون

ملڪ جي ڏتڙيل عوام لاءِ آئي ايم ايف پاران سخت مطالبا

پاڪستاني معيشت جو هن وقت پورو دارومدار قرضن تي آهي. جيڪڏهن قرض ملي ٿو ته معيشت جو گاڏو هلي ٿو. جيڪڏهن قرض نه ٿو ملي ته پوءِ ملڪ جو ڪاروهنوار رولڙي جو شڪار ٿئي ٿو.
اسانجي ملڪ ۾ معيشت جو حال اهو بيٺو آهي ته اسان وٽ درآمد ته گهڻي آهي، پر برآمد ڏينهو ڏينهن گهٽجندي پئي وڃي. جڏهن به بجيٽ ٺهي ٿي ته ملڪي ناڻي کي ٽيڪسن جي اوڳاڙي مان جيتري رقم ميسر ٿئي ٿي. ان کان وڌيڪ رقم ملڪ کي ٻاهرئين قرض جي وياج جي صورت ۾ ادا ڪرڻي ٿي پوي ۽ قرض جيئن جو تيئن برقرار رهي ٿو. پوءِ ملڪ جي ڪاروهنوار کي هلائڻ جي لاءِ اسان کي هڪ ٻيو قرض کڻڻو ٿو پوي. جنهن جي ڪري ملڪ جو قرض لهڻ بجاءِ ان مٿان قرض جو بوجهه وڌيڪ چڙهي ٿو. انهيءَ ڪري حڪومت کي مجبور ٿي آئي ايم ايف جهڙن مالياتي ادارن وٽ وڃڻو پوي ٿو. جيڪي اسان کي قرض ته ڏين ٿا، پر اسانجي معيشت کي پنهنجي مرضي مطابق هلائڻ چاهين ٿا. عام واهپي وارين شين جنهن ۾ پيٽرول، گيس، بجلي اچي وڃي ٿي، انهن جو اگهه به آئي ايم ايف طئي ڪري ٿي ۽ ڪيترين ئي معاشي پاليسين ۾ هو اسان کي ڊڪٽيٽ ڪري ٿو، جنهن تي مجبورن انهن جي ڳالهه کي مڃڻو پوي ٿو. ٻي صورت ۾ اسانجي مٿان ڏيوالپڻي جي تلوار لٽڪيل رهي ٿي. اهڙن سخت شرطن کانپوءِ ملڪي معيشت بحال ڪيئن ٿيندي. گذريل پندرنهن سالن کان اهو وڏو سوال آهي؟ اسانجا خرچ وڌن پيا، اسانجي آمدني گهٽ آهي. هن وقت به آئي ايم ايف جو وفد ملڪ جو دورو ڪري رهيو آهي ۽ اهو وزير خزانه سان ملاقات ڪندو. آئي ايم ايف سان هن جي ويجهڙائي ان ڳالهه مان ظاهر ٿئي ٿي ته آئي ايم ايف جي وفد وزير خزانه کي سندس مقرر ٿيڻ تي مبارڪ پيش ڪئي آهي. اسان آئي ايم ايف جي شرطن ۾ ايترا قابو آهيون، جو پنهنجي مرضي مطابق معاشي فيصلا نه ٿا ڪري سگهون. جيئن ايران اسان کي پيٽرول ۽ گئس تمام سستي اگهه تي ڏيڻ لاءِ تيار آهي، پر اسان مجبور آهيون ته ايران کان گئس ۽ پيٽرول خريد نه ڪريون. هن وقت بجلي ملڪ ۾ تمام گهڻي مهانگي آهي، عام ماڻهو جي پهچ کان پري آهي، صنعتڪار کي پنهنجي صنعت هلائڻ لاءِ انتهائي مهانگي پوي ٿي. ان جاءِ تي اسان متبادل توانائي جو استعمال انهيءَ ڪري نه ٿا ڪري سگهون، جو آئي ايم ايف اسان کي ظاهري طور نه، پر اندروني طور روڪي ٿي.
اسان ونڊ انرجي ۽ سولر انرجي کي سستي اگهه تي حاصل ڪري سگهون ٿا، پر اهو ڪم به آئي ايم ايف ڪرڻ نه ٿي ڏئي، انهيءَ ڪري اسان بجلي گهڻي ڀاڱي ٿرمل ذريعي حاصل ڪريون ٿا، جنهن جو ٻارڻ گيس، ڪيروسين آئل ۽ ڊيزل آهي. جيڪي اسان کي پون ته مهانگا ٿا، حڪومتي وزير به چون ٿا ته اها تيل مافيا آهي، پر ان جي باوجود اسان ان کي خريد ڪرڻ لاءِ مجبور آهيون. جنهن جي ڪري اسانجو امپورٽ بل تمام گهڻو وڌي وڃي ٿو. پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن تي دٻاءُ پوي ٿو ۽ اسانجي رپئي جي قيمت گهٽجي ٿي جنهن جي ڪري ناڻي جي پکيڙ ۾ اضافو ٿئي ٿو ۽ عوام مهانگائي کي ڀوڳي ٿو. واضح مثال اهو آهي جو گذريل حڪومت ڪيترين ئي اهڙن لگزري شين کي درآمد ڪرڻ تي پابندي هنئي هئي، پر صرف هڪ هفتي گذرڻ کانپوءِ آئي ايم ايف جي چوڻ تي اها پابندي هٽائي وئي. انهن ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون شيون هيون جيڪي صرف امير طبقو استعمال ڪري ٿو، غريب عوام ته انهن جو نالو به نه ٻڌو هوندو، پر انهن شين کي امپورٽ ڪرڻ سان انهن جي ادائگي ڊالر ۾ ڪرڻي پوي ٿي. اسين سمجهون ٿا ته هن وقت ملڪ کي آئي ايم ايف جي پروگرام جي سخت ضرورت آهي، پر ان سان گڏ اهو مطالبو به ڪريون ٿا ته اسانجو وزير خزانه جيڪو بينڪر پڻ آهي، اهو انهن سان اهڙي قسم جي ڳالهه ٻولهه ڪري جنهن ۾ اسان کي انهن جا ناجائز مطالبا مڃڻا نه پون. آئي ايم ايف کان ڪجهه سهولتون حاصل ڪري ۽ اهي سهولتون ملڪ جي عوام کي ملڻ گهرجن.
ڏسڻو اهو آهي ته ملڪ جو نئون وزير خزانه پاڪستان جو وزير خزانه آهي جنهن جي ملڪ جو عوام ڏتڙيل آهي يا هو آئي ايم ايف جو نمائندو بڻجي ان جڳهه تي پهتو آهي.