سنڌ جي ٽيون نمبر وڏي ڪاروباري شھر سکر جي مشھور ماتمي شهر روھڙي جي صالح پٽ/سنگرار نالي وسنديءَ مان لڳ ڀڳ 22 مھينا اڳ پريا ڪماري جي اغوا ٿيڻ واري جيءُ جھوريندڙ واقعي کي ڪنھن به حالت ۾ وساري يا درگذر نٿو ڪري سگھجي. ڇو ته ھيءَ نياڻي سکر جھڙي تاريخي شهر مان محرم الحرام دوران سبيل امام حسين عليه السلام تي ھر ايندڙ ويندڙ کي بنا ڪنهن متڀيد جي پاڻي پياريندي اغوا ٿي وئي آھي. سکر ڪو معمولي شھر ناھي جو ھتي ڪا وڏي واردات ٿئي ۽ اھا ھتان جي طاقتورن کان لڪل رھي اھو ناممڪن ٿو لڳي. پريا ڪماري جو اغوا ڪنھن به حالت ۾ گم سم ٿي زماني کان وسري نٿو سگھي. ڇو جو ھيءَ واردات ان ھنڌان ٿي آهي جيڪو خاص طور شهيدان ڪربلا جي پوئلڳن کان وسارڻ تمام مشڪل آھي. محرم دوران ٻين واسطيدار عزادارين ۾ ”سبيلن“ جي به خاص اھميت رھي ٿي. ڇو ته ظالم حاڪم يزيد طرفان امام حسين عليه السلا سميت سندس ساٿين عزيزن ايستائين جو معصوم ٻارڙن لاءِ به پاڻي بند جون ھدايتون ڏنل ھيون. نھر فرات نالي درياهه ويجهو ھوندي به امام حسين عليه السلام جي اڃايل خاندان توڙي وفادار ساٿين لاءِ پاڻيءَ تي پھرا، سختيون ۽ جھڙتيون ٿي ڏٺيون.. يزيدين لاءِ وڏي مقدار ۾ پاڻي ھو، پر رسول الله صلي الله عليه وصلم جي اھلبيت لاءِ پاڻي نه ڏيڻ واسطي چونڊيل وحشي يزيدي سپاھي بيھاريا ويا ھئا.
ان مناسبت سان محرم جي ڏھاڙن ۾ خاص طور وڏي عاليشان انتظامن سان حسيني حبدارن جي اڃ کي ياد ڪندي ”سبيل حسين“ جا اھتمام ڪيا وڃن ٿا. ھندو ڌرم جي ھيءَ معصوم نياڻي پريا ڪماري عشق حسين ۾ سبيل تي پاڻي پياريندي اغوا ٿي وڃي ته اھڙو ڏوھ اڳ ڪڏهن به نه ٿيو آھي جو سبيلن تان نياڻيون اغوا ٿي وڃن اھا واردات خود امام حسين عليه السلام جي عزادارن لاءِ چئلينج بڻجي چڪي آھي. تنھنڪري پريا جو ڪيس اڄ به ساڳيءَ ريت ياد رھڻ سبب وسري نه سگهيو آهي، پر معجزو اھو آھي جو انھيءَ واقعي جي ياد ۾ ويتر ڏينهون ڏينهن واڌارو ٿيندو رھي ٿو. نه فقط واڌارو، پر مظلوم سان محبت ۽ ساٿ ۾ به حسيني ياد جا قلندري رنگ ڏسڻ ۾ اچڻ لڳا آھن، جنھنڪري ظالم سان نفرت ۽ ان خلاف احتجاج، بک ھڙتالون، ڌرڻا، پريس بيان، يو ٽيوب، وائس مئسيج، ميڊيا خاص طور سوشل ميڊيا تي ڀرپور انداز سان آواز بلند ٿيڻ لڳو آھي اھو آواز ڀلي حاڪم طبقي کي ٻڌڻ ۾ نه اچي، پر ھيءَ ”غريبن جي آھ“ نيٺ ته ڪو خدائي رنگ لائيندي.
اھڙيءَ طرح پريا جي ياد امام حسين عليه السلام جي عزادارن سان ڳنڍجي وڃڻ ڪري ”ظالم سان نفرت ۽ مظلوم سان محبت“ واري نعري جي رنگن ۾ رچي ظالم قوتن جا منصوبا مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيا آھن. ڀلي پاڪستاني لفافا خور ڪيترا چئنل تي ڏيکاءُ وارا مناظره ڪن توڙي دنيا جي طاقتور ميڊيا جا ڪيترا چئنل يا اخبارون معصوم پريا ڪماري جي اغوا کي ايتري اھميت نه ڏين ڀلي ھندو ڌرم جا ڪيترا ديس واسي خاموش رھن، پر سمجھڻ گھرجي ته يزيد جھڙي طاقتور حڪمران وڏا وس ڪيا ته ڪربلا جو دردناڪ واقعو لڪي وڃي سندس قھري ظلم پڌرا نه ٿي سگھن حسينين کي باغي ڪري بيدردي سان ماري سندن خاندان کي قيدي بڻايو ويو، پر وقت ڏيکاري ڇڏيو جو خود شام جي شھر دمشق ۾ يزيد جي درٻار اندر ڪربلا جو واقعو اھلبيت جي ھڪ نياڻي بيبي زينب سلام الله عليه جي ڀرپور سڌي سنئين Live تقريرن خطبن وسيلي عام ٿي يزيدي حڪومت جي تخت جا مضبوط بنياد لوڏي ان کي ڪيرائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان جيتوڻيڪ ڪربلا جي واقعي بعد ”يزيد جو اقتدار رھيو، پر اھو جائز بڻجي نه سگھيو“.
پريا ڪماري ھڪ مظلوم نياڻي ٿي ڪري طاقتورن جا محل ماڙيون ۽ قلعن نما سرڪاري ھائوس لوڏڻ شروع ڪري ڏنا آھن، پريا جي جيجل امڙ جا پاڪ لڙڪ حسيني بڻجي وڃڻ ڪري نياڻي جو اغوا طاقتورن لاءِ شرمناڪ موت ثابت ٿي سگھي ٿو، ان ڪري اڃان به وقت آھي ته پريا ڪماري کي پنهنجي عزيزن تائين عزت و احترام سان جلد پھچايو وڃي.
ياد رکڻ گھرجي ته پريا ڪماري جي بازيابي جو مطالبو اسيمبلي جي ايوان ۾ ماٺ ۽ درگذر وارن چاپلوسي روين کي محسوس ڪندي ھاڻ سنڌ جون سرڪاري ۽ سرداري سرحدون پار ڪري وفاقي حڪومت، چيف جسٽس آف سپريم ڪورٽ پاڪستان سميت پاڪ فوج، رينجرز، ايف آءِ اي ۽ ٻين ايجنسين آڏو انصاف لاءِ طاقتور مطالبو بڻجي سامھون اچي چڪو آھي جيڪي، انشاءَ الله سنڌ جي مطالبي کي ضرور مڃتا ڏيندي نياڻي پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ پيشقدمي ڪندي عوامي مطالبو منظور ڪرڻ سان ملڪ ۽ قوم جو مان مٿانھون ڪري ظالمن کي ڪيفر ڪردار تي پھچائيندي انصاف ڪندا.