نئون

سنڌ صوبي ۾ 9 مهينن اندر عورتن خلاف تشدد جا 1643 ڪيس داخل

سنڌ وومين ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ پاران هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ ۾ گذريل سال جولاءِ کان هيستائين عورتن تي تشدد جا 1643 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. هي رپورٽ سنڌ اندر عورتن جي تحفظ لاءِ قائم ڪيل بينظير ڀٽو سينٽر فار وومين ان سنڌ ۽ وومين ڪمپلينٽ سيل پاران رپورٽ ڪيل ڪيسن بابت جوڙيل آهي، جنهن ۾ ڪارو ڪاري، ٻارن جي ڪسٽڊي، گهريلو تشدد ۽ ٻيا تشدد جا ڪيس شامل آهن. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هن عرصي ۾ غيرت جي نالي تي قتل جو تعداد 13، جنهن مان 3 ڪيس ڪراچي ۾ ٿيا آهن. ان کان علاوه جنسي ڏاڍائي جا 5 ڪيس، جنهن کان علاوه گهريلو تشدد جا 252 ڪيس داخل ڪيا ويا. هڪڙو ڪيس وومين ٽريفڪنگ جو به رپورٽ ڪيو ويو آهي. ان کان علاوه ٻه ڪيس چائلڊ مئريج جا به رپورٽ ڪيا ويا آهن. ان سان گڏ زبردستي شادي، قتل، اغوا، تيزاب گردي جا ڪيس به رپورٽ ڪيا ويا. جڏهن ته هندو نارين جي زوري شادي جو هڪ به ڪيس رپورٽ نه ڪيو ويو آهي. ان کان علاوه 21 عورتن کي شيلٽر هوم ۾ پناهه وٺڻي پئي، 21 عورتن کي تشدد ڪري زخمي ڪيو ويو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته بينظيرآباد ۾ 457 ڪيس، سکر ۾ 286، حيدرآباد ۾ 213 ۽ ڪراچي ۾ 196 ڪيس رپورٽ ڪيا ويا. رپورٽ ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته صوبي اندر عورتن کي ڄاڻ آهي ته انهن جي تحفظ لاءِ هي ادارا ڪم ڪري رهيا آهن.