آصفه ڀٽو زرداري نوابشاهه جي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي-207 مان بنا مقابلي قومي اسيمبلي جي ميمبر بڻجي چڪي آهي. هيءَ سيٽ سندس والد صاحب جي صدرِ پاڪستان ٿيڻ جي ڪري خالي ٿي هئي.
آصفه ڀٽو زرداري ڪنهن تعارف جي محتاج نه آهي. سندس هلڻ، ڳالهائڻ ۽ تقرير جي انداز ۾ سندس والده محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي تصوير واضح نظر اچي ٿي. سنڌ جو عوام کيس ميمبر قومي اسيمبلي ٿيڻ تي دل جي گهرائين سان مبارڪون ڏئي ٿو. ان سان گڏ سنڌ جو عوام کيس پنهنجا درد به ٻڌائڻ چاهي ٿو، جيڪي درد سنڌ جي عوام کي پيپلز پارٽي جي گذريل 16 سالن جي حڪومتي دور ۾ مليا آهن ۽ سنڌ جو عوام انهن دردن جو درمان به چاهي ٿو. سنڌ جو عوام چاهي ٿو ته محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي نياڻي مستقبل ۾ سنڌ جي عوام لاءِ مسيحائي ڪردار ادا ڪري. سنڌ ۾ گذريل 16 سالن کان سندس پارٽي جي حڪومت آهي، پر بجاءِ سنڌ جي عوام جا مسئلا گهٽ ٿيڻ جي وڌندا رهيا آهن. بدامني، بيروزگاري، رشوت جو ناسور ۽ ڪيترائي انيڪ مسئلا آهن جيڪي سنڌ جو عوام ڀوڳي رهيو آهي. 2022ع جي برساتن ۽ ٻوڏ جا سٽيل غريب ماڻهو اڃان پنهنجن ڇپرن ۾ ويهي نه سگهيا آهن. جڏهن ته سنڌ حڪومت دعويٰ ڪندي رهي آهي ته اسان سنڌ جي ماڻهن کي هر قسم جون سهولتون ڏيئي ڇڏيون آهن. عملي سياست ۾آصفه ڀٽو زرداري جو اچڻ بهتر سوڻ آهي. اها اميد ڪجي ته هوءَ سنڌ جي مسئلن کي قومي اسيمبلي جي ايوان ۾ نه صرف اجاڳر ڪندي، پر انهن کي حل به ڪرائيندي؟ ڇو ته مرڪزي حڪومت ۾ پيپلز پارٽي اهم اتحادي آهي ۽ صدرِ پاڪستان پڻ پيپلز پارٽي جو آهي، ان سان گڏ اميد آهي ته سنڌ حڪومت تي پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪندي ته جيئن سنڌ جي حڪومت سنڌ جي عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري.
سنڌ جون حالتون پريس يا اليڪٽرانڪ ميڊيا هر روز بيان ڪري ٿي، پر سنڌ حڪومت جو ان طرف ڪوبه ڌيان نه آهي. هڪ نوجوان عورت اڳواڻ جي حيثيت سان آصفه ڀٽو زرداري تي سنڌ جي عورتن کي سهولتون ڏيڻ ۽ سنڌ جي نياڻين کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. سنڌ جي ٻهراڙين ۾ نياڻين جا اسڪول ته آهن، پر ڪٿي استاد نه آهن ته ڪٿي اسڪولن ۾ بنيادي سهولتون موجود نه آهن ۽ ان سان گڏوگڏ مدي خارج نصاب ذريعي تعليم ڏني وڃي ٿي، جنهن جي حاصل ڪرڻ سان انهن نياڻين جي معاشي حالت بهتر نٿي ٿئي. هاڻي ايئن ٿيڻ گهرجي ته جديد تعليم سان گڏ انهن جي لاءِ هنري تعليم جو بندوبست ٿيڻ گهرجي ته شاگردياڻيون تعليم سان گڏوگڏ هنر پرائي پنهنجي معاشي حالت کي بهتر بڻائين ۽ ٻهراڙين ۾ جيڪي هنرمند عورتون آهن انهن کي سرڪار طرفان اهڙا موقعا ڏنا وڃن ته انهن جو هنر ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ متعارف ٿئي، انهن جي هنر جي پروموشن ٿئي ته جيئن ٻهراڙيءَ جون عورتون پنهنجي هنر سان مختلف شيون ٺاهين ٿيون انهن جي مارڪيٽنگ ٿئي. شهري عورتن کي پڻ موقعا ڏنا وڃن جهڙا موقعا بنگلاديش جي حڪومت پنهنجي عورتن کي هنرمند بنائي ڏنا آهن، جنهن جي ڪري اتي هن وقت گارمينٽس جي ذريعي بنگلاديش هر سال 30 ارب ڊالر جو پرڏيهي ناڻو ڪمائي ٿو، پر اسان وٽ 3000 رپيا خيرات وٺڻ لاءِ جنهن کي اسين بينظير انڪم سپورٽ پروگرام چئون ٿا ان ذريعي جيڪا عورتن جي تذليل ٿئي ٿي، اها ڳالهه ڳجهي نه آهي. انهن سڀني مسئلن سان گڏ سنڌ جو وڏو مسئلو پنهنجي حصي جو پاڻي نه ملڻ آهي. جنهن جي ڪري زراعت کي نقصان رسي ٿو، ان سان گڏ ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ سمنڊ تائين 200 ڪلو ميٽر جي علائقي ۾ رهندڙ ماڻهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي ميسر نه آهي. يقينن انهن مسئلن طرف به آصفه ڀٽو زرداري ڌيان ڏيندي.
سنڌ جو عوام چاهي ٿو ته آصفه ڀٽو زرداري جي سياست جو محور سنڌ صوبو هجي. مرڪزي سياست سندس ڀاءُ بلاول ڀٽو زرداري ڪندو رهي ۽ آصفه ڀٽو زرداري مريم نواز وانگر صرف پنهنجي صوبي تي ڌيان ڏئي ۽ جيڪڏهن ايندڙ وقت ۾ سنڌ جي وزيراعليٰ بڻجي ته اها پڻ سنڌ جي عوام جي خواهش هوندي، پر سڀ کان وڌيڪ سنڌ جي عوام جي خواهش آهي ته آصفه ڀٽو زرداري جنهن کي محترمه شهيد جو عڪس چيو وڃي ٿو اها سنڌ جي عوام جي ڀلائيءَ جي لاءِ بهتر قدم کڻندي.