نئون

پاڪستان آمريڪا سان امداد جي بحالي لاءِ ڳالهيون نه پيو ڪري

آمريڪا ۾ موجود پاڪستان جي سفير اعزاز چوڌري ميڊيا سا ن ڳالهائيندي چيو آهي ته پاڪستان  آمريڪا سان امداد بحال ڪر ڻ لاءِ  ڳالهيون نه ڪري رهيو آهي.۽ نه ئي ڪندو.ڪشمير ۾ جاري ڀارتي ظلمن بابت ڳالهائيندي هن جو رخ آمريڪا پاڪستان جي لاڳاپن ۽ افغان مسئلي ڏانهن رهيو.امداد بابت ڳالهائيندي هن چيوته ان بابت آمريڪا سان ڪا به ڳاله نه ٿي آهي پاڪستان کي امداد نه گهرجي، اسان کي پنهنجي عزت، وقار، احترام ۽ جيڪو پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڪيو آهي ان جو اعتراف گهرجي. سفير چيو ته هن معاملي تي پاڪستان پنهنجي واضح پوزيشن رکي آهي. ۽ هاڻي آمريڪي حڪومت کي فيصلو ڪرڻو آهي. جڏهن ته اسان پنهنجي وسيلن مطابق دهشت گردي خلاف جنگ ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون.  واضح رهي ته آمريڪي صدر هلندڙ سال جنوري ۾ ٽوئيٽ ڪري پاڪستان کي اربين ڊالر ڏيڻ جي بدلي ۾ دهشت گردي خلاف مضبوط   قدم نه  کڻڻ جا الزام لڳايا هيا. جنهن بعد ٽرمپ انتظاميا پاڪستان جي امداد روڪي ڇڏي هئي.  هن وڌيڪ چيو ته اسان افغانستان جي صورت حال بهتر ڪرڻ جي ڳاله ڪري رهيا آهيون ڇاڪاڻ ته ٻنهي ملڪن جو هڪ ئي مقصد آهي ته افغانستان کي مستحڪم بڻائي سگهجي.  اعزاز چوڏري چيو ته پاڪستان، افغان صدر اشرف غني طرفان امن معاهدي ۾ مثبت سوچ رکي ٿو، ڇاڪاڻ ته پاڪستان مڃڻ ۽ سلامتي ۾ يقين رکي ٿو.