بلاگخاصنئون

ڇا ايبٽ آباد آپريشن ۾ اسامه اتي موجود هو؟ ۽ اسٽيبلشمينٽ کي ان جي موجودگيءَ جو ۽ آمريڪي آپريشن بابت پهرين کان علم هو؟

آپريشن کي سر انجام ڏيندڙ ڪمانڊوز برگهام هوائي اڏي کان جلال آباد آيا جلال آباد کان ايبٽ آباد تائين جو هوائي سفر 251 ڪلو ميٽرن جو آهي. 70 ڪمانڊوز هڪ ڪتي سان گڏ ٻن هيليڪاپٽرن ذريعي آيا انهن سان گڏ هڪ تربيت يافته ڪتو هو. ايبٽ آباد پاڪستان جي گادي جي شهر اسلام آباد کان صرف 30 منٽن جي پرواز تي آهي، آمريڪي 2 هيليڪاپٽر ڏاڍي آرام سان بين الاقوامـي سرحد پار ڪري پاڪستان جي سر زمين ۾ داخل ٿيا، ايبٽ آباد جو هڪ شهري جنهن کان بعد ۾ بي بي سي انٽرويو به ورتو هو، پنهنجي گهر جي اڱڻ تي ستل هو محمد زين نالي هن شخص جو چوڻ هو ته رات 1 وڳي جي لڳ ڀڳ 2 هيليڪاپٽر منهنجي گهر مٿان آيا، انهن جي هوا جو دٻاءُ ايترو هو جو منهنجو بسترو اڏامي وڃي ٻئي پاسي ڪريو. پاڙيسري زين مطابق جڏهن هن غور ڪيو ته معلوم ٿيو ته هيليڪاپٽر منهنجي گهر جي ڇت تي نه پر، سامهون واري گهر مٿان اڏامي رهيا هئا جنهن مان هڪ هيليڪاپٽر ان گهر جي اندر يا ان جي ڇت تي لينڊ ڪيو ۽ ٻيو فضا ۾ ان جي نگراني ڪري رهيو هو. پاڙيسري جو وڌيڪ چوڻ هو ته گولين ۽ ڌماڪن جو آواز ايندو رهيو ۽ ڪجھ انساني رڙين جا آواز به ان ۾ شامل هئا. ڪجھ وقت تائين اهو سلسلو هلندو رهيو ۽ پوءِ هڪ وڏو ڌماڪو ٿيو جنهن سان هڪ هيليڪاپٽر تباھ ٿيو ۽ پوءِ خاموشي ٿي وئي.
آمريڪا جو هي آپريشن غير معمولي طور تي حساس هو، هڪ ايٽمي ملڪ اندر ان قسم جو آپريشن ڪرڻ ظاهر آهي ته خطري کان خالي نه هو. پاڪستان جي جاگرافيائي صورتحال کي ڏسجي ته پاڪستاني ادارن کي اهو شڪ به وڃي سگهي پيو ته هي حملو ڀارت ڪيو آهي ۽ غلط فهمي جي بنياد تي ڪا وڏي جنگ به ٿي سگهي پئي. بهرحال! 40 منٽن اندر اندر آپريشن مڪمل ڪري آمريڪي ٽيم پنهنجي منزل ڏانهن رواني ٿي وئي ۽ اسامه بن لادن جي گهر مان انهن ڪجھ ڪمپيوٽر ۽ هارڊ ڊرائيو پڻ کنيون ۽ اسامه جي لاش کي کڻي افغانستان آندو ويو ۽ پوءِ ڪجھ ٽيسٽ وغيره ڪري ان کي عربي سمنڊ ۾ پري وڃي ڪٿي اڇلايو ويو، جيڪو پڻ اسلامي قانون مطابق هو، هن آپريشن جي وڏي اهميت هئي ۽ ان جا اثر ايندڙ وڏي وقت تائين رهندا، پر پاڪستان تي هميشه ان جا اثر رهندا. آپريشن دوران ڪنهن به پاڪستاني اداري جي مداخلت سامهون نه آئي جيتوڻيڪ هيليڪاپٽرن، گولين ۽ ڌماڪن جو آواز پري پري پري تائين ٻڌو ويو، ٻيو ته ايبٽ آباد جي جاگرافيائي اهميت به آهي ۽ هتي ملٽري سان لاڳاپيل اهم عمارتون به موجود آهن، پر ڪافي وقت تائين ڪنهن کي ڪا خبر نه پئي سگهي ۽ نه ئي پاڪستان جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪا نفري پهچي سگهي. اهو سڀ ظاهر آهي ته گهڻا سوال ٿو پيدا ڪري حقيقت ته اها به آهي ته آمريڪا گهڻو وقت اڳ ئي اعلان ڪري چڪو هو ته ان کي جتي به اسامه جي موجودگي جو پتو پيو ته هو اتي پهچي ان کي زنده يا مرده گرفتار ڪندو.
اسامه جو ايبٽ آباد وارو گهر 2004 ۾ ٺاهيو ويو، پاڪستان ۾ اسامه لاءِ جيڪو ڪجھ ڪيو ويو ان ۾ ماڻهو فرضي نالن ۽ شناخت سان سامهون ايندا هئا، آپريشن بعد اسامه ۽ ان جي سهولتڪار بابت ڪا معلومات سامهون نه آئي، پر سي آءِ اي بعد ۾ ڪجھ ماڻهن جا نالا ضرور ڏنا. آمريڪا هن مشڪوڪ گهر کي ڪافي وقت کان نظر ۾ رکندو پئي آيو. ڪنهن وڏي ٽارگيٽ جي گهر ۾ موجودگي جي تصديق لاءِ آمريڪي اينٽيليجنس ايجنسي سي آءِ اي پاڪستان ۾ پنهنجا ايجنٽ به ڀرتي ڪيا جن جو ڪم اهو تصديق ڪرڻ هو ته هن گهر ۾ ڪير ٿو رهي، اسامه جي موجودگي جي آخري وقت تائين تصديق نه ٿي سگهي، پر سي آءِ اي کي اهو يقين هو ته گهر اندر ڪو وڏو ٽارگيٽ لڪل آهي، گهر تي شڪ ان جي بناوٽ ۽ ڊزائين جي ڪري پيو. علائقي ۾ اهڙي بناوٽ جو ٻيو ڪو گهر نه هو. ٻيو شڪ جي تصديق ان مان به ٿي ته گهر وارن جو پاڙي وارن سان ڪنهن به قسم جو ڪوبه تعلق جڙيل نه هو ۽ نه ان گهر جا ٻار پاڙي جي ٻارن سان کيڏڻ لاءِ ٻاهر ايندا هئا. گهر ۾ نه فون هو ۽ نه انٽرنيٽ سي آءِ اي جي انڊر ڪور ماڻهن جڏهن گهر بابت خفيه معلومات ورتي ته انهن جو شڪ يقين ۾ بدلجي ويو ته اندر يقينن ڪو وڏو ٽارگيٽ لڪل آهي. آمريڪا 2002 کان وٺي 2010 تائين بن لادن جي ڳولا ۾ لڳل هو ان ۾ هر لحاظ جي طريقڪار سان ڳولا جاري رکي وئي هئي، جنهن ۾ سي آءِ اي جو وڏو ڪردار هو، جنهن پوري دنيا ۾ پنهنجي ايجنٽن جو ڄار وڇائي ڇڏيو. پاڪستان تي نظر ان جي اهم ڪڙي هئي، سي آءِ اي کي اهڙي ماڻهو جي ڳولا هئي جيڪو اسامه جي ڀروسي وارو هجي ۽ ان جي قريبي حلقي مان هجي. ايتري تائين سي آءِ اي کي علم ۾ اچي چڪو هو ته هڪ اهڙو ماڻهو ضرور آهي جيڪو اسامه جو هر ڪم ڪندو آهي. خاص طور تي پيغام ڏيڻو هجي، پئسن جي ڏي وٺ جو معاملو هجي، ڇو ته اسامه نه فون استعمال ڪندو هو ۽ نه انٽرنيٽ. ان لاءِ اسامه جي ڳولا لاءِ ڪنهن اهڙي ماڻهو جي تلاش ضروري هئي جيڪو اسامه جي ويجهي حلقي مان هجي ۽ ان جو مدد گار هجي. اهڙي ماڻهو جي ڳولا لاءِ آمريڪا پنهنجي ئي جيلن ۾ قيد القائده جي ماڻهن کان سخت پڇا ڳاڇا شروع ڪئي ته شايد ڪو رستو نڪري اچي ۽ ڪا اهڙي معلومات سامهون اچي سگهي ۽ پوءِ ائين آمريڪا القائده جي قيد دهشتگردن کان پڇا شروع ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ابو احمد الڪويتي جو نالو سامهون آيو جيڪو القائده جي اعليٰ قيادت لاءِ قاصد جو ڪم ڪندو هو ۽ اهو ئي ماڻهو هو جيڪو اسامه جي موجودگي بابت ڄاڻ رکندو هو. ڇو ته ٻاهر جي دنيا جا معاملا اسامه لاءِ ڪويتي ئي ڏسندو هو. ابو احمد بابت معلومات سي آءِ اي کي پنهنجي ئي جيل ۾ قيد القائده جي ماڻهن ڏني، پر ڪوبه يقين سان نه پيو چئي سگهي ته اصل ۾ اهو ابو احمد الڪويتي ڪير آهي ۽ ڪٿي آهي. شروعات ۾ جيڪا معلومات القائده جي قيدين آمريڪي کي ڏني اها مڪمل طور تي صحيح نه هئي ۽ ڪجھ نالا فرضي طور تي ٻڌايا ويا هئا ۽ ابو احمد الڪويتي به محض هڪ فرضي نالو هو يا ڪوڊ هو. جڏهن ته الڪويتي اصل ۾ نه ته ڪويت جو هو ۽ نه عرب هو بلڪه هو پاڪستاني هو، جيڪو اسامه لاءِ ڪم ڪندو هو. سي آءِ اي کي به اسامه جو پتو ڪويتي جي ڳولا ڪندي ڪندي مليو ۽ پوءِ ايبٽ آباد آپريشن ۾ ڪويتي به مارجي ويو، جنهن کي بن لادن جا پاڙيسري ٻي ڪنهن فرضي نالي سان سڃاڻندا هئا. سي آءِ اي ڪويتي جون فون ڪالز ٽريس ڪندي ان تائين پهچڻ پئي چاهيو ۽ انهيءَ دوران انهن کي الڪويتي جي چرپر مان اسامه جي پراسرار گهر سان واسطو ڏسڻ ۾ آيو، پوءِ سي آءِ اي پنهنجي ڪارروائي شروع ڪئي.
2 مئي 2011 تي آمريڪا موجوده صدي جي سڀ کان وڌيڪ گهربل شخص کي مارڻ ۾ ڪامياب ويو. بظاهر آمريڪا پنهنجي سر زمين تي ٿيل دهشتگردي جو بدلو وٺي ڇڏي، پر جنهن جاءِ تي اهو آپريشن ڪيو ويو ۽ جتي بن لادن مليو تنهن جا وڏا اثرات ظاهر ٿيا. پاڪستان جي حڪومت سميت ملٽري اسٽيبلشمينٽ وڏي آزمائش ۾ اچي وئي ته باقي دنيا کي ڪيئن منهن ڏنو وڃي. پاڪستان جي حڪومت ۽ ملٽري اسٽيبلشمينٽ اهو تاثر ڏنو ۽ ميڊيا ۾ خبرون هلايون ويون ته جيئن آمريڪي آپريشن ڪري افغانستان وڃي پهتا ته مقامي سطح تي ڪجھ خبرون هليون ته ايبٽ آباد ۾ ڪجھ ڌماڪا ٿيا آهن ۽ فائرنگ به ٿي آهي ۽ هڪ هيليڪاپٽر به تباھ ٿيو آهي ۽ پوءِ ملٽري اسٽيبلشمينٽ انٽيليجنس رپوٽون وٺي اسامه جي گهر ڏانهن فوج موڪلي ته ڏٺو وڃي ته ڇا ٿيو آهي ۽ ٻئي پاسي رات دير سان آمريڪي صدر ۽ ملٽري جي اهم ماڻهن پاڪستان جي صدر ۽ ملٽري جي انتهائي اهم ماڻهن کي ٻڌايو ته هي آپريشن اسان ڪيو آهي ۽ ان ۾ اسامه بن لادن کي ماريو ويو آهي. جيئن ئي خبر سامهون آئي ته پاڪستان ۾ اندروني ۽ بيروني دٻاءُ ۽ تنقيد شروع ٿي وئي ۽ پاڪستان جي انٽيليجنس ۽ محفوظ بارڊر سسٽم تي سوال اٿڻ لڳا. سڀ کان وڏو سوال اهو هو ته جتي اسامه ڪيترن سالن کان رهيل هو اتي چند منٽن جي فاصلي تي پاڪستان جي وڏي ملٽري اڪيڊمي آهي، جتي سيڪيورٽي سخت هوندي آهي. ڇو ته پاڪستان پهرين کان ئي دهشتگردي جو شڪار رهيو آهي. سوال اهو ڪيو ويو ته ايتري حساس جاءِ تي اسامه پراسرار گهر ٺهرائي ان ۾ ڪيئن آساني سان رهندو پئي آيو ۽ ٻيو سوال اهو هو ته جڏهن آمريڪا آپريشن ڪري رهيو هو ته ان وقت اڪيڊمي جي سيڪيورٽي ڪٿي هئي؟ بهرحال! پاڪستان جي ملٽري ۽ حڪومت گهڻا ئي بيان ڏنا ۽ وزيراعظم يوسف رضا گيلاني ڪميشن به ٺاهڻ جو اعلان ڪيو، پر سوال پوءِ به رهيا ۽ هميشه رهندا.
پاڪستان سوويت يونين خلاف جنگ کان وٺي آمريڪا جو اتحادي رهيو آهي. ملٽري سطح تي حساس ترين معاملن تي پاڪستان آمريڪا سان تعاون ڪندو رهيو آهي. پاڪستان کي معاشي معاملن ۾ آمريڪي ڊالرن جي ضرورت هميشه رهي آهي. پاڪستان جي تاريخ ڏٺي وڃي ته پاڪستان ڊالر وٺڻ لاءِ پنهنجن گهڻن ئي مفادن کان بالاتر ٿي ڪري آمريڪا سان گڏ رهيو آهي، اسامه بابت آمريڪا شروع ڏينهن کان وٺي پاڪستان کي واضح پيغام ڏنو هو ته اسامه جتي به مليو اسان ڪارروائي ڪنداسين. بهرحال! آمريڪا ته پنهنجو ڪم ڪري هليو ويو سوال هاڻي پاڪستان تي ٿين پيا ته هڪ طرف اسان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ آمريڪا کان اربين ڊالر ورتا آهن ته ٻئي پاسي اسامه پاڪستان مان مليو آهي ۽ اهو به ايبٽ آباد جهڙي اهم شهر مان.
سوال ڪيو ويو ته ڇا پاڪستان جي آءِ ايس اي ۽ ملٽري کي خبر هئي ته هن پر اسرار گهر ۾ ڪير رهيل هو؟ هاڻي ان بابت ڪو هڪڙو واضح موقف نٿو اختيار ڪري سگهجي ته ڇا فوج ۽ آءِ ايس اي جي اعليٰ قيادت کي اسامه جي موجودگي جو علم هو يا نه پر، منطقي لحاظ سان سوچيو وڃي ته اهو ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿو ته ايبٽ آباد جهڙي شهر ۽ وري ملٽري اڪيڊمي جي ويجهو هڪ پراسرار عمارت کان آءِ ايس اي جهڙي ايجنسي يا ايٽمي طاقت واري ملڪ جي فوج لاعلم هجي؟ ۽ ٻيو وري عيني شاهدن مطابق جڏهن ڪالوني جا ماڻهو آواز ٻڌي ٻاهر آيا ته اسامه جي گهر ٻاهران موجود اهلڪار هڪ ٻئي سان پشتو ۾ ڳالهائي رهيا هئا. بهرحال! اهو ته چئي سگهجي ٿو ته گهڻي وقت تائين فوج جي اعلي ٰ قيادت کي اسامه جي موجودگي جو علم نه هجي پر، بعد ۾ جيڪا تحقيق ٿي آهي ان مان لڳي ٿو ته آءِ ايس آءِ ۽ فوج جي ڪجھ اهم حلقن کي ان جو علم هو. آمريڪا جي هڪ صحافي مطابق پاڪستان جي اهم اداري جي هڪ ماڻهو اسامه تي رکيل انعامي رقم ملڻ جي صورت ۾ آمريڪا کي معلومات ڏيڻ جي حامي ڀري هئي ۽ ان ٻڌايو ته اسامه بن لادن ڪهڙي جڳهه تي موجود ٿي سگهي ٿو پر، ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته پاڪستان ئي آمريڪا کي مشڪوڪ معلومات ۽ فون ڪالز جا رڪارڊ ڏيندو رهيو هو. خود اها ڪال جيڪا اسامه جي ماڻهو ڪئي هئي جيڪا بعد ۾ آمريڪا لاءِ وڏي مدد به ثابت ٿي هئي، اها به پاڪستان رڪارڊ ڪري ڏني هئي. گهڻي قدر ته ائين ئي لڳي ٿو ته اسامه جي موجودگي جو علم اعليٰ قيادت کي نه هو پر، ڪنهن خاص حلقي کي هو جيڪو ان قسم جا ڪم ڪندو رهيو آهي پر، پوءِ وري اهو سوال ته ڇا ايبٽ آباد آپريشن کي سر انجام ڏيارڻ لاءِ پاڪستان جي مدد ورتي وئي هئي؟ ان جو جواب آهي نه! بلڪل به نه! پاڪستان کي عين وقت تي ٻڌايو ويو هوندو ته اسان هي آپريشن ڪري رهيا آهيون. پاڪستان آمريڪا جي سخت موقف اڳيان سوال ڪرڻ جي جرئت نٿو ڪري سگهي. اهڙو ئي ڪجھ ريمنڊ ڊيوس جي ڪيس ۾ به ٿي چڪو هو ته ڪيئن آمريڪا پنهنجي مرضي مطابق سڀ ڪجھ حاصل ڪيو. جڏهن آمريڪا سخت لهجو اختيار ڪندي اهو ٻڌايو هوندو ته اسان هي سڀ ڪري رهيا آهيون ۽ خبردار جو اسان جي وچ ۾ آيا يا اسان جي فوجين کي ڪجھ ٿيو ته اسان ان کي جنگ تصور ڪنداسين ته يقينن پاڪستان وٽ چپ رهڻ کانسواءِ ٻيو رستو ئي نه بچيو هوندو. آمريڪا ۽ پاڪستان جي لاڳاپن جي تاريخ به ائين ئي رهي آهي ته آمريڪا ئي فيصلا ڪندو آيو آهي، باقي ان جا امڪان تمام گهٽ آهن ته پاڪستان کي خبر ئي نه پئي ۽ هو اچي آپريشن ڪري هليا ويا، اهو سڀ سمجھ کان ٻاهر آهي. آپريشن دوران يا آپريشن کان ڪجهه گهڙيون پهرين آمريڪا پاڪستان کي اطلاح ڏنو هوندو ۽ پاڪستان وٽ ٻيو ڪوبه رستو ئي نه بچيو هوندو، سواءِ ان جي ته انهن کي صحيح سلامت واپس وڃڻ ڏنو وڃي.
***