قيد ۽ ڪوٺڙيون سنڌ جي نياڻين جو مقدر بڻجي ويون آهن، ڪڏهن کين حوس جي بک/اڃ اجهائڻ لاءِ جابر ظالم درندن جي حوالي ڪيو ويندو آهي، ڪڏهن کين ڪاري قرار ڏيئي بيدرديءَ سان ماريو ويندو آهي ۽ سندن خاموش سرد لاشن کي ڪنهن ويران قبرستان ۾ لاوارث ڪري هميشه لاءِ بي نام ۽ هڪ گمنام قبر ۾ خاموشي جي ننڊ سمهاريو ويندو آهي. اڄ اسان وڏي فخريه لهجي سان اهو چوندا آهيون ته اسان ترقي يافته دور ۾ رهون ٿا، جيڪو هر ڏينهن جي هڪ نئين سوچ ۽ نئين راهه ڏانهن گامزن آهي، پر مان سمجهان ٿو ته اسان کان ته آفريڪا جي ملڪ اٿوپيا ۾ رهندڙ اهي بک بدحالي سان وڙهندڙ انسان سٺا آهن جن وٽ سندن وچ ۾ اڌ اگهاڙي بدن سان رهندڙ هنن نياڻين جو ته قدر آهي، انهن وٽ وڏي جهالت جي انتها آهي، پر انهن ڪڏهن بيگناهه ڪا نياڻي ڪاري ڪري اڃان قتل ناهي ڪئي. انهن ڪڏهن پتڪڙين معصوم نياڻين کي پنهنجي حوس جو نشانو ناهي بڻايو، انهن ڪڏهن ڪنهن معصوم نياڻي کي ڀُنگ لاءِ اغوا ناهي ڪيو، پر ان جي ڀيٽ ۾ اسان جي حالت ڏسو ايتري لاقانونيت، ايترو ڏاڍ ظلم توهان کي شايد ان ڳالهه جو اندازو آهي ته پيءُ ۽ ماءُ کان جڏهن اولاد وڇڙندو آهي ته ان درد جي ڪيفيت صرف اوهو ئي محسوس ڪري سگهي ٿو، جنهن جو اولاد هوندو. باقي اسان پارا ته صرف پنن تي پين هلائي هڪ درد ڪهاڻي کي جنم ڏيندا آهيون، جيڪا ماڻهن جي ذهنن ۾ ڪجهه ڏينهن ته اثر ڪندي آهي، پر وري ڪجهه ڏينهن اسان جو قلم خاموش ۽ ماڻهن جون زبانون بند ٿي وينديون آهن. بس مان سمجهان ٿو ته ان وقت اسان وٽ صرف ڏاڍ ۽ ظلم آهي اسان وٽ جو ڏاڍو سو گابو واري ڪار آهي. ڪير آهي ئي ڪونه جيڪو ان لاقانونيت جي پاڙ هميشه لاءِ پٽي ۽ سنڌ کي پنهنجي سونهن واپس موٽائي ڏئي. ڇو ته سنڌ هميشه ڪاهن، لٽجڻ ڦرجڻ جي ريت رواج ۾ قيد رهي آهي. اڄ مون کي هي ڪالم لکندي سنڌ ۽ سنڌياڻي پريا ڪماري ٻئي هڪ جهڙيون لڳي رهيون آهن، بي يارو مددگار، نه ڌڻي، نه سائين، نه اوهي نه واهي.