بلاگنئون

پريا ڪماري جي آزادي لاءِ اچو ته سگهارو آواز بڻجون!!

قيد ۽ ڪوٺڙيون سنڌ جي نياڻين جو مقدر بڻجي ويون آهن، ڪڏهن کين حوس جي بک/اڃ اجهائڻ لاءِ جابر ظالم درندن جي حوالي ڪيو ويندو آهي، ڪڏهن کين ڪاري قرار ڏيئي بيدرديءَ سان ماريو ويندو آهي ۽ سندن خاموش سرد لاشن کي ڪنهن ويران قبرستان ۾ لاوارث ڪري هميشه لاءِ بي نام ۽ هڪ گمنام قبر ۾ خاموشي جي ننڊ سمهاريو ويندو آهي. اڄ اسان وڏي فخريه لهجي سان اهو چوندا آهيون ته اسان ترقي يافته دور ۾ رهون ٿا، جيڪو هر ڏينهن جي هڪ نئين سوچ ۽ نئين راهه ڏانهن گامزن آهي، پر مان سمجهان ٿو ته اسان کان ته آفريڪا جي ملڪ اٿوپيا ۾ رهندڙ اهي بک بدحالي سان وڙهندڙ انسان سٺا آهن جن وٽ سندن وچ ۾ اڌ اگهاڙي بدن سان رهندڙ هنن نياڻين جو ته قدر آهي، انهن وٽ وڏي جهالت جي انتها آهي، پر انهن ڪڏهن بيگناهه ڪا نياڻي ڪاري ڪري اڃان قتل ناهي ڪئي. انهن ڪڏهن پتڪڙين معصوم نياڻين کي پنهنجي حوس جو نشانو ناهي بڻايو، انهن ڪڏهن ڪنهن معصوم نياڻي کي ڀُنگ لاءِ اغوا ناهي ڪيو، پر ان جي ڀيٽ ۾ اسان جي حالت ڏسو ايتري لاقانونيت، ايترو ڏاڍ ظلم توهان کي شايد ان ڳالهه جو اندازو آهي ته پيءُ ۽ ماءُ کان جڏهن اولاد وڇڙندو آهي ته ان درد جي ڪيفيت صرف اوهو ئي محسوس ڪري سگهي ٿو، جنهن جو اولاد هوندو. باقي اسان پارا ته صرف پنن تي پين هلائي هڪ درد ڪهاڻي کي جنم ڏيندا آهيون، جيڪا ماڻهن جي ذهنن ۾ ڪجهه ڏينهن ته اثر ڪندي آهي، پر وري ڪجهه ڏينهن اسان جو قلم خاموش ۽ ماڻهن جون زبانون بند ٿي وينديون آهن. بس مان سمجهان ٿو ته ان وقت اسان وٽ صرف ڏاڍ ۽ ظلم آهي اسان وٽ جو ڏاڍو سو گابو واري ڪار آهي. ڪير آهي ئي ڪونه جيڪو ان لاقانونيت جي پاڙ هميشه لاءِ پٽي ۽ سنڌ کي پنهنجي سونهن واپس موٽائي ڏئي. ڇو ته سنڌ هميشه ڪاهن، لٽجڻ ڦرجڻ جي ريت رواج ۾ قيد رهي آهي. اڄ مون کي هي ڪالم لکندي سنڌ ۽ سنڌياڻي پريا ڪماري ٻئي هڪ جهڙيون لڳي رهيون آهن، بي يارو مددگار، نه ڌڻي، نه سائين، نه اوهي نه واهي.
سنگرار ۾ پتڪڙي 7 ورھين جي پريا ڪماري جيڪا غم حسين عليه السلام ۾ پنهنجي بابا راجو مل سان گڏ گهر اڳيان اڃايل عزادارن جي لاءِ لڳايل سبيل ۾ ٿڌو، مٺو پاڻي پياري رهي هئي کيس اهو الڪو نه هو ته مان هڪ ڏينهن غم ۽ ياد ۾ تبديل ٿئي ويندس. گهر اڳيان سبيل جيڪو ھڪ سلسلو پڻ ھلي رھي رھيو ھو جتي پتڪڙي پريا به ويٺي ھئي ۽ اڃانڪ اتان پتڪڙي پريا گم ٿي وئي ھئي، جيڪا تاريخ 10 محرم الحرام خميس جي ڏينهن ٻڌائي پئي وڃي، پتڪڙي پريا ڪماري جي اغوا جو ڪيس سندس والد راجو مل سنگرار ٿاڻي تي ڪيس گناھه نمبر 13/2021 تحت انڊر سيڪشن 34/364 پي پي سي تحت داخل ڪرايو ويو ھو، پر انتظاميه پاران مسلسل ڪوڙ ۾ ڪوڙا دلاسا ڪوڙيون جي آئٽيون جوڙيون ويون، جنهن ۾ حقيقت نظر نه نٿي آئي ته ڪا انتظاميه پريا ڪماري جي آزادي لاءِ سجيندا آهي. ڇو ته اغوا کي هڪ ٻه يا چار ڏينهن ناهن ٿيا بلڪه پتڪڙي پريا ڪماري جي گمشدگيءَ کي اڍائي سال پورا ٿي چڪا آھن، پر ھتان جو قانون صرف اميرن لاءِ استعمال ٿيندو آهي. مان سمجهان ٿو ته ھن ملڪ اندر غريبن ۽ خاص طور تي سنڌين لاءِ ھڪ الڳ قانون جوڙيو ويو آھي جنهن جو نتيجو به ايترو ترت ئي اچي رھيو آھي. سنڌ مان ڪو ٻارڙو يا ٻارڙي اغوا ٿئي ٿي ته ان لاءِ قانون صرف ڪاغذي فائلن تائين وڃي محدود رھي ٿو، پر ان جڳھه تي جيڪڏھن ملڪ جي ٻين صوبن مان ڪو ٻارڙو يا ٻارڙي اغوا يا گم ٿي وڃن ٿا (زينب ڪيس) ته اسيمبلين ۾ ويٺل وزيرن، مشيرن سميت طاقتور ڌرين جون به اکيون کلي وڃن ٿيون ۽ چند ھفتن يا مهينن اندر اھو ڪيس وائنڊاپ ڪري مجرم کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي کين سزا ڏني وڃي وڃي ٿي.
خاص ڪري سنڌ اندر اقليت برادري سان گهڻي عرصي کان ڏاڍ، جبر، ظلم ۽ بربريت وارو رويو اختيار ڪيو ويو آھي جنهن ۾ ھنن جي روزگار جي دڪانن تان ڀتي سميت سندن ٻار زبردستي اغو ڪري انهن سان ڪوڙيون شاديون رچايون وڃن ٿيون اھڙي صورتحال پيدا ڪري انهن کي سنڌ ڇڏڻ تي مجبور ڪيو وڃي ٿو. جڏھن ته سنڌ جا اصل وارث ۽ مالڪ سنڌي ھندو آھن ۽ انهن تي پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي تمام گهڻو ظلم ڪيو پيو وڃي. ڪجهه ڏينهن پهرين سنڌ هندو ڪائونسل چتاءُ ڏنو آهي ته جيڪڏهن خيرپور ضلعي جي سنگرار واري علائقي مان اغوا ٿي ويل معصوم نياڻي پريا ڪماري کي جلد بازياب نه ڪرايو ويو ته سڄي سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي. سنڌ ھندو ڪائونسل جي چيئرمين ديوان سورج ڪوھستاني ھندو ڪائونسل جي صدر مھيش جيراماڻي، وائيس چيئرمين درگا ديوي، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي وائيس چيئرمين حيدر شاھاڻي، سنڌ صوفي فورم جي ڪنوينر ڊاڪٽر بدر چنا ۽ رواداري تحريڪ سنڌ جي صدر پنھل ساريو پڻ شامل آهن. ٻئي پاسي آءِ جي سنڌ ڪجهه ڏينهن اڳ اهو بيان ڏنو هو ته پريا ڪماري جي ڪيس ۾ ويجھو پھتا آھيون، پر ان بيان ۾ ڪابه چرپر نظر نه ٿي. ڇو ته ان بيان کي به ڪافي ڏينهن ٿي ويا آهن، پر اڃان تائين پوليس پريا ڪماري جي بازيابي جي لاءِ ڪابه اڳڀرائي نه ڪري سگهي آهي، اھڙي ھاءِ پروفائل ڪيس ۾ پوليس آفيسرن پاران بنا ڪنھن جاچ ۽ ثبوت جي اھڙا ريمارڪس ڏيڻ پڻ سندن نااھلي جو چٽو ۽ واضح ثبوت آھي، پريا ڪماري جا گھرڀاتي پريشان آھن ته سندن گلن جھڙي معصوم نياڻي جيئري به آھي يا رھزنن کيس قتل ڪري ڇڏيو آھي. پريا ڪماري جي اغوا کي لڳ ڀڳ اڍائي سال کان وڌيڪ وقت گذري چڪو آھي، پر ان کي اڃان تائين پوليس کيس بازياب ني ڪرايو آھي، نه صرف پريا ڪماري جا وارث، پر سڄي سنڌ سراپا احتجاج آھي. سنڌ حڪومت پاران جوڙيل جي آءِ ٽي ۾ شامل آفيسرن پاران پريس ڪانفرنس ڪندي جيڪي پريا بابت ڳالھيون ڪيون ويون آھن تن نه صرف پريا ڪماري جي گھرڀاتين کي، پر سڄي سنڌ جي شعور کي رنجايو آھي، ان ڪري مان به سمجهان ٿو ته پريا ڪماري جي بازيابي جي لاءِ پرامن احتجاج وارو رستو اختيار ضرور ڪجي، جڏهن هندو ڪائونسل جي پريس ڪانفرس ۾ پڻ اها ڳالهه چئي وئي آهي ته جيڪڏھن پريا ڪماري کي بازياب نه ڪرايو ويو ته سنڌ ھندو ڪائونسل پاران سڄي سنڌ ۾ ڀرپور احتجاجي تحريڪ ھلائي ويندي ۽ اھا احتجاجي تحريڪ معصوم پريا ڪماري جي بازياب ٿيڻ تائين جاري رھندي. سڄي سنڌ جا ماڻهو ڪراچي کان ڪشمور تائين پريا ڪماري جي بازيابي جي لاءِ ٿيندڙ احتجاج ۾ ڀرپور شرڪت ڪندا، پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ سگھارو آواز اٿاريو ويندو.