ڪجھ سالن ۾ ڪاپي ڪلچر ايترو ته وڌي ويو آهي جنهن جو ڪو ڪاٿو لڳائڻ ڀي ڏکيو ٿي ويو آهي، هاڻ ته ڪاپي ڪلچر اسان جي نوجوان نسل جي رڳن ۾ زهر ڀرجي ڊوڙي رهيو آهي، هتي ته ننڍي وڏي امتحان ۾ هڪ جوهري هٿيار طور ڪاپي کي استعمال ڪري فخر محسوس ڪيو وڃي ٿو. افسوس جو وري ڪاپي ڪري پاس ٿيڻ تي رزلٽ اچڻ تي خوشيءَ مان مٺايون ورهايون وڃن ٿيون.
اسڪول ڪاليج يونيورسٽي نوڪري جي امتحانن جي حوالي سان ڪاپي ڪلچر عام جام ٿيندي پڙهيو ٻڌو ۽ ڏٺو ويو آهي، جيڪو اسان جي معاشري لاءِ هڪ اهم تشويشناڪ ڳڻتي جوڳي عمل طور سامهون وڌي رهيو آهي. ڪاپي ڪلچر، امتحاني پيپرن جي غير مجاز نقل، ٺڳي ۽ دوکو، امتحاني عمل جي سالميت کي خراب ڪري ٿو ۽ تعليمي قابليت جي اعتبار کي ختم ڪري ٿو.
اعليٰ امتحانن تي ڪاپي ڪلچر جو اثر تعليمي سالميت جو خاتمو آهي ڪاپي ڪلچر شاگردن ۾ بي ايماني ۽ ٺڳيءَ کي فروغ ڏئي تعليمي سالميت جي اصولن کي خراب ڪري ٿو. غير مجاز مطالعي جي مواد جي وسيع دستيابي، ليڪ ٿيل امتحاني پيپرن ۽ ساٿين جي وچ ۾ ميلاپ، تعليمي قابليت جي اهميت کي گھٽائي ٿو ۽ تعليمي نظام تي اعتماد کي ختم ڪري ٿو.
اڄ ڪلھ شاگردن ڪاپي ڪرڻ لاءِ ڪيترين ئي جديد سهولتن جو استعمال ڪرڻ پڻ شروع ڪيو آهي جن ۾ سمارٽ موبائل فون اينڊرائيڊ واچز ۽ هارڊ پيپرز گائيڊز ڪتاب وغيره سان ڪاپي ڪرڻ ۾ مشغول نظر آيا آهن انهن وٽ اھي سموريون شيون پهچائڻ ۾ مددگار سندن اسڪول ڪاليج يونيورسٽيون ۽ يار دوست فيملي ميمبر سهولتڪار بڻجي سموريون شيون سوالن جا جواب پرنٽ آئوٽ ڪرائي سينٽرن جون ديوارون اورانگهي درين درن دروازن کان ٽپي اندر ويٺلن تائين پهچائڻ جو ڪم سندن مائٽ ڪندا آهن. ٻئي پاسي استادُ جيڪو مٿن مقرر ڪيل هوندو آهي ڪاپي کان روڪڻ لاءِ سو پاڻ ئي ان فعل ۾ ملوث هوندو آهي. وڌيڪ جديد طريقا جهڙوڪ: ڪاپي، اليڪٽرانڪ ڊيوائسز يا اڳ ۾ لکيل جواب، جيڪي انهن کي امتحاني جواب لکڻ ۾ مدد ڪن ٿا اهو عمل تعليمي نتيجن ۾ تفاوت کي برقرار رکي ٿو ۽ مستحق شاگردن کي انهن جي حقيقي ڪوششن ۽ صلاحيتن جي سڃاڻپ کان محروم ڪري ٿو.
اسان جي حڪومتي وقت جا ادارا، سڪيورٽي ادارا ۽ پاليسي ميڪر ادارا، حڪومتي نمائندا امتحان جي مرڪز تي ڌيان ڏيئي، ڪاپي ڪلچر کي ختم ڪرڻ لاءِ ممڪن ڪوششون وٺي نوجوان نسل کي تباھ ٿيڻ کان بچائين. ڪجھ مفادي ماڻهن ته ڪاپي ڪلچر کي هٿي وٺرائڻ ۾ ڪابه ڪثر ناهي ڇڏي. خاص طور تي ڪجھ پرائيويٽ ادارا اسڪول ڪاليج يونيورسٽيون جيڪي ٻارن کي پڙهائڻ بدران شاگردن کان سڄو سال ڳريون فيون وصول ڪندا رهن ٿا، سي انهن ڏينهن ۾ ڪجھ آفيسر امتحاني ٽيمن ۽ پيپر ليڪ ڪرائڻ کان ويندي امتحاني هال تائين جي انچارج وغيره کي رشوت ڏئي پنهنجي اسڪول جا ٻار پاس ڪرائڻ جي ڪوشش ۾ مگن ٿي ويندا آهن. صرف ان لاءِ ته ڪٿي هي ٻار فيل ٿي ويو ته اسان جي اداري جو نالو خراب ٿي ويندو ۽ پوءِ متان اسان جي اسڪول جي انرولمينٽ نه گهٽجي وڃي، سو ان ڪري تن راشين تعليم کي روزگار جو ذريعو بڻايو آهي، اهي جڙي وڃن ٿا ۽ هر ممڪن ڪوشش ڪري ڪاپي ڪرائي پنهنجي اسڪول جا ٻار پاس ڪرائين ٿا ۽ اندر ويٺل ٻار وري هڪٻئي سان ياري دوستي ۾ سوال جواب ونڊ ڪندا رهندا ۽ پوءِ جيڪو سڄو سال پڙهندڙ تياري ڪندڙ ٻار سو ويچارو ٽيپ تي چڙهي ويندو، ڪاپي ڪندڙ ٻار ۾ تنقيدي سوچ، تجزياتي صلاحيتن ۽ آزاد خيالن جي ترقي نه ٿيندي آهي. تحقيق ۽ جستجو جي صلاحيت کي فروغ ڏيڻ جي بدران، ڪاپي ڪلچر شارٽ ڪٽ ۽ علمي مفهومن جي بلڪل ابتڙ ٿئي ٿو ۽ سدائين مستقبل ۾ اهو ماڻهو بيساکي جي مدد سمجهي هميشه هر جڳھ تي شارٽ ڪٽ هڻڻ جي ڪوشش ۾ رهي ٿو. هن مان محنت جو مادو سندس همت ئي ساٿ ڇڏائي وڃي ٿي جنهن جا نتيجا اڄ مختلف ادارن ۾ موجود ڪاپي ڪلچر ۾ پاس ٿي آيل ماڻهن ۾ ڏسون ٿا. هنن ۾ آرس سستي ۽ ڪاهلي کانسواءِ ڪجھ نٿو ملي هو ڪنهن به ڪم جا نه هجن ٿا بس خانا پوري لاءِ ان پوسٽ تي ڳري رشوت يا ڪنهن ريفرنس تعلق عيوض نوڪري ڪندا آهن، پر سندن اداري ۾ اچڻ کانپوءِ سمجهو اٽي تي چٽي وارو مثال قائم ڪن ٿا ۽ اداري ۽ پوسٽ جي ذميداري کان آجا رهن ٿا.
اعليٰ امتحانن ۾ ڪاپي ڪلچر کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪمت عمليون جوڙيندڙن کان ويندي امتحان وٺندڙن تائين سمورا عملدار ڪنهن به قسم جي مثبت حڪمت عملي نٿا جوڙين ته ڪيئن ۽ ڪهڙي ريت آخر ان وبا مان جان آجي ڪرائجي ڪهڙا اپاءُ وٺڻ گهرجن جيئن جڙ کان ان ڪاپي ڪلچر کي ختم ڪجي، مانيٽرنگ ميڪانيزم کي مضبوط ڪيئن ڪجي، ڪهڙا سخت قدم کڻڻ گهرجن، تنهن سموري پاسي ڏانهن ڪنهن جو به ڪو خاطر خواهه عملي ڪم نٿو نظر اچي، نه ڪي ڪا نگراني ڪندڙ ٽيمن جا دوست ئي ڪو ڪم ٿا ڪن، هتي ته ڪيترائي ڀيرا ايئن ٿيندو آهي ته هلندڙ امتحان مان ڪيترائي ڀيرا ڪيترائي ڇوڪرا موبائل تي يا پنن تي ڪاپين کي سامهون رکي پيپر حل ڪندي پڪڙيا ويا، پر جڏهن سندن رزلٽ آيو ته هو اي ون پوزيشن ماڻي چڪا هئا. هتي امتحاني مرڪزن ۾ لاپرواهي بي ترتيب جي ڪا حد نٿي ٿئي، انسپيڪشن ۽ محتاط نگراني، شاگردن کي امتحانن دوران ڪاپي ڪرڻ کان روڪي سگھي ٿو. اسان کي جي ڪڏهن امتحانن مان ڪاپي ڪلچر کي ختم ڪرڻو آهي ته تمام وسيع ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪرڻو پوندو. جهڙوڪ: بايوميٽرڪ تصديق ۽ محفوظ آن لائين امتحان پليٽ فارم مقرر ڪرڻو پوندو. وڏي ايمانداريءَ سان تعليمي سالميت کي فروغ ڏيڻو پوندو. شاگردن کي ڪاپي ڪلچر جا نقصان ٻڌائڻا پوندا ۽ محنت مطلع جي اهميت، علمي ايمانداري جا فائدا ٻڌائڻا پوندا ۽ ڪاپي ڪلچر ۾ مشغول ٿيڻ جا برا نتيجا پڻ واضح ڪرڻا پوندا، تعليمي ادارن اندر سالميت جي بقا کي سلامت رکڻ لاءِ فروغ ڏيڻ لاءِ ضروري آهي ته نصابي ڪتاب پوري ايمانداريءَ محنت سان شاگردن کي پڙهائي پڪو ڪجي، مطالعي جا واضح مثال قائم ڪجن ته جيئن شاگرد پڙهڻ ڏانهن رجحان پيدا ڪن. شاگردن ۾ ايمانداري ۽ سالميت جا قدر پيدا ٿي سگهن.
هاڻ اسان کي روايتي رستي تي مبني علمي امتحانن جو ڍانچو تبديل ڪرڻو پوندو ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان ڪاپي ڪلچر کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهجي ٿو. جيڪڏهن ڪو عملي ڪم ڪجي ته ڪابه مشڪل ناهي جو ان مسئلي جو حل نه هجي، باقي صرف ڳالهيون جهڙيون حڪومتي ادارا ڪن ٿا يا حڪومتي نمائندا تن مان ته صاف واضح آهي ته هو هن ڪڌي عمل ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهن، ڪاپي ڪلچر اسان جي هر اداري کي نقصان ئي رسايو آهي جنهن ڪري هاڻ ته حڪومت کي ڪا اک پٽڻ گهرجي ۽ ان مسئلي جي حل لاءِ ڪو خاطر خواهه قدم کڻي ان مسئلي کي حل ڪرڻ ۽ علم جي روشنائي عام ڪري جهالت جي اونداھ مان هر نوجوان نسل جي فرد کي هر اداري کي آجو ڪن، ڀرپور حڪمتي عملي جوڙي ۽ ان تي عمل ڪرائين ته جيئن ايندڙ وقت ۾ ادارن مان راشي ڪرپٽ رشوتي نظام جو ڪو خاتمو ٿي سگهي. اسان جا والدين ۽ استاد جي چاهين ته ڪاپي ڪلچر جي پکڙجڻ کي گهٽائي سگهن ٿا. شاگردن کي مختلف پروجيڪٽن پريزنٽيشنز ۽ دنيا جي مختلف منظرنامي جي ذريعي پنهنجي ٻارن ۽ شاگردن جي سمجهه وڌائي سگهجي ٿي سندن گهڻي ڀاڱي حوصلا افزائي ڪري سگهجي ٿي. والدين کي پڻ ان مسئلي تي سيرس ٿيڻ گهرجي ۽ پنهنجن ٻارن جي سڌ سماءَ لهڻ گهرجي ۽ ٻارن جو حال احوال وٺڻ گهرجي ته هو پڙهن ٿا يا سڄو ڏينهن ڪٿي ۽ ڪهڙي ريت خرچ ڪن ٿا جي اگر والدين انهن جي پوري ڄاڻ رکن ته شايد ٻار پڻ ڪتاب ڏانهن متوجهه ٿيڻ جي ڪندا ۽ استادن کي هر هفتي سندن والدين کي سندن ٻارن جي اسٽڊي اپڊيٽ ڏيڻ ۽ گڏ ويهي ٻار جي مونجهارن پريشانين تي جن جي علمي ونڊ ورڇ واري وقت تي ضرور ڪا حڪمت عملي جوڙين ته جيئن ڪاپي ڪلچر جي بنيادي خاتمي لاءِ ڪو موثر حل ڳولهي ان مسئلي جون پاڙون پٽي سگهجن. والدين، استادن، اسڪول انتظاميه، پاليسي سازن ۽ ڪميونٽي جي ميمبرن سان تعاون ضروري آهي. تعليمي سالميت جي بقا لاءِ ضروري آهي ته هر هنرمند نسلن لاءِ علم جون لاٽون ٻاريون وڃن ته جيئن ملڪ مان نااهلي نااميدي ۽ ڪاپي جهڙي عذاب مان جان آجي ٿئي ۽ اسان تعليمي سالميت کي برقرار رکي سگهون. سڀني شاگردن لاءِ هڪ منصفاڻي ۽ برابري واري امتحاني عمل کي يقيني بڻايون.