بلاگنئون

خوبصورت لفظن جي خالق، فرح غني ميمڻ

ڪافي عورت ليکڪائون سنڌي ادب ۾ هڪ اعليٰ مقام حاصل ڪري چڪيون آھن. ڪافي مثال اسان جي سامهون آھن، انهن جي خدمت سنڌي ادب جي سفر جي تاريخ ۾ ڪنهن به طرح سان مردن کان گهٽ ناهي. انهن نامور نوجوان ليکڪائن ۾ هڪ نالو فرح غني ميمڻ جو به آھي.
فرح عقل، دانش، سيرت، بصيرت، صلاحيتن، قابليت ۽ شعور جو نانءُ آھي. فرح جو جنم قمبر ۾ 13 مئي تي ھڪ بهترين شخصيت جي مالڪ عبدالغني ميمڻ جي گهر ۾ ٿيو. والد دنيا جو واحد شخص هوندو آھي جيڪو پاڻ کان وڌيڪ اولاد کي ڪامياب ڏسڻ چاهيندو آهي…!
فرح جي والد پنهنجي اولاد کي اها دولت ڏني جيڪا هر انسان نٿو ڏيئي سگهي، يعني (علم) ۽ (سٺي تربيت).
يقينن اها والد جي تربيت ئي هئي جو نه صرف فرح، پر فرح جا ڀائر (عبدالصمد، عبدالقدير ۽ عبدالقوي) به تمام با اخلاق آھن ۽ پاڻ کان وڏن جو تمام گهڻو ادب ڪندا آھن. سٺيون ڳالهيون سکڻ لاءِ تربيت تمام ضروري هوندي آھي. تربيت يا ته توهان کي ننڍپڻ ۾ ڏني ويندي آھي يا وقت اوهان جي تربيت ڪندو آھي. هڪ سٺي تربيت ۽ پرورش اها واحد دولت آهي جيڪا هر ڪنهن جي حصي ۾ نٿي اچي.
فرح جي زندگيءَ جي بهترين شخصيت ھن جو رهبر، رهنما ۽ سندس آئيڊيل والد هو، جنهن هميشه پنهنجي اولاد کي ڪاميابي طرف وڌڻ لاءِ حوصلو ڏنو. فرح ننڍي عمر ۾ ئي پيءُ جي شفقت ۽ محبت کان محروم ٿي وئي. 2 نومبر 2017ع تي سندس والد عبدالغني ميمڻ کي دل جو دورو پيو ۽ هو پنهنجي مالڪ حقيقيءَ سان وڃي مليو. عبدالغني ميمڻ هڪ سچو، نهايت عاجز، هر وقت ٻين جي مدد ڪرڻ وارو، ننڍي ۽ وڏي سان محبت سان پيش اچڻ وارو، هميشه مسڪرائڻ وارو شخص هو. اسان کي زندگيءَ جو سفر رڳو هڪ ڀيرو ڪرڻو آھي. اسان کي انهيءَ سفر ۾ جيتري قدر به ٿي سگهي وڌ کان وڌ چڱائي ڪرڻ گهرجي. عبدالغني ميمڻ به پنهنجي زندگيءَ جي مختصر سفر ۾ اهوئي ڪيو.
عبدالغني جنهن جا ٽهڪ سدائين گهر ۾ روشني پکيڙي ڇڏيندا هئا، هاڻي ان گهر ۾ اهي ٽهڪ هميشه لاءِ خاموش ٿي چڪا آھن. پنهنجي ڪنهن پياري يا پيءُ جي وڇڙڻ جو صدمو انسان کي صفا نهوڙي ڇڏيندو آھي.
ڪاش ابو آج به بهي هوتي مير ساٿ مين
ڪون لگائي گلي بعد عيد ڪي نماز مين
مهتاب اڪبر راشديءَ ڪٿي لکيو هو ته “جي انسان ۾ غم کي اندر ۾ جذب ڪرڻ جو حوصلو نه هجي ها ته اسان وٽ رب جي رضا ۾ راضي رهڻ وارو فلسفو به نه هجي ها، ته شايد انهن المناڪين مان ڪڏهن نڪري ئي نه سگهجي ها، پر انسان انهن غمن مان نڪري زندگيءَ ۾ اڳتي وڌڻ جي راھ تلاش ٿو ڪري.”
پيءُ کان بنا گهر ائين هوندو آھي جيئن خوشبو کان بنا گل. والد جي وڇوڙي واري وقت هن جي روح مان رڙ نڪتي هئي، هن جا احساس ڄمي ويا هئا… جو ڪير وڍي ته خبر به نه پوي ان جي خبر صرف هن جي سڏڪن کي هئي. هن کي صرف خوابن ۾ ئي سڀ ڪجھ مليو. خواب جيڪي بس ڪجھ لمحن ۾ ئي جيئندا آھن.
اردوءَ جي مشهور شاعرن ۾ راشد ڪنهن نظم ۾ چيو هو ته:
“منهنجا آهن خواب!
هن دور کان هُن دور جي سڪل درياهن کان،
پکڙيل صحرائن کان ۽ شهر جي ويرانن کان،
ڏکويل ۽ اداس
منهنجا آهن ڪي خواب.”
هوءَ خوابن جي پاڇي ۾ رهڻ جي بدران هاڻي يادن جي اُس ۾ رهڻ جي عادي ٿي وئي آھي.
گلاس ڪِري ڀَڄي پوي ته ان جا ٽڪرا نظر ايندا آھن، پر دل ٽٽي پوي ته ڪجھ به نظر ناهي ايندو. هوءَ پنهنجي جدائي به پاڻ آھي ته انتظار به. درد به پاڻ آھي ته ان جو درمان به. هوءَ خواب به پاڻ آھي ته حقيقت به، هوءَ خاموشي به پاڻ آھي ته آواز به. هن جي اندر ڪير ٿو ڳالهائي، مون کي لڳي ٿو سوال ڪندڙ ۽ جواب ڏيندڙ هڪ ئي آھي. ڪڏهن ڪڏهن زندگي ٿورو ڏئي ايترو گهڻو وصول ڪندي آھي جو انسان هڪ ئي احساس ۾ مبتلا رهندو آھي.
آئون يقين سان چوان ٿو هن جي زندگيءَ جي پهرين اداسي هن جي والد جو وڇوڙو ھو. ان ڏينهن کان هن جي راند روند جي موسم ختم ٿي چڪي هئي ۽ اداسين جي موسم شروع ٿي وئي هئي ۽ هوءَ آسمان جي تارن وانگر وکري وئي. هن وٽ پنهنجي پيءُ جون يادون محفوظ پيون آھن جنهن کي هن پراڻو ٿيڻ نه ڏنو. ان کانپوءِ ائين لڳندو آھي هوءَ جتي هوندي آھي اُتي ناهي هوندي، جتي ناهي هوندي اُتي هوندي آھي. والد ۽ ڌيءَ جو رشتو اڻ ٽُٽ آهي، جنھن جي محبت جو مثال ملڻ مشڪل آهي.
امر جليل لکيو آھي ته: ”ڪي ڪي ماڻهو، ماڻڪ جهڙا، موتيءَ جهڙا، گذاري وڃڻ جي باوجود اسان لاءِ گذاري نه ويندا آھن. هو سدائين اسان جي اوسي پاسي اسان جي ويجهو هوندا آھن.”
فرح جو پهريون ڪتاب انگريزي نظمن جوThe Pretty Realities هو، جنهن کي ايوارڊ سان نوازيو ويو. ٻيو تازو سنڌيءَ ۾ آيل ناول “ڪيم روح رهاڻ” ڏئي پڙھندڙن کي ڇرڪائي ڇڏيو. هي ناول ڪنول پبليڪيشن وارن شايع ڪيو آھي. ان ڳالهه کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ته هن کي ننڍي عمر ۾ ۽ تمام ٿوري عرصي ۾ مڃتا ملي چڪي آهي، يقينن منهنجي ڳالهه سان گهڻا گهڻ گهرا سهمت نه هوندا۔
پهرين ڪتاب جي ڪاميابيءَ کانپوءِ هن ۾ تڪبر ته پري، پر عاجزي اڃان وڌي وئي، نه ته اڪثر اديبن کي مون ڏٺو آھي ته هو پهرين ڪتاب جون ڪاپيون ورهائيندي دوستن کي چوندا آھن ڪتاب پڙھي ان تي آرٽيڪل ضرور لکجانءِ پوءِ سيٽ به مان ڪري ڏيندس، پر فرح ڪنهن کي به نه مفت ۾ پنهنجي ڪتاب جي ڪا ڪاپي ڏني ۽ نه ئي ڪنهن کي ايلاز منٿون ڪري پنهنجي ڪتابن تي زبردستي تبصرا لکڻ لاءِ چيو. هن وٽ عجز ۽ سادگي تمام گهڻي آھي. مولا عليءَ جو قول آھي ته “عاجزي ۽ انڪساري انسان کي گهڻو مٿانهون کڻي وڃي ٿي ۽ تڪبر انسان کي ننڍو ڪري ڇڏي ٿو.” هن جي قسمت ۾ شهرت جي ديوي گهر ڪري ويهي رهي آھي. جيتوڻيڪ سندس شهرت تي ڪيترن ئي اديبن ساڙ به ڪيا، پر ڪنهن جي ڀاڳ سان ڪهڙي ريس. فرح جي ناول تي چند عقل جي اڪابرن جن جي پنهنجي ناول ۽ ڪتابن ۾ غلطيون هيون انهن مان ڪي ته اهڙا به آھن جن کي سنڌي به ٺيڪ طرح سان لکڻ نه ايندي آھي انهن صرف ساڙ کان ھن جي ناول تي تنقيد ڪئي. هن اهڙن بيمار ذھن اديبن کي جواب ڏيڻ مناسب نه سمجهيو ۽ خاموشيءَ سان پنهنجو ڪم ڪندي رهي.
پائول برانٽن جو چوڻ آھي ته: “خاموشيءَ جو آواز واعظ جي آواز کان وڌيڪ سگهارو ٿئي ٿو.” خوشامد کيس اچي ڪانه، مهذبپڻو سندس آدرش آهي، اجائي رک رکاءَ کان هوءَ پري رهڻ واري آهي، هوءَ جيئن سوچيندي آهي، ائين ئي نهايت معصوميت سان اظهاريندي آهي. هن وٽ لفظن جو هڪ وڏو خزانو موجود آھي ڄڻ ڪو مظھرالاسلام جي ڪا ڪهاڻي پڙهندو هجي. هن جي لکڻين ۾ اهو ڪمال آھي جو پڙھندڙن جي احساسن کي به زخمي ڪري ٿي ڇڏي. “کوڙ ماڻهو محبتن جي ڀت تي کڙڪو ڏئي سالن تائين نيڻن ۾ اوسيئڙي ۽ انتظار جون راتيون ڪٽيندا آھن، پر انهن جي سپنن جي ڌنڌلي شهر ۾ ڪو ساڀيان جو سج اڀري نه سگهندو آھي. اُهي جذبن جي رت مان قلم ٻوڙي ڪاغذ جي ڪئنواس تي پنهنجن خوابن ۽ خيالن جون خوبصورتيون پينٽ ڪندا آھن، پر انهن جا سپنا ساڀيائون ماڻي نه سگهندا آھن.”
(ناول، ڪيم روح رهاڻ): هن وٽ ستل لفظن کي جاڳائڻ جو هنر آھي. فرح لفظن کي رانديڪن جيان کيڏڻ ڄاڻي، احساسن کي ماکيءَ لار جيان اوتڻ ڄاڻي. هن جا ڪيترائي لفظ ڏکن جو ڏيکاءُ ڏين ٿا. هُن جي لکڻين ۾ اوهان کي ٽوڙي وري نئين سر تخليق ڪرڻ جي اهليت آھي. هُن جا لفظ زندگيءَ جي انتهائي بنيادي شين ڏک، خوشي، وصل ۽ فراق کي ڇهي گذرندي محسوس ٿيندا آھن. فرح پنهنجي ناول “ڪيم روح رهاڻ” جا تقريبن 40 ٽائيٽل چونڊيا هئا، ناول جو پهريون نالو “جدائيءَ جو آٽوگراف” رکيو هئائين جيڪو بعد ۾ هن چينج ڪري ڇڏيو ۽ ٻه ڀيرا ناول جو ڪلائيميڪس بدلايو هو. ڇاڪاڻ ته هوءَ ان مان مطمئن نه ٿي هئي. فرح اردوءَ ۾ به شاعري ڪئي آھي ۽ هن جي ڪافي اردو شاعري جيڪا عام ماڻهن کان اوجهل رهندي اڃان تائين منظر عام تي نه آئي آھي. فرح جا انگريزي نظم ڪمال جا لکيل آھن. هن جي نظمن ۾ زندگيءَ جا سڀئي عڪس موجود آھن پڙھندڙ ان جي سحر ۾ جڪڙجي وڃي ٿو. هن فطرت جي خوبصورتين کي لفظن جا سجدا ارپيا آھن.
غالب چواڻي… شاعري غيب کان لهندي آهي ۽ جڏهن مان ڪِلڪَ کي مس ۾ ٻوڙي پني تي لکڻ لڳندو آهيان ته پني جي سطح تي ڪِلڪَ جي چُرڻ سان جيڪو کرڙ، کرڙ، جو آواز اچي ٿو اهو ائين محسوس ٿئي ٿو ڄڻ جبرائيل شعر کڻي منهنجي مٿان نازل ٿئي ٿو… ته… شعر لکڻ ۽ نظم رچڻ به ائين ئي هوندو آهي. فرح جون لکڻيون دل تي اهڙو اثر ٿيون وجهن جن جو تاثر ڪافي وقت قائم رهي ٿو. سندس ذھن ۽ قلم ٻئي پختا آھن. هن لکڻ کي ڪائنات جو آٽوگراف بڻائي ڇڏيو آھي.Writing Is Making Sense Of Life، سندس مڪالما دل جي ڊائريءَ ۾ لکي سانڍي رکڻ جهڙا آھن. “جڏهن هن پوري ڪائنات جي تخليق ئي رب پنهنجي محبت سان ڪئي هجي ته پوءِ اسان جي محبت جي حقدار به اها ئي ذات هئڻ گهرجي.” (ناول، ڪيم روحَ رِهاڻ) هوءَ تمام حساس طبيعت رکندڙ ڇوڪري آھي. حساس ماڻهوءَ جو اندر به اجرو ۽ پاڪ هوندو آھي. اهي ڪنهن جي لاءِ به دل ۾ اونو ناهن رکندا. انهن جي سوچ لوچ ۽ دل ۾ رکيل محبت جي آرسي ۾ پيار پريت جا اولڙا جرڪندا آھن ۽ ڪنهن به لوڀ لالچ ذات پات کان مٿانهون سوچيندا آھن. هن فطرت جي خوبصورتين کي لفظن جا سجدا ارپيا آهن. هوءَ جيڪا دنيا جي نظرن ۾ چپن تي پراسرار مرڪون سجائي ته هلي ٿي، پر سندس اکيون اڪيلائيءَّ ۾ ڪيئي آب وهائين ٿيون. هن جو اخلاق ۽ ڪردار لفظن جو محتاج ناهي. هوءَ دوستن جي دوست ۽ آئيني جيان صاف ۽ جرڪندڙ دل رکندڙ شخصيت جي مالڪه آھي.
رب کان دعا ڪندس ته شال سدائين سکي هجي. زندگيءَ جو هر ڏينهن هن جي لاءِ تمام گهڻي خوشين جي نويد کڻي اچي. ھن جي ذهن ۽ قلم جي رنگ کي الله پاڪ وڌيڪ گهرائيون عطا فرمائي. اڃان وڌيڪ ڪاميابيون حاصل ڪري ۽ سنڌ امڙ جيڏي ڄمار ماڻي ۽ اها به دعا ضرور ڪندس ته فرح جو نئون ڪتاب اسان سڀني پڙھندڙن جي هٿن تائين تمام جلد پھچي ۽ ان پورهئي تي اسين کيس مبارڪباد ڏيون ۽ اهڙا موقعا بار بار اچن.