بلاگنئون

جاگيرداراڻي ناسور جي تاريخ

اڄ پاڻ تاريخ جي اهڙي حوالي جو ذڪر ڪرڻ چاهيون ٿا، جنهن جو مقصد اصل ۾ اهو آھي ته اسان وچ اوڀر ۽ يورپ جي تاريخ جي هڪ اهڙي دور کي سمجهي سگهون، جنهن ۾ خاص ڪري يورپ اندر سياسي، سماجي ۽ ثقافتي حوالي کان ڪيتريون ئي تبديليون ٿي رهيون هيون يعني ٻين لفظن ۾ هڪ قسم جو انقلاب برپا ٿي رهيو هو.
يعني پنجين صدي اصل ۾ معيشت جي غلامي کان جاگيرداري پيداواري نظام ڏانهن تبديلي جو دور آھي، جيڪو يورپ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ اهم موڙ ثابت ٿئي ٿو. يورپ هن وقت هڪ خاص معاشي نظام کان نڪري قطعي ٻئي يعني هڪ مختلف معاشي ۽ سياسي نظام جي اندر داخل ٿي رهيو هو، جيڪو پهريون نظام هو. اسان ڄاڻون ٿا ته اهو مڪمل طور تي غلامي تي ٻڌل هو. روم جي اندر وڏي انگ ۾ غلام ئي هوندا هئا، پر اهو نئون نظام جيڪو اڀري رهيو هو، سو نهايت ئي اهم موڙ ثابت ٿيو هو. يعني ته يورپ جي سماجي ۽ معاشي نظام ۾ پنجين صدي عيسوي ۾ روم جو زوال ۽ عيسائيت جو عروج هڪ سياسي، سماجي ۽ خيالي، ثقافتي، معاشي بنياد تي تبديل ٿيڻ لڳا، ان سموري تبديلي جي دور کي اسان جاگيرداراڻو نظام يا فيوڊلز (Feudalism) سڏيون ٿا، جيڪو پنجين صديءَ کان اڀري ڪري سورهين صديءَ تائين جاري رهي ٿو.
جاگيرداراڻي نظام جا معاشي ڪارڻ:
بنيادي طور تي جيڪا غلام معيشت هئي جيڪا غلامي تي ٻڌل هئي، هاڻي روم جي پوئين ڏھاڙن ۾ اهو غلامي وارو نظام وڌيڪ نٿي هلي سگهيو هو ۽ ان جي بنياد تي رياست قائم ٿي چڪي هئي ته ان رياست کي وڌيڪ وڏو نه ڪري سگهبو هو ۽ ان قدر ظالماڻي بڻجي چڪي هئي جو ان جي نتيجي ۾ ان جي خلاف بغاوتون جاري هيون. ايستائين ته روم جي اندر اهڙا ڪيترائي ماڻھو هئا، جن چاهيو ٿي ته روم جي فتح نه ٿئي ۽ ان کي دشمن جي هٿان شڪست نصيب ٿئي. سمورن رومي جنرلن اهو فيصلو ڪيو ته اهي روم جو ساٿ نه ڏيندا بلڪه اهي ان جي خلاف بغاوت ڪري رهيا هئا ۽ دشمن جو ساٿ ڏيئي رهيا هئا. روم جي غلاماڻي معشيت جي ٽٽڻ جا اڪيچار سبب هئا، جن منجهان هڪ ٽيڪس جي وڌندڙ شرح ھئي. روم جي پوئين دور ۾ ٽيڪس جي شرح ايتري گهڻي ٿي وئي هئي جو هارين جي لاءِ زمين تي پوکي راهي ڪرڻ مشڪل ٿي چڪي هئي. ان کانسواءِ روم جي مختلف علائقن ۾ بغاوتون جاري هيون، جنهن سبب امن و امان جو فقدان هو، انهن حالتن ۾ هارين کي پنهنجي حفاظت جي لاءِ ڪنهن مضبوط قوت جي ضرورت هئي. رومين اڳ ۾ ڪالونيون قائم ڪيون هيون، جن جي اندر هارين کي زمين تي پوکي راهي ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويندو هو. جڏھن ٻين قبيلن روم تي قبضو ڪيو ته اهي انهن ڪالونين جا مالڪ بڻجي ويا، ان جي بدلي ۾ مالڪ سندن حفاظت ڪندا هئا. اهڙي ريت زمين جي ملڪيت جي بدلي ۾ حفاظت ميسر ڪرڻ جي اصول تي ٻڌل جاگيرداراڻو نظام قائم ٿيو ۽ انهيءَ نظام ۾ جاگيردار زمين جا مالڪ ٿيا هئا ۽ ھاري انهن جي زمينن تي پوکي راهي ڪندا هئا، هارين کي پنهنجو هڪ حصو جاگيردار کي ڏيڻو پوندو هو. جاگيرداراڻو نظام اصل ۾ انهيءَ رومي غلاميءَ واري معيشت جي ٽوڙ ڦوڙ جي نتيجي ۾ جنم ورتو. ان نظام ۾ زمين جي ملڪيت ۽ حفاظت ميسر ڪرڻ واري اصول تي مشتمل هڪ نئين معيشت قائم ٿي. فيوڊلزم جو لفظ جيڪو اصل ۾ لاطيني لفظ “معاوضو” کان نڪتل آھي، جنهن کي “فيوڊ” يا “فيف” به سڏيو ويندو آھي.
جاگيرداراڻي نظام جا نظرياتي ۽ ثقافتي سبب:
يورپي جاگيرداري جو نظام هڪ اهڙو ڏکيو سماجي ڍانچو هو جيڪو يورپي ۽ سامي ثقافتن جي عقيدن ۽ روايتن سبب جڙيو هو. انهن ٻنهي ثقافتن جو يورپي جاگيرداري جي معاشرت، سياست ۽ قانون جي جوڙجڪ ۾ هڪ اهم ڪردار هو ۽ ان نئين (Synthesis) کي اصل ۾ رومي ڪيٿولڪ سڏيو وڃي ٿو، جنهن ۾ يورپي ثقافت سان خانداني نظام زمين جي ملڪيت ۽ وفاداري جا تصور شامل هئا. جڏھن ته سامي ثقافت سان خاص طور تي مذھبي نظريا شامل هئا.
جيئن جيئن چرچ هڪ مضبوط اداري جي شڪل اختيار ڪري رهيو هو، تيئن تيئن وقت سان گڏوگڏ ان ۾ تبديليون اينديون رهيون ۽ اهو هڪ اهڙي بين الاقوامي مرڪز ۾ پوئجي ويو، جيڪو يورپي جاگيرداراڻي نظام کي سگهه ڏيندو هو. چرچ ۽ جاگيرداري نظام جو بنياد هڪ ڪرنگهي جي هڏي واري حيثيت رکندو هو. شروع ۾ چرچ جا ماڻھو نهايت غريب هوندا هئا، هڪ علائقي کان ٻئي علائقي ۾ وڃڻ ۽ عيسيٰ مسيح عليه السلام جو پيغام پهچائيندا هئا، بعد ۾ جيئن ٻين علائقن جا ماڻھو مسيحيت کي قبول ڪرڻ لڳا ته ان سان گڏوگڏ خاص مسيحي ڪميونٽي قائم ٿيڻ شروع ٿي ته ان جي سارسنڀال ۽ حفاظت جي لاءِ ان پنهنجو هڪ خاص نمائندو مقرر ڪيو، جنهن کي بشپ جو نانءُ ڏنو ويو. بشپ جيڪي نهايت ئي طاقتور ماڻھو ٿيندا ويا ۽ جيئن جيئن چرچ طاقتور ٿيندو ويو تيئن تيئن بشپ به طاقتور ٿي ويا ۽ روم جو جيڪو بشپ هو اهو اصل ۾ پوپ هو. اهو چئي سگهجي ٿو ته ڪجهه علائقن ۾ خاص طور تي ٻھراڙي وارن علائقن ۾ چرچ کانسواءِ چرچ کان ٻاهر اوهان کي ڪي پڙھيل لکيل ماڻهو ئي ملندا هئا، مقصد ته چرچ ان سموري يورپي فيوڊل سسٽم جو هڪ اٽل حصو بڻجي ويو. ايئن کڻي چئجي ته چرچ هڪ وڏو جاگيردار بڻجي ويو هو. يورپ ۾ قرون وسطيٰ جي پوئين دور تائين چرچ جي ملڪيت يورپ جي اٽڪل هڪ حصو زمين تي ٻڌل هئي ۽ باقي جيڪي ٻه حصا هئا اها مختلف قبيلن جي ملڪيت هئي. ان کانپوءِ چرچ اندر به هڪ تبديلي اچڻ شروع ٿي، جيڪا تبديلي ته چرچ جي اندر رشوت جو رواج پيدا ٿيو ۽ ان جي سوچ جاگيرداري نظام سان ڳنڍجي وئي.
نتيجو:
هن بحث ۾ اسان جي اصل دلچسپي فلسفياڻي سوچ جي حوالي کان آھي، پر ان سوچ کي اسان ان وقت تائين نٿا سمجهي سگهون، جيستائين اسان ڪنهن نه ڪنهن حد تائين انهن تاريخي مادي ۽ گهربل حالتن کي نٿا سمجهي سگهون. جنهن جي نتيجي ۾ مختلف فلسفياڻين نظرين ۽ فڪرن جي جوڙجڪ ٿي. ان ڪري يورپ ۾ پنجين صدي کان سورهين صديءَ تائين جاگيرداراڻو نظام قائم رهيو، جيڪو نظام مختلف ثقافتن جي ميلاپ سان جڙيو. سامي ثقافت، يورپي ثقافت ۽ جرمن ثقافت. سامي ثقافت يعني اها سوچ، فڪر ۽ مذھب جيڪو يهودين کان ٿيندو عيسائيت جي شڪل ۾ نڪري ڪري يورپ، اولهه يورپ ۽ رومي وغيره سموري رومي دنيا ۾ پکڙجي وئي. جيئن اسان ذڪر ڪيو ته سامي ثقافت قديم يهوديت ۽ عيسائيت کان متاثر هئي ته ان لحاظ کان چرچ جاگيرداراڻي نظام کي مذھبي سبب ميسر ڪيو. چرچ جي مطابق جاگيردار زمين جا مالڪ هئا، ڇو ته انهن کي اها ملڪيت خدا ڏني آھي، هارين کي جاگيردار جي فرمانبرداري ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته اها خدا جي مرضي آھي. ٻي يورپي ثقافت جيڪا قديم يونان ۽ يورپي ثقافت سان جڙيل هئي ۽ ٽين جرمن ثقافت ۽ روايتون جيڪا قديم جرمن قبيلن جي ثقافت هئي. قديم جرمن قبيلن ۾ قيادت ۽ اڳواڻن جو هڪ طاقتور طبقو هوندو هو، جيڪو طبقو قبيلن جي حفاظت ۽ قيادت ڪندو هو. انهن ٽنهي ثقافتن ۽ روايتن کان ئي بنيادي طور تي هر قرون وسطيٰ جي جاگيرداراڻي ثقافت جڙي سگهي. روم ۽ يورپ ۾ ته جاگيرداري جو ته ڪارو منهن ٿيو ۽ اها سدائين جي لاءِ مات کائي وئي، پر سنڌ جي اندر برصغير ۽ بعد ۾ پاڪستان بنجڻ کان وٺي اڄ تائين سنڌ جي اندر اها ختم ته نه ٿي سگهي، پر ناسور جي شڪل اختيار ڪندي ڏينهون ڏينهن مضبوط ٿيندي پئي وڃي، جنهن جي ڪري نه صرف ھتان جو عوام ذلت ۽ رسوائي جي زندگي گهارڻ تي مجبور آھي، بلڪه پاڻ سنڌ به ماضي جي کنڊرن جو هڪ اڻ کٽ سلسلو بڻجي رهي آھي.
***