گيلپ سروي موجب هاڻي 43 سيڪڙو مهانگائي آهي، پر رڳو ٿلهي ليکي ائين ئي حساب هڻجي ته اها مهانگائي سئو سيڪڙو لڳندي جو هر شيءِ تي سون جي مٿان سئو هڻي ٿا کپائين يا دڪاندار ان انتظار ۾ هوندا آهن ته رڳو پيٽرول وڌي ته اهي به قيمتون وڌائين (پر هاڻي ته پيٽرول گهٽيو آهي ته ان جو فائدو عام ماڻهن تائين ڇو ناهي)، پر هاڻي هي سرڪار به پيٽرول، ڊيزل ۽ گئس جي گهرو پيداوار کي به ڊالر جي اگهن تي پنهنجي عوام ۾ کپائي ناڻو ٿي ڪمائي ۽ ساڳي طريقي هن سرڪار کي هاڻي اها به اٽڪل هٿ آئي آهي ته هاڻي گيس جيڪا روس ۽ ايران کان امپورٽ ڪجي ٿي ان کي به امپورٽيڊ اگهن يا ڊالر جي اگهن تي کپائجي، پر ايڪسپورٽ ڪرڻ جي ڪري ڊالر آسمان سان ڳالهيون ٿو ڪري ۽ شين جي اگهن وڌائڻ ۾ حڪومت کي ڏاڍي آساني ٿي پئي آهي، جيڪا بجيٽ ڪروڙن جي هوندي هئي اها هاڻي کربن جي ٿي پئي آهي ۽ رپئي جو ملھ ٽڪي جو به ناهي رهيو. ڪڏهن ڪڏهن ائين لڳندو آهي جو رياست جو هن ملڪ جي مارڪيٽ ۾ اڪيلو دڪان آهي ۽ ان دڪان تان ئي هر يوٽيلٽي ملي ته ٿي، پر رياست جي هڪ هٽي لڳي پئي آهي ڪير پڇا ڪرڻ وارو ڪونهين ته غريب عوام سان ائين ڇو ٿا ڪريو؟ جي عوام کي ڪجھ نٿا ڏيو ته پوءِ ٽيڪس ڇا جو؟ پوءِ اها گئس هجي يا بجلي هجي يا پيٽرول يا ڊيزل هجي يا ٻي ڪا يوٽيلٽي، پر هي رياست ماڻهن مان ئي ڪمائيندي رهندي، پوءِ بنيادي سهولتون به نه ڏيندي، ان ڪري ته اها هن حڪومت (اڳوڻين سڀني حڪومتن وانگي) هنن جي به مرضي آهي يا راضپو ۽ رضامندي آهي ته اهي رياست جا اثاثا ڪيئن استعمال ڪن يا ڪيئن وڪرو ڪري پنهنجن ئي ماڻهن مان ناڻو ڪمائين ته جيئن اشرافيا ۽ ملڪ جو امير طبقو ڀلي عياشيون ڪري يا جيئن وڻين تيئن ڪن.