نئونناول هائپرسومنيا (ناول: باب چوڏهون) July 8, 2024 Zahida Abro ھڪ ڀيرو ٻيھر ساڳي حالت ۾ اچڻ کانپوءِ عبدالرحيم اڪثر سوچيندو ھو ته، اھا ھڪ پکي ۽ ٽن ٻلين واري پينٽنگ سندس ذھن تي ايڏي سوار ڇو آھي، جڏھن ماريه اھا پينٽنگ خريد ڪري آئي ھئي ته، ھن لائونج ۾ لڳائي ڇڏي ھئي، ھو جڏھن به پنھنجي بيڊروم مان نڪرندو ھو ته، سندس نظر بي ساخته ان ڏانھن کڄي ويندي ھئي… ۽ پوءِ ڪو احساس کيس گهائي ويندو ھو. ھن اھڙي ڀيانڪ گهاءَ کان بچڻ لاءِ ھڪ ڏينھن اھا لھرائي، اسٽور ۾ رکرائي ڇڏي ھئي. ھو چاھيندو ھو ته، جيڪي شيون کيس نٿيون وڻن، سي کيس نظر به نه اچن… پر ساڻس الميو اھو به ھو ته، ھو پنھنجن اڻ وڻندڙ خوابن کي روڪڻ لاءِ ڪجهه به ڪري نه پئي سگهيو، ھو بيوس ھو، کيس اھا بي وسي موت جو رستو ڀاسي رھي ھئي. ان ڏينھن منجهند جو وقت ھو، ماريه جي واپس اچڻ ۾ دير ھئي، کيس يونين جي ميٽنگ ۾ شريڪ ٿيڻو ھو. عبدالرحيم لائونج ۾ ويٺي اخبار پڙھي رھيو ھو، ھو بي چين ھو، سندس من ۾ آنڌ مانڌ ھئي. ھن اخبار رکي ڇڏي ۽ سامھون سنبل جي وڻ ڏانھن ڏسي رھيو ھو، جيڪو گهر جي مک دروازي جي کاٻي پاسي ھو. ھن انھيءَ ڳالھه تي غور ڪيو ته: ڪاٺ ڪٺڙو وڻ ۾ پور ڪري، پنھنجي رھڻ جي جاءِ تيار ڪندي ڪندي ڪيڏانھن گم ٿي ويو آھي؟ مري ويو آھي يا ڪنھن سندس شڪار ڪيو آھي؟ ھو ھڪ پکيءَ جي حياتيءَ متعلق سوچي رھيو ھو. ھن سوچيو: پکين مان ڪنھن به انسان کي ڪا تڪليف ته ناھي، پوءِ پکين کي ڇو ٿو ماريو وڃي؟ ھو انھن جيتن ۽ جانورن کي ماري ڇڏڻ جي حمايت ۾ ھو، جيڪي انسانن کي نقصان پھچائيندا رھيا آھن.. پر جلد ئي ھن پنھنجي پاڻ کان سوال پڇيو ته، مون کي ڪھڙو اختيار آھي ته، مان اھڙي راءِ قائم ڪيان، جنھن سان ڪنھن به ھڪ قسم جي جيت يا جانور جو نسل ئي ختم ڪيو وڃي!؟ يا اھي جيت جيڪي فصلن کي نقصان ناھن ڏيندا، پر نقصان ڏيندڙ جيتن سان گڏ زھريلي اسپري ذريعي ماريا ويندا آھن؟ انھن جي نسل جو ڇا ٿيندو؟ پوءِ ھن ياد ڪيو ته، ڪيترن ئي جانورن جو نسل ناياب ٿي رھيو آھي، اڳي جيڪي سندن ڳوٺ جي آسپاس جهر جهنگ ۾ ھوندا ھئا، ھاڻي ناھن! ھو پنھنجي ماضيءَ مان سوئر سان وابسته ڪا ياد سنڀاري رھيو ھو ته، اوچتو سامھون سنبل جي وڻ تي ھڪ طوطو اچي ويٺو ھو، جيڪو ٻئي پل وڻ جي ديوار واري پاسي ڪاٺ ڪٺڙي جي ٺاھيل پور ۾ ھليو ويو ھو. ھن ھڪ جذبي سان چاھيو ھو، اٿي وڃي ڏسي ته، ڪاٺ ڪٺڙي واري انھيءَ پور ۾ طوطي جا ٻچا به آھن يا نه؟ پر ھو ائين ڪري نه سگهيو ھو، انھيءَ ساعت ۾ ھن ڏٺو ته، ھڪ ڪاري ٻلي سنبل جي وڻ جي پاڙ وٽ پنھنجن چنبن سان مٽي کوٽي رھي آھي، انھيءَ لڪاءَ کي ڏسندي کيس ننڊ جو جهوٽو اچي ويو ھو… ۽ ھو ارڙنھن منٽ ستل رھيو ھو. انھن ارڙنھنِ منٽن جي ننڊ ۾ ھن خواب ڏٺو ھو ته: ھڪ شام جو ھو ۽ ماريه پنھنجي باغيچي ۾ چانھه پي رھيا آھن، ھو پکين کي داڻو ڏئي چڪو آھي ته، منيزه سندن گهر ۾ داخل ٿي آھي. سندس ڪڇ ۾ ھڪ ٻلي آھي، جنھن جو رنگ اڇو آھي، ھوءَ ننڍي قد ۽ بج واري آھي. منيزه جي ساڻن ڳالھائڻ سان ئي انھيءَ ٻلي جو رنگ مٽجي ويو آھي، ۽ اھا بلڪل ان جھڙي لڳي رھي آھي، جيڪا ڪجهه ھفتا پھرين خواب ۾ سندس گهر جي دروازي مان ڀڄي وئي ھئي. “مون کي ھن ٻليءَ جي ئي تلاش ھئي.” عبدالرحيمَ ٻليءَ ڏانھن اشارو ڪندي منيزه کي چيو. منيزه ڪرسيءَ تي ويٺي، ۽ ٻليءَ کي پنھنجي ھنج ۾ ويھاريائين، ”ھن جي ئي ڇو، ھن ۾ ڪا خاص ڳالھه آھي ڇا!؟” منيزه کائنس سوال ڪيو. ان پل ٻيھر ھن غور ڪيو ته، منيزه جي ھنج ۾ موجود ٻلي سندس خواب واري ٻلي بلڪل به ناھي، ھيءَ ڪاري رنگ جي ٻلي آھي، جنھن جو منھن سندس جسم جي ڀيٽ ۾ ڪجهه وڌيڪ سنھو آھي، ان پل اچانڪ ٻليءَ مٿي ڇت ڏانھن پکين کي اڏامندي ڏٺو ته، منيزه جي ڪڇ مان ٽپ ڏئي، ڀڄي وئي آھي، ۽ سنبل جي وڻ کان ٿيندي، گهر ۾ اندر داخل ٿي وئي آھي. ٻليءَ جي گهر ۾ داخل ٿيڻ سان کيس پريشاني ٿي پئي آھي، ھن پنھنجي چانھه اڌ ۾ ڇڏي ۽ اندر گهر ڏانھن تڪڙو تڪڙو وڃڻ لڳو آھي، سندس وکن ۾ پکين جي زندگي آھي، جنھن پل ھو باغيچي مان نڪتو ته، سندس اک کلي وئي ھئي. سندس دل زور سان ڌڙڪي رھي ھئي، اھو پھريون ڀيرو نه ھو جو ڪنھن خواب کانپوءِ سندس دل جي ڌڙڪڻ بي ترتيب ٿي وئي ھجي، جيئن سندس دل جي ڌڙڪن معمول تي آئي ته، کيس سنبل جي پاڙ کوٽيندڙ ڪاري ٻلي ياد آئي، ھو خوابَ جي تڪڙي اثر ڪارڻ ھڪدم اٿيو ۽ وڻ ڏانھن وڃڻ لڳو ھو. *** Post Views: 286