نئون

آن لائين ٽيڪسي سروس ڪريم جو ڊيٽا چوري

آن لائين سفري سهولتون مهيا ڪندڙ ٽيڪسي ڪمپني ڪريم جي صارفين جو ڊيٽا چوري ٿي ويو. خبرن موجب  هيڪرن پاران ڪريم جي تمام صارفين جو ڊيٽا چوري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ اي ميل ايڊريسون، فون نمبر ۽ ٻي معلومات شامل آهي. جنهن جي باري ۾ ڪريم ڪمپني جو چوڻ آهي ته ڊيٽا صرف گذريل سال ۾ سروس استعمال ڪندڙ صارفين جو چورايو ويو آهي. جڏهن ته هن سال جي صارفين جو ڊيٽا محفوظ آهي. ان حوالي سان ڪمپني ايف آءِ اي سان رابطو ڪيو آهي ۽ ڊيٽا رڪوري لاءِ ڪوششون تيز ڪيون ويون آهن. ياد رهي ته آن لائين ٽيڪسي سروس جي ڪمپني ايپليڪيشن ذريعي پنهنجي صارفين سان رابطي ۾ رهندي آهي. هي ڊيٽا ڪمپني وٽ موجود رهندي آهي. گهٽ ڪرايو ۽ سٺين گاڏين ڪارڻ آن لائين ٽيڪسي جي هن سروس ۾ اضافو آيو آهي.