سنڌ سرڪار جو وزير داخلا جيڪو وزير قانون پڻ آهي، ان چيو آهي ته سنڌ سرڪار هڪ اهم فيصلو ڪرڻ وڃي رهي آهي، جنهن جي مطابق ڌاڙيلن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ انهن ڌاڙيلن کي في ماڻهو پنجاهه ايڪڙ سرڪاري زمين ڏني ويندي ته جيئن هو دهشتگردي ڇڏي آبادگار بڻجي وڃي. سندس اهو بيان اخبارن ۾ ڇپجي چڪو آهي.
سنڌ ڌاڙيل گردي جي عذاب ۾ ڪوڙهه وانگر وڪوڙجي وئي آهي، سنڌ جا اتر وارا ضلعه ته نوگو ايريا بڻجي چڪا آهن، پر هاڻي سنڌ جي ڏاکڻن ضلعن طرف پڻ ڪارروائيون شروع ٿي چڪيون آهن. ڌاڙيلن جا ساٿاري سنڌ جي ڏکڻ وارن ضلعن اندر ڪارروائيون ڪري رهيا آهن. انهن ضلعن مان ماڻهو اغوا ڪري ڌاڙيلن وٽ وڪرو ڪري اچن ٿا ۽ پوءِ اسان ڏسون ٿا ته اڏيري لعل جو اغوا ٿيل ديوان سيٺ غوثپور مان بازياب ٿئي ٿو. حڪومت ۾ موجود وزير جي فارم هائوس تي ڇاپو لڳي ٿو، پر وري ڪجهه ڪونه ٿو. هاڻي سنڌ حڪومت ۾ ويٺل اڪابرين اهو فيصلو ڪيو آهي ته انهن ڌاڙيلن کي زميندار بڻائينداسين، ان سان ڌاڙيل ماڻهن کي اغوا نه ڪندا ۽ شريفاڻي زندگي گذاريندا. سنڌيءَ ۾ پهاڪو آهي “عقل وڏو يا مينهن” اهڙو فيصلو پي ٽي آءِ گذريل حڪومت ۽ ان وقت جي جنرلن ٽي ٽي پي جي ڌاڙيلن کي پاڪستان اندر واپس آڻي انهن کي رهائشون ڏنيون ويون، انهن کي سهولتون ڏنيون ويون ته اهي دهشتگرد هاڻي پرامن زندگي گذاريندا، پر ٿيو ڇا دهشتگردي جي لهر اڄ به خيبر پختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ زور شور سان جاري آهي. چيو وڃي ٿو ته ڪي پي ڪي ۾ صبح جو گنڊاپور جي حڪومت آهي ته شام جو ٽي ٽي پي جي. اتي جي حڪومت مجبور ٿي انهن دهشتگردن کي ڀتو ڏيئي رهي آهي، ان جو اثر سنڌ اندر موجود ڌاڙيلن تائين پڻ پکڙيل آهي. اهي دهشتگرد انهن ڌاڙيلن جا ساٿاري بڻيل آهن، انهن کي جديد قسم جو اسلحو فراهم ڪن ٿا ۽ نه صرف اسلحو فراهم ڪن ٿا، پر هن وقت ٽي ٽي پي جا ڪيترائي ماڻهو ڪچي ۾ ڌاڙيلن جا مهمان ٿي اچن ٿا. سنڌ جي اترئين علائقن ۾ انهن دهشتگردن جي موجودگيءَ جا اطلاع پڻ ملن ٿا. چوڻ جو مقصد ته پي ٽي آءِ جو اهو فيصلو انتهائي غلط هو، ڇا پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت کي انهيءَ غلط فيصلي ۽ ان جي اثرن جي ڄاڻ نه آهي يا هو ڄاڻي واڻي ڌاڙيلن کي سهولت ڏيڻ جي لاءِ اهڙي سوچ ويچار ڪري رهي آهي، جن سان ڌاڙيل ڪلچر ختم ته نه ٿيندو، پر ان کي هٿي ضرور ملندي. ڪجهه ڌاڙيل زمين حاصل ڪرڻ جي بهاني سرڪار اڳيان نالي ماتر هٿيار ڦٽا ڪري ظاهري طور شريفاڻي زندگي گذاريندا، پر اهي نون ڌاڙيلن کي پيدا ڪري پاڻ پاٿاريدار ٿي ويهي رهندا. اها ڳالهه لڪل نه آهي ته اتر سنڌ جي سمورن ڀوتارن جا واسطا ڌاڙيلن سان آهن، ڌاڙيل سندن چوڻ تي ماڻهو کڻندا آهن ۽ ڀوتارن جي وچ ۾ آڻي پئسا وٺي ماڻهو ڇڏيندا آهن. سنڌ حڪومت چاهي ٿي ته انهن ڀوتارن ۾ اضافو ڪيو وڃي. ٿيڻ ته ائين کپي ته سرڪار پنهنجي طاقت جو استعمال ڪري ڌاڙيلن کي پڪڙي قانوني سزائون ڏياري. باقي انهن جي خاندانن ۽ معصوم ٻارن جي ساهتا ضرور ڪري سگهجي ٿي، تعليم جو بندوبست ڪري ته جيئن هو مستقبل ۾ سماج جا شريف شهري بڻجي سگهن. انهن علائقن ۾ لکين شريف ماڻهو رهن ٿا، چند ڌاڙيل انهن جي زندگيءَ کي عذاب بڻايو ويٺا آهن. قانون نه هجڻ جي ڪري اتي جا رهندڙ ماڻهو انهن ڌاڙيلن جي آنڪي ڀرڻ جي لاءِ مجبور آهن، انهن مجبور ماڻهن کي حڪومت جو ساٿ کپي، پر حڪومت جي سمجهه مطابق ته جيڪڏهن ڌاڙيل کي زميندار بڻايو ويو ته ڌاڙيل ڪلچر ختم ٿي ويندو، ايئن ڪڏهن به نه ٿيندو. جيڪڏهن ڌاڙيلن کي زمينون ملڻ شروع ٿيون ته هر روز سوين ڌاڙيل ان آسري تي پيدا ٿيندا ته حڪومت اڳتي هلي انهن کي به زمينون ورهائيندي.
انهيءَ سوچ کي سختيءَ سان رد ڪريون ٿا، حڪومت هلائڻ لاءِ قانون ۽ آئين جو سهارو وٺڻ کانسواءِ امن امان پيدا ڪرڻ مشڪل آهي ۽ ڏوهه کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ڏوهارين کي سزا جي عمل مان گذارڻ بنا جيڪڏهن رعايتون ڏنيون ويون ته ان جو منفي نتيجو ئي ملندو. سنڌ حڪومت عقل کان ڪم وٺي پنهنجا وسيلا استعمال ڪري، انهن ڌاڙيلن کي ختم ڪري، انهن جي سهولتڪارن کي قابو ڪري جيئن عوام سک جو ساهه کڻي سگهي. عوام ٽيڪس ان ڪري ٿو ڏئي ته جيئن کيس امن ملي سگهي. اهو فرض حڪومت جو آهي حڪومت پنهنجي فرض کي سمجهي ۽ اهڙي قسم جا عقل کان آري فيصلا نه ڪري.