شاعري خاص ڪري ٻن موضوعن تي تمام گهڻي لکي وڃي ٿي، جيڪي موضوع خاص آھن، انهن ۾ حب الوطني ۽ رومانيت هي ٻه موضوع اهڙا آھن جن تي سڀ کان وڌيڪ شاعري ٿي آھي/ٿئي ٿي. رومانيت سان گڏ حب الوطني ۽ حب الوطني سان گڏ رومانيت شاعريءَ جا سگهارا موضوع رهيا آھن. رومانوي شاعريءَ ڏي ڌيان ڏبو ته، هر شاعر وٽ رومانوي شاعري ملندي ۽ گهڻي مقدار ۾ ملندي. رومانوي شاعريءَ ۾ اُهو ڀلي پوءِ درد هجي، محبوب جا ناز و انداز هجن، يا جدائي بيوفائيءَ جا داستان، پر اُها اسان کي هر شاعر وٽ ضرور ملندي. تيئن ئي حب الوطني واري شاعري ڏي به ڌيان ڏبو ته تڏهن به اسان کي اُها هر شاعر وٽ ملندي، پوءِ ڀلي هئا انقلاب سان سرشار هجي، ڌرتيءَ جي حسين رنگن سان ھجي، غيرن جي خلاف بغاوت جي للڪار هجي يا ڌرتي ۽ ڌرتي واسين جي لاءِ دعا واري انداز ۾ هجي، پر اُها به اسان کي ضرور ملندي.
رومانيت ۽ حب الوطني جهڙن خوبصورت موضوعن تي سينگار هيءَ شاعري آھي طارق امام جوڻيجي جي، جيڪا شاعري اسان هيٺ هلي هن ڪتاب “انڊلٺي پيچرا” جي ذريعي پڙهنداسين. طارق امام جوڻيجي پنهنجي شاعريءَ وسيلي گهڻو ڪجهه ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آھي، ڌرتيءَ سان پيار، محبوب جي دردن سهڻ جي ڪيفيت، محبوب جي سڪ ۾ پچڻ، سماج جي سخت روين ۽ وارتائن سميت ڪيتريون ئي ڳالهيون پنهنجي شاعري وسيلي اظهاريون آھن. روايتي خيالن کان ويندي جديديت تائين هُن پنهنجي شاعريءَ ۾ گهڻو ڪجهه سٺو ۽ پڙھڻ لائق لکيو آھي. رومانيت سان گڏ حب الوطني جي سونهن به طارق امام جي شاعريءَ ۾ ڏسنداسين ته هُن حب الوطني جهڙي موضوع ۾ انقلابي انداز سان ڪيئن شاعري ڪئي آھي.
ڪيئن او ڪانئر توکي پنهنجا
ساوا گيت ۽ گهر ڏينداسين
ٻيٽ سمورا يا ڪارونجهر
ڪيئن ڪو توکي تر ڏينداسين
طارق امام جوڻيجي پنهنجي شاعريءَ ۾ حب الوطني جو اظهار انقلابي انداز سان ڪيو آهي، ڪانئرن کي لوڌڻ کان وٺي پنهنجي سر ڏيڻ تائين پنهنجي تخليق ۾ پوري طرح سان فڪري ۽ تخليقي سگهه اوتي آھي، طارق امام جوڻيجي جي شاعريءَ ۾ خاص رومانيت آھي، پر هُن ڌرتيءَ جي ڳُڻن کي به ڳايو آھي اُها ڳالهه تمام بهترين آھي. رومانيت خاص موضوع هوندي به طارق امام هر ٻين نه ته ٽين غزل ۾ ڌرتي ۽ ڌرتي واسين جو ذڪر ضرور ڪيو آھي ۽ رومانيت ۾ وري طارق امام جو اظهار اهڙو آھي جنهن ۾ هُن محبوب کي چاهه جي راهه تي گڏ هلڻ جي التجا ڪئي آهي.
اچ ته گڏجي هلون، چاهه جي راهه تي
هر گهڙي پاڻ ۾ ساهه ڏيون ساهه تي
چاهه جو چسڪيون اچ ڀري ڪجهه وٺون
ڀروسو ڪين آ ڪو مٺا ساهه تي
طارق امام جي هن غزل ۾ ساهه لفظ ٽي ڀيرا ورجايل آھي جنهن ۾ پڙهندڙ کي لڳي ٿو ته وٽس لفظن جي کوٽ آھي، پر ائين ناهي شاعريءَ ۾ ڪجهه شيون ڀلي ٽي ڀيرا ورجايل ڇو نه هجن، پر جيڪڏهن اُهي پنهنجي سونهن رکن ٿيون ته ڪو عيب ڪونهي، پر پوءِ به جيڪڏهن ڪنهن کي اعتراض آھي ته اُها سندس سوچ آھي، پر طارق امام جوڻيجي جي هن غزل ۾ لفظ جي ورجاءُ هوندي به سٺا خيال ۽ احساس سمايل آھن.
ايندي ويندي ڏسندو ڪر تون
مون سان ڪو پل کلندو ڪر تون
نيرڳ جهڙا سهڻا سائين
اکڙين ۾ بس! ترندو ڪر تون
ڀرپاسي ۾ منهنجي دل يا
اوسي پاسي رهندو ڪر تون.
روايتي شاعري پنهنجو دور کائي چُڪي آھي، يعني ائين کڻي چئون ته روايتي شاعري بي اثرائتي ٿي وئي آھي، پراڻن قافين تي لکڻ جو رجحان گهڻو به آھي ته ٿورو به، گهڻو انهن وٽ آھي جيڪي فن رکن ٿا ۽ ٿورو انهن وٽ آھي جيڪي تخليق رکن ٿا. ائين ناهي ته فن رکندڙ شاعرَ، شاعر ناهن، پر اُهي اڳتي هلي تخليقي جهان کان گم ٿي ويندا آھن. طارق امام جوڻيجي به ڪٿي ڪٿي روايتي انداز واري شاعري لکي آھي. جنهن روايتي شاعريءَ ۾ هڪ جهڙائي محسوس ٿئي ٿي، پر پوءِ به روايتي انداز سان هُن ڪٿي ڪٿي نواڻ به ڏني آھي.
اسان جي آھه کي ڦاسي
اسان جي ساهه کي ڦاسي
چُڪو پاڻيءَ جو ڪونهي ڪو
اسان جي واھه کي ڦاسي
طارق امام جوڻيجي سماجي مسئلن عوامي مسئلن کي به شاعريءَ ۾ لکيو آھي، غريبن جي حقن تي لڳندڙ ڌاڙن، مظلومن جي دانهن جي بيداديءَ تي خاموشي اختيار ڪندڙن کي ظالم چيو آھي. جيڪا ڳالهه طارق امام جي شاعريءَ کي کنيو بيٺي آھي، هونئن به ڪو هڪڙو پهلو شاعريءَ ۾ اهڙو ضرور هوندو آھي جيڪو پوري شاعريءَ کي خوبصورت بڻائي ڇڏيندو آھي. طارق امام جي تخليقن ۾ مٿين تخليق جيان حقيقت نگاري آھي، يقينن اڄوڪي دور ۾ آھه ۽ ساهه کي ڦاسي لڳل آھي، هن دور ۾ ڪڙو سچ لکندڙ ئي شاعر آھي، شاعر اهو آھي جيڪو دور جي عڪاسي ڪري دور جي ظالم کي وائکو ڪري دور جي مظلوم جي حمايت ۾ پنهنجي قلم کي وهائي اُهو ئي شاعر چئبو.
ڊائريءَ مان ڪلي نهاري ٿي
ياد تنهنجي اسان کي ماري ٿي
واسُ هر گل جو خوب هو ليڪن
دل ته تنهنجو سُڳنڌ ساري ٿي
تخليق ته اُها جيڪا نواڻ رکي شاعري نالو به اهڙي ئي شيءِ جو آھي جيڪا نواڻ ڏئي، پڙهڻ وقت ائين لڳي ته هيءَ تخليق آھي. مٿين غزل ۾ طارق امام نڪور خيال ارپيو آھي. ڪتاب “انڊلٺي پيچرا” جيڪو طارق امام جوڻيجي جي شاعريءَ جو بهترين ڪتاب آھي، جنهن جو مهاڳ سنڌ جي نامياري شاعر لکاري رجب آزاد لکيو آهي. طارق امام جوڻيجي جي غزلن تي مشتمل هي ڪتاب نئين دنيا پبليڪشن شڪارپور طرفان ڇپيو آھي..!
***