نئون

پاڪستان روس سان فوجي رابطا وڌائڻ چاهي ٿو: جنرل باجوا

پاڪستان جو آرمي چيف سرڪاري دوري تي روس پهچي ويو. جنرل باجوا روسي دوري دوران چيو آهي ته پاڪستان روس سان پنهنجا لاڳاپا وڌائڻ چاهي ٿو. آءِ ايس پي آر مطابق جنرل قمر جاويد باجوا سرڪاري دوري تي روس پهچي ويو آهي. جتي ڪريملن پيليس ۾ هن کي گارڊ آف آنر ڏنو ويو، ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا پڻ ڳايا ويا ۽  روس جي گمنام فوجين جي يادگار تي گل پڻ چاڙهيا ويا. دوري ۾ جنرل قمر جاويد باجوا جي ملاقات روس جي آرمي چيف ڪرنل جنرل اوليگ سليڪوف سان ٿي.جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ فوجي رابطن کي وڌائڻ ۽ پيشا وراڻي رابطن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي روسي فوج جي سربراه پاڪستان پاران دهشت گردي  خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جي ڪوششن جي ساراه ڪئي ۽ چيو ته روس پاڪستان سان فوجي رابطو وڌائڻ جو خواهش مند آهي. آرمي چيف جو چوڻ هو ته پاڪستان  به روس سان فوجي رابطا وڌائڻ جو خواهشمند آهي. پاڪستان خطي جي هالتن کي بهتر بنائڻ جي خواهش رکي ٿو ۽ ان سان گڏ علائقائي رابطي کي بهتر بڻائڻ جي به خواهش رکي ٿو. جڏهن ته گذريل ڏينهن ۾ روس به علائقي جي  حالتن کي بهتر بڻائڻ لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪيو آهي.